سنڌ ۾ انگريزن جون قائم ڪيل حُر ڪئمپون

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ ۾ انگريزن جون قائم ڪيل حُر ڪئمپون​


    [SIZE="5[COLOR="Blue"]"]گل محمد عمراڻي[/COLOR]

    جديد تاريخ ۾ Concentration (واڙيل) ڪئمپون، سڀ کان پهرين هڪ ظالم انگريز جنرل ڪچنر (Lord kitchner) ٻي بوئر جنگ (Boer war) ۾ هالينڊ کان آيل (Dutch) ڊچ ٻارن ۽ جون خلاف ڏکڻ آفريڪا ۾ قائم ڪيون. اها جنگ 1899ع کان 1902ع تائين وڙهي وئي، ان جنگ ۾ آخر ڊچ ڪامياب ٿي ويا. جنرل ڪچنر پاران اهي ڪئمپون انهيءَ ڪري قائم ڪيون ويون هيون ته اهي ٻار ۽ عورتون گوريلا جنگ ۾ پنهنجن مردن ۽ وڏن جي پٺڀرائي نه ڪن. (ويهه هزار عورتون ۽ ٻار انهن ڪئمپن ۾ مختلف بيمارين ۾ مري ويا هئا). ٻي جنگ عظيم کان اڳ ئي هٽلر جي نازي حڪومت 1933ع کان جرمني ۾ اهڙيون ساڳيون Concentration (واڙيل) ڪئمپون ٺاهي 60 لک يهودين کي صفحه هستي تان مٽائي ڇڏيو. هت اسان وٽ به 19هين صدي جي آخر ۾ حر تحريڪ جي آغاز کان وٺي، جنهن ۾ باقائده گوريلا طرز جي جنگي ڪارروائي سانگهڙ، ٿر ۽ ناري ۾ شروع ٿي، انگريزن اهڙيون بند ڪيمپون حر عورتن ۽ ٻارن لاءِ قائم ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون. افسوس ان حقيقت تي ٿئي ٿو ته هت پاڻ وٽ هن زبردست مزاحمتي تحريڪ تي گهڻو ڪري هڪ طرفو، جانبدار سرڪاري هئنڊ آئوٽ نما يا بلڪه Hand out جي معيار وارو مواد ملي ٿو. ڳچ معلومات جو ماخذ انگريز ”حر ڪمشنر“ مسٽر لئمبرڪ پاڻ آهي، جنهن جي باري ۾ پاڻ اڳ به ڪجهه عرض ڪندا رهيا آهيون. هينئر ڪجهه حر جماعت جي نوجوانن انهيءَ ڏس ۾ ڪافي مثبت تحقيق ڪئي آهي.

    تازو هڪ ڪتاب منهنجي نظر مان گذريو، جيڪو حر ڪيمپن جي ان وسريل موضوع تي شايد پهريون ڪتاب ئي آهي. ”جي گهارياسين بند ۾“. دراصل 2006ع ۾ شايع ٿيل انهن لوڙهن جي ٽن باندي ٻارن جون آتم ڪٿائون آهن، اهي ٽيئي ٻار، جيڪي هينئر خير سان پخته ۽ سن رسيده ٿي چڪا آهن، سي آهن الهورايو بهڻ، حاجي ولي محمد نظاماڻي ۽ حاجي گل محمد نظاماڻي. ڪتاب ۽ ريسرچ کي مرتب ڪندڙ، هڪ کاهوڙي تحقيق نويس ۽ تاريخدان استاد نظاماڻي آهي، جنهن حر تحريڪ ۽ مزاحمت تي چڱو ڪم ڪيو آهي ۽ ٻين ريسرچ ڪندڙن لاءِ به هڪ اتساهه ڏيندڙ عالم آهي. ٽن ليکڪن پنهنجين پنهنجين جنم ڪهاڻين کي ڪجهه اهڙي موثر ۽ ڳنڀير انداز ۾ ورجايو آهي ۽ ٽنهي دردناڪ وارتائن ۽ وارداتن ۾ هڪ ئي پيڙا ۽ ڪرب سمويل آهي. اها پيڙا ۽ ڀوڳنا هنن ٽنهي سابق باندين کي هڪ ئي رشتي ۾ ڳنڍي ٿي.

