قبيلائي جهيڙن کي سنڌ جي قومي ايجنڊا طور کڻڻ گهرجي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    قبيلائي جهيڙن کي سنڌ جي قومي ايجنڊا طور کڻڻ گهرجي​

    اقبال ملاح
    سول اسپتال حيدرآباد ٻاهران فٽ پاٿ تي رات جو 40 کان وڌيڪ بزرگ عورتون بي سهارا ننڊ ۾ ستل نظر اچن ٿيون، هاڻ کين ڳوٺن جون رڳو يادگيريون رهيون آهن، ورهه ٿيا جو هو پنهنجن ڳوٺن ڏانهن ناهن ويون، وڏا ويڙها، ڀليون مينهون ۽ سرنهن جي ڦلهار هاڻ اهي سڀ ڳوٺاڻيون رونقون ماضيءَ جا قصا بڻجي ويون آهن، انهن عورتن لاءِ جن کي هاڻ گاڏين جي گوڙ ۾ به گهري ننڊ اچي وڃي ٿي، صبح جو هو اٿڻ شرط خيرات وٺن ٿيون ۽ ماني جا ٻه ڳڀا به سولا رڳو ان ڪري نه ٿيون کائن ته کين ميرن نوٽن جي هي ڳنڍ ڪنهن کي ڏيڻي آهي، هي ڪهاڻي ۽ ان جا ڪردار ڪيترن ئي ماڻهن جي اک ۽ ليکڪن جي قلم کان لڪل آهن، اهڙين بزرگ عورتن بابت اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو ته رات جو فٽ پاٿ تي سمهڻ ۽ ڏينهن جو خيرات گهرڻ واريون اهي سنڌ ڄايون، حيدرآباد رڳو ان ڪري پهتيون ته سندن پٽ، ڀائر ۽ رت جا ٻيا رشتا قبائلي جهيڙن، ڪاروڪاري، ڌاڙن ۽ ڦرن جي وارداتن جهڙن ڏوهن ۾ گرفتار ٿي سينٽرل جيل حيدرآباد پهتل آهن، اهڙن باندين جن جا پويان ڪي مرد وارث نه هئا، تن جون وڏڙيون پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي ان ڪري اچي حيدرآباد پهتيون ته جئين هو جيل ۾ باندي بڻيل پنهنجن جي وارثي ڪري سگهن، سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا ڪردار ملندا جن جا خاندان قبائلي جهيڙن ڪري تباهه ۽ برباد ٿي ويا، اسان وٽ موت سستو ۽ زندگي مهانگي ٿي وئي آهي، انصاف جا در بند آهن ۽ سنڌ پاٿاريدارن ۽ سردارن حوالي ڪئي وئي آهي جن ماڻهن کي بردارين ۾ ورهائي ۽ ويڙهائي غريب ماڻهن جي زندگي کي قيدي بڻائي ورتو آهي، اخبارون پڙهجن ٿيون ته اخبارن جو اڱڻ رتائن خبرن سان ڀريل آهي، سنڌ ڄڻ ڪوس گهر بڻجي وئي آهي، هر ڏينهن ڪا ٻڍڙي عورت پنهنجي جي لاش تي ماتم ڪري ٿي ۽ سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن فٽ پاٿ تي ڪا اڇي مٿي واري ٻڍڙي ماءُ خيرات گهري ٿي ۽ جيل ڏانهن سيڌو موڪلي ٿي.

    ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ سنڌي ٽي وي چينل تي سنڌ ۾ قبائلي جهيڙن بابت مذاڪرو ٿيو هو مذاڪري ۾ پروفيسر لياقت عزيز ۽ مون کي مهمان طور گهرايو ويو، تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي اها ساراهڻ جهڙي ڳالهه آهي ته ميڊيا سنڌ جي حساس مسئلن تي نظر رکيو ويٺي آهي، اسان کي رڳو واقعا رپورٽ نه ڪرڻ گهرجن سنڌ جي حساس معاملن تي گهرائيءَ سان وڃي انهن جا اصل سبب ۽ حل ڏسڻ گهرجن، ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌ ۾ ڍهندڙ سرداري نظام ۽ نسلي ۽ قبائلي تڪرار ۽ جهيڙن پٺيان اهي هٿ آهن، جن هٿن کي اسان پاڻمرادو صحافتي بندشن کي نظر ۾ رکندي ڳجها هٿ چوندا آهيون، جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي عوامي ۽ جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ ملڪ مٿان مارشل لا هڻي آمر ضياءُ الحق جي حڪومت مڙهي وئي ته سنڌ پاڪستان جو واحد صوبو هو، جنهن سياسي مزاحمت جو اظهار ڪيو 83 ۽ 86 جون تحريڪون رياستي جبر خلاف عوامي بغاوت جيان اڀري اٿيون، جنهن جي سزا پاڪستان جي رياست ۽ ان جي ادارن سنڌ کي اها ڏني ته شهرن ۾ نسل پرست جماعتن کي هٿ سان پيدا ڪري انهن کي هٿياربند ڪيو ويو ۽ سندن بندوقن جا رخ ڌرتي ڌڻين ڏانهن ڪيا ويا، نسلي جهيڙن جي نتيجي ۾ ٿيل سنڌ جو نقصان ڪڏهن به وسري نٿو سگهي، ٻهراڙيون ڌاڙيلن حوالي ڪيون ويون ۽ قبائلي جهيڙا ۽ تڪرار وڌائي گهر کي گهر ۽ ڳوٺ کي ڳوٺ سان ويڙهايو ويو، سڄي سنڌي سماج کي پرتشدد بڻايو ويو، بي پناهه هٿيار سنڌ ۾ آندا ويا، هاڻ ته پاڻي جي واري تي به ڏند چڪ ٿئي ٿو ته راڪيٽ لانچرن سان ماڻهو جهيڙي لاءِ نڪري اچن ٿا، مون کي ياد آهي ته هڪ سينيئر سياستدان پنهنجي انٽرويو ۾ هٿيارن جي اهڙي چرپر پٺيان ”مهربانن“ کي ذميوار قرار ڏنو هو، ضياءَ جي دؤر ۾ پيدا ٿيل اهو ناسور هاڻي سڄي سنڌي سماج ۾ ڦهلجي چڪو آهي، اتر سنڌ جا سڀ ضلعا قبائلي تڪرارن جي باهه ۾ سڙن ٻرن ٿا، پوليس جو نظام مفلوج بڻيل آهي، اتر سنڌ جي ڪنهن صحافي ٻڌايو پئي ته هڪ ايس ايڇ او جي فائرنگ ۾ ڪو ڏوهاري قسم جو ماڻهو مارجي ويو، ان ايس ايڇ او کي اهڙو ته سوڙهو ڪيو ويو جو هن جرڳي ۾ معافيون وٺي ڏنڊ ڀري جان ڇڏائي. ايماندار ڊي پي او رکجن ٿا ته اهي چون ٿا ته کين اختيار مليل ناهن جو هو ڪنهن وڏي ماڻهو ۾ هٿ وجهي سگهن، هر وڏي ماڻهو جا مٿين سان رابطا آهن ۽ غريب ماڻهو ٻنهي پاسن کان پيو ٿو مري، نالا رپورٽ نه ڪرڻ واري شرط تي قبائلي تڪرار جا جرڳا ڪندڙ هڪ بااثر سردار انساني حقن لاءِ پتوڙيندڙ ڪنهن اڳواڻ کي ٻڌايو هو ته قبائلي تڪرارن ۾ جيڪي بااثر ڌريون ملوث آهن، تن سڀني جي ڏور ڪنهن هڪڙي هٿ ۾ آهي، وڙهن برادريون ٿيون، پر هٿيار پهچائيندڙ ساڳيا آهن، غريب ماڻهو مارجن ٿا ۽ بااثر ماڻهن جي وار کي به ڪا لهس نٿي اچي، سنڌي سماج جي تباهي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو جو سنڌ ۾ هر مهيني 50 کان وڌيڪ عورتن کي ڪاروڪاري ڪري يا گهريلو تشدد جي نتيجي ۾ ماريو وڃي ٿو، ائين خاموش طريقي سان ڄڻ سنڌي سماج کي جنگ جي حالتن ڏانهن ڌڪيو ويو آهي، اخبارن جون خبرون ته حڪومت ۾ ويٺل اسان جا دوست به پڙهن ٿا، پر اها سنجيدگي نظر نٿي اچي، جنهن جي اڄ سنڌ کي ضرورت آهي، منهنجو ته خيال آهي ته سنڌ حڪومت کي قبائلي جهيڙن ۽ سنڌ ۾ هلندڙ خونريزيءَ جو ان حد تائين نوٽيس وٺڻ گهرجي جو جن ضلعن ۾ ان قسم جا واقعا ٿين ٿا، خود سنڌ جو وڏو وزير ۽ گهرو معاملن وارو وزير پاڻ ڪيمپ هڻي ان ضلعن ۾ ويهي رهن ۽ جيستائين اهو ناسو ختم نٿو ٿئي، هو لاڳيتو هڪ ايجنڊا طور ان معاملي کي پاڻ ڏسندا رهن، ڇو ته قبائلي جهيڙا به ضياءَ جي باقيات آهن ۽ هو پاڻ چون ٿا ته هو ضياءَ جي باقيات سان وڙهڻ چاهين ٿا.

    اسان جي معاشري ۾ ان حد تائين بگاڙ پيدا ٿي ويو آهي جو هر شهر ۾ ڪارن شيشن واريون گاڏيون بغير نمبر پليٽ جي نظر اچن ٿيون، نمبر پليٽ بجاءِ ذاتيون ۽ ٻيا نالا لکيل هجن ٿا، گاڏين ۾ ڪير ويٺو آهي ۽ ڪهڙي چرپر پئي ٿئي، مجال آهي جو ڪير انهن کان پڇي سگهي، انتظاميا جي ايڏي ڪمزوري ۽ حڪمرانن جي ايڏي بيوسي جو هو گاڏين جي نمبر پليٽ به نٿا هڻائي سگهن ته هو ڏوهارين جي ٻانهن ۾ هٿ ڪيئن وجهي سگهندا، ڪيترائي سوال هجن ٿا ۽ ماڻهو اهو سمجهي چپ ٿي وڃن ٿا ته هي پنهنجن جي جمهوري حڪومت آهي، کين ايترو تنگ يا سوڙهو نه ڪيو وڃي، جو وري هي حڪومت 5 سال پورا ڪرڻ کان اڳ ئي هلي وڃي يا ڪنهن آمر جو اقتدار ۾ اچڻ لاءِ رستو نه کلي پوي. ها جمهوريت عظيم ٿئي ٿي، جمهوريت مٺي ميوي جيان آهي، پر عوامي راڄن جي ان ڪري حمايت ڪئي ويندي آهي ته اهڙي جمهوري طرز حڪومت ۾ ڏوهارين جا گهٽ سوڙها ٿيندا آهن ۽ عوام کي رليف ملندو آهي، حڪومت کي هر صورت ۾ عوام کي رليف ڏيارڻ گهرجي، جن جن ضلعن ۾ قبائلي تڪرار ٿين ٿا، اتان هٿيارن کي هٿ ڪيو وڃي، هٿيارن جي رسد بند ڪئي وڃي، جنهن علائقي ۾ ڪي 2 برادريون وڙهن ٿيون ته ڏوهاري ماڻهن کي گرفتار ڪري سردار ۽ اتان جي چونڊيل نمائندن کي پابند بڻايو وڃي ته جي ان تڪ ۾ ڪا خونريزي ٿي ته سڌي ايف آءِ آر سردار ۽ ان چونڊيل عيوضين مٿان داخل ٿيندي، سنڌ ۾ قبائلي جهيڙن جي هڪ وڏي درد ڪهاڻي آهي، سنڌ جي سمورن سياسي پارٽين، اديبن، دانشورن ۽ صحافين کي قبائلي تڪرار روڪڻ لاءِ ان معاملي کي ايجنڊا تي رکي ”قبائلي تڪرار سنڌ لاءِ ڪاريهر نانگ برابر آهي“ وارو نعرو هڻي ان خلاف هر سطح تي مزاحمت ڪرڻ گهرجي.
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: قبيلائي جهيڙن کي سنڌ جي قومي ايجنڊا طور کڻڻ گهرجي

    تمام سٺي ونڊ ڪئي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو