مست
سينيئر رڪن
هڪ ڀيري ڪاڪو آچار ٻنيءَتي سخت محنت سان هر ڏئي واپس گهر پهتو، هٿ منهن ڌوئي پنهنجي گهر واري کي چيائين۔۔۔ ڀاڳ ڀري۔۔ ماني کڻي آءُ۔۔۔ کنيو پئي اچان۔۔ جواب مليس۔۔ ڪاڪيءَ ماني کڻي اچي اڳيان رکيس۔۔ ڪاڪو آچار پڇڻ لڳو، ڇو ڀلا اڄ دال چاڙهي اٿئي۔۔؟ ٻي ڪا ڀاڄي ڪانه ٿي ملئي جو 3 ڏينهن کان رڳو دال۔۔ اهو ڪر جو ماڻهو اڳتي منهنجي ڀرسان بيهي سگهن۔۔۔ ڪالهه به اوطاق تي ويس ته سڀ نڪ تي هٿ ڏئي ڀڄي ويا، همُو، عاشق، رنجيت، اڪيلو ڇڏي ڀڄي ويا۔۔ اصل چانهه به ڪونه پيتن۔۔“
مئا، ڪجهه ڪمائي ايندين ته گوشت يا ٻيو ٻوڙ پچايون نه۔۔۔ رڳو ٿئي اوطاق جي سوچ، جيئن ٻنيءَتان موٽين ٿو سڌو اوطاق ڏي منهن ٿئي، گهران آخر ڪيترو کارائيندين ۔۔ هاڻي ته پپنو به انهيءَڪري ڪراچي ڀڄي ويو ٿئي متان بابو بک ماري۔۔“
ڇڏ هاڻي ڇڏ انهيءَڳالهه کي، وڃي پاڻي ڀري آءُته گڏ ماني کايون۔۔۔
اڃان ڪاڪي آچار مانيءَڏانهن هٿ وڌائڻجي ڪئي ته در ٻاهران سڏ ٿيس۔۔۔۔ هو ڪاڪا آچار هو هوئي، ويٺو آن گهر با۔۔۔
پڪ سان اهو رنجيت رام رکيو هوندو۔۔۔ نڀاڳي کي هن وقت اچڻو هو، هڪ گهر ۾دال ٻيو وري رنجيت ٻائيتال۔۔۔
خير وري ڪاڪيءَ کي سڏ ڪري چيائين۔۔ هاڻي ٻڌ، گهر ۾ٻيو کائڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي، دال آهي، هاڻي مهمان جي اڳيان اها ڳالهه ظاهر ڪبي ته اصل هڙ هلي ويندي۔۔ سو هڪ حل اٿئي، مان رنجيت کي سڏي کٽ تي ويهاريان ٿو، تون رڌڻي ۾ ٿانءُ جو ٺڙڪو ڪجان، مان پڇندس ڇا ٿيو، تون چئجان ٻڪري جي برياني هارجي وئي، وري ٿوري دير کان پوءِٺڙڪو ڪجان، آءُپڇندس ڇا ٿيو، تون چئجان ڪڪڙ جي ڪڙاهي هارجي پئي۔۔۔ پوءِ بس تون دال کڻي اچجان۔۔ ايئن عزت بچي ويندي۔۔
اهو ٻڌي ڪاڪي ماني کڻي واپس رڌڻي ۾هلي وئي۔۔
ڪاڪو ٻاهران رنجيت کي وٺي، اندر آيو کٽ تي ويهاريائينس، پاڻي ڀري ڏنائينس۔۔
وري رنجيت کي صلاح ڪندي چيائين۔۔ بابلا رنجيت تون ته اڄ صفا ڀلي ٽائيم تي آيو آهين، اڄ ته گهر ۾ ڪڪڙ جي ڪڙاهي، ٻڪري جي برياني تيار ٿي آهي، اڄ تنهنجي ڀلي دعوت ٿيندي۔۔
اهو ٻڌي رنجيت چيو۔۔۔۔ ”ڪاڪا آچار بس اڄ ته گوڏا کوڙي کائبو، بسمه الله ڪر ڪاڪا دير نه ڪر، کڻي آءُ، اهڙن سٺن کاڌن جا نالا ٻڌي اصل بک اوج تي اچي پهتي آهي“
ڪاڪي چيو ها ۔۔ ها۔۔ ڇو نه بس هاڻي۔۔“
رڌڻي ۾ کڙڪو ٿيو۔۔ ڪاڪي آچار پڇيو۔۔۔”او ڀاڳ ڀري ڇا ٿيو۔۔!
ڪاڪيءَجو آواز آيو
”مُئا ۔۔۔ هئي به هڪڙي دال جي ڀاڄي۔۔۔ سابه هارجي وئي۔۔۔۔۔
۔۔۔