    ٽنهي باندي ٻارن لوڙهن ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ وري آخر ۾ وڃي استاد ٿي، شعبه تدريس ۽ تعليم سان وابسته ٿي ويا. سندن تحريرون اسان جي جديد تاريخ سنڌ ۾ آزادي جي جدوجهد ۾ خاص طور تي حر تحريڪ جي اثر ۽ پاڪستان جي قيام لاءِ سنڌ جي ڪردار جي موضوع تي هڪ حقيقي عوامي مستند ۽ بنيادي تاريخي ماخذ ۽ دستاويز آهن.

    هي ساروڻيون انگريز سامراج جي خلاف هڪ عوامي ايف آءِ آر آهن. سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ صورتحال اها آهي ته پاڪستان 14 آگسٽ 1947ع تي معرض وجود ۾ آيو ۽ انگريز سرڪار جي واپسي به ان سان گڏوگڏ ٿي، پر هي حر ڪئمپون وڏن جي نشاني طور سال 1952ع تائين قائم ۽ دائم رهيون، ائين ڇو ٿيو؟ ڪيڏانهن ويا هئا اسان جا حريت پرست، آزادي جا متوالا رهبر؟ اهي ڪيمپون هڪ مذموم ۽ ڪاري قانونCriminal tribes act هيٺ قائم ڪيل هيون، (جيڪو قانون اسان کي 1985-1975ع تائين به روينيو جي ڪليڪٽري امتحان کي پاس ڪرڻ لاءِ پڙهايو ويندو هو!) اهو غير انساني، نسل ڪش قانون لارڊ بينٽنڪ جي وقت ۾ 18 هين صدي ۾ امير علي ٺڳ جي دهشتگرد Thuggi تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ انگريزن U.P ۽ C.P ۾ ٺاهي ۽ نافذ ڪيو هو. هيءَ تحريڪ ڪالي ديوي جي پوئلڳن جي هئي. حر نه ڪالي ديوي جي لاءِ پئي وڙهيا ۽ نه انهن جو مقصد عوام کي ستائڻ هو. جيڪڏهن انگريزن کي ڪنهن گوريلا جنگ ۾ للڪاريو ته اهي هي مرد مجاهد هئا، باقي لاطيني آمريڪا، آفريقا ۽ هندستان جون جيڪي مزاحمتي گوريلا جنگيون ٿيون، هيءَ تحريڪ انهن جي اڳواڻ، سرواڻ ۽ مهندار هلچل آهي. ڪانگريس جي گوريلا ليڊر ۽ مهان رهنما بابو سڀاش چندر بَوس به هن تحريڪ کي مڃتا ڏني ۽ هن جي افاديت کي ڏسندي پاڻ آزاد هند فوج کي ٿائلينڊ ۽ سنگارپور ۾ وڃي منظم ڪيائين.

