• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شبِ برات جي مناسبت سان ( آئي رحمتن جي رات )

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
شبِ برات جي مناسبت سان ( آئي رحمتن جي رات )​


ذوالفقار خاڪي

اڄ شبِ برات آهي، يعني مغفرت جي رات، هڪ اهڙي رات، هڪ اهڙو سونهري موقعو اوهانکي رب پاڪ اوهانجي زندگي ۾ عطا ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ صرف سچي دل ۽ صاف نيت سان مالڪ مهربان کان جيڪو ۽ جيترو به طلب ڪندا، ملي ويندو. شبِ برات، جنهن کي ليلته البرات ڪوٺيو ويو آهي، ان جون سچ ته کوڙ ساريون فضيلتون ٻيون به آهن، مثال طور هن ۾ موت جو وقت لکيو وڃي ٿو ته ان مناسبت سان جيڪي بيمار رهن ٿا، جن جي صحت سٺي نٿي رهي، يا جن کي خوف آهي ته ڏٺل يا اڻ ڏٺل دشمن کان ڪو جاني نقصان پهچي سگهي ٿو يا ڪنهن وقت اوچتو ڪو حادثو رونما نه ٿي وڃي ته اهڙي خوف واري سوچ رکندڙن لاءِ به اڄوڪي رات موقعو فراهم ٿي ڪري ته اهي الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ حاضر ٿي پنهنجي صحتمند زندگي لاءِ دعائون گهرن هن ڀلاري رات ۾ انسان جيڪڏهن پاڪ صاف ٿي الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ دعائن، نمازن، مناجات ۽ تسبيحات جو سلسلو جاري رکي ته بهتر آهي، جو ان سان اڄوڪي رات جون سڀ فضيلتون ۽ عنايتون ميڙڻ ۾ ڪاميابي نصيب ٿئي.

شبِ برات جي فضيلتن جي باب ۾ علم ۽ فهم جي صاحبن تمام گهڻو لکيو آهي، جن جو مطالعو ڪرڻ سان هن رات جي اهميت ۽ خاصيت اڃان به وڌيڪ واضح ٿي وڃي ٿي. شبِ برات جي فضيلتن بابت مولانا شاهه احمد رضا خان بريلوي هڪ خط ۾ پنهنجي هڪ عقيدتمند کي لکيو ته، ”شبِ برات ويجهي آهي، هن رات سمورن بندن جا اعمال بارگاهه خداوندي ۾ پيش ٿيندا آهن. رب العالمين گناهه معاف فرمائي ٿو، پر اهي ٻه مسلمان، جيڪي هڪ ٻئي سان رنجش رکن ٿا، تن لاءِ فرمائي ٿو ته انهن کي رهڻ ڏيو، جيستائين پاڻ ۾ صلح ڪري وٺن، هڪ ٻئي جا حق ادا ڪن يا معاف ڪرائي وٺن ته جيئن اعمال نامه انهن ڳالهين کانسواءِ، رب تعاليٰ جي حضور ۾ پيش ٿين. الله رب العالمين جي حقن لاءِ توبهه صادق ڪافي آهي“. هن خط ۾ اوهان ڏٺو ته هڪ ٻئي سان رنجشون انسان لاءِ رڪاوٽون پيدا ڪن ٿيون، ان لاءِ اڄوڪي ڀلاري رات جي نروار ٿيڻ کان پهرين هڪ ٻئي سان رنجشون ختم ڪريو، معافي تلافي بعد صاف دل سان دوستن جي انداز ۾ اوهان پاران هڪ ٻئي لاءِ گهريل دعائون قبول پونديون، گڏوگڏ ان ۾ انسان جي ازلي دشمن، يعني شيطان جي به شڪست آهي، جو سچ ته ٻن