    انگريزي حر ڪيمپون سنڌ ۾ 1895ع کان جانب جي ڍوري کان شروع ٿي آخرڪار 1952ع ۾ بند ڪيون ويون، مطلب ته پورا 5 سال پاڪستان ۾ به هزارين حر مرد، عورتون، ٻار جنگي قيدين جيان قيد و بند جون عقوبتون سهندا رهيا. الهورايو بهڻ، جيڪو هينئر هڪ ڄاتل سڃاتل اين جي او ورڪر آهي، پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ هڪ محروم، مظلوم ۽ قيدي ٻار رهيو آهي. هن جي وارتا پڙهي اکيون آبديده ٿيو وڃن. ڪيڏي نه حساسيت آهي هن جي قلم جي نوڪ ۾، پاڻ هڪ هنڌ لکي ٿو ته، ”اسان ٻارن خواهه اسان جي مائٽن کي ٻاهرين دنيا جا ماڻهو عجيب شڪ جي نگاهن سان ڏسندا هئا، انهن ماڻهن کي سامراجي شايد اهو ٻڌايو هو ته اسين چور، قاتل ۽ ڌاڙيل آهيون! پر جڏهن هو اسان جي مائٽن کي حق حلال جو پورهيو ڪندي، ساڳي ٻولي ٻوليندي ڏسندا هئا، تڏهن سندن شڪي چهرن تان اوپرائپ جون ليڪون آهستي آهستي غائب ٿي وينديون هيون، مگر اهي ٻاهريان همدرد ماڻهو به اسان جي قيد و بند جي جهان بابت خاموش هوندا هئا، شايد اهي آزاد انسان سامراج جي ڪنهن اڻ ڏٺي پنجوڙ ۾ قابو هئا“. هڪ ٻيو باندي ٻار ولي محمد نظاماڻي به عجيب ڪهاڻي بيان ڪري ٿو، هن جي امڙ کي انگريزي ڪاري پوليس پنهنجن ٻچن کان زوري جدا ڪري هڪ ٻي ڪئمپ ۾ موڪلڻ جي احڪامات جي تعميل هيئن ڪرائي ٿي. اهو دل کي ڏاريندڙ منظر هن معصوم قيدي جي واتان ٻڌو: ”ٿوري دير بعد پوليس گاڏي آئي، امان کي ان ۾ ويهاريائون، اسان کي الڳ ڪيائون، امان ان وقت بلڪل نه رُني، ڀاڪر پائي موڪلايائين، هڪ معصوم ٻار ماءُ جي جدائي ۾ ڪهڙي ڪيفيت ۾ هوندو، جيستائين گاڏي اکين اڳيان گم نه ٿي وئي، تيستائين پوليس جي گاڏي کي ڏسندا رهياسين. موڪلائڻ وقت مون کي ٿورو ياد آهي ته امان اسان کي چيو هو ته، ”بابا توهان هلو، مان انگريزن کي بستر کڻائي، هن ملڪ مان روانو ڪري، جلدي توهان وٽ ايندس“، مون کي انهيءَ آٿت تي آسرو ٿيو ته واقعي امان انگريزن کي پنهنجي ملڪ ڏانهن موڪلڻ لاءِ بسترا کڻائڻ وئي آهي، سا جلدي موٽي ايندي“. ولي محمد نظاماڻي هڪ جاءِ تي لکي ٿو ته، ”ڪڏهن ڪڏهن حر ڪيمپ ۾ ڪو خيرات جي ديڳ لاهيندو هو ته مان ٿانوَ کڻي اتي پهچي ويندو هئس، جيئن غريبن جا ٻار اڄڪلهه ڪندا آهن، ڪڏهن ته ماڻهو رحم ڪري ٿورا چانور ڏيندا هئا، ورنه ڌڪا ملندا هئا. خيرات جو ڀت به نصيب نه ٿيندو هو“. آخر ۾ ٽئين معصوم باندي گل محمد نظاماڻي جا جذبات به پڙهو: ”انگريزن ”ونگي“ خاصخيلي واري ڪيمپ کي گهلپور ڪيمپ سان ملائي ڇڏيو، جيڪي لاڳيتو ٻه ڪيمپون هيون، انهيءَ ڪيمپ ۾ هزارين انسان، ٻار، ٻڍا ۽ عورتون مري ويون. روزانو ٽيهه پنجٽيهه ماڻهو مرندا هئا، جن کي دفن ڪرڻ وارو به ڪير ڪو نه هوندو هو. ويچاريون ضعيف عورتون، ٻڍڙا قبرون کوٽيندا هئا ۽ لاش دفن ڪندا هئا، ڇا جو ميت کي غسل، ڇا جو ڪفن يا بس عجيب بي ڪسي ۽ بيوسي جو دور هو“! وڌيڪ ڇا لکجي[/SIZE]!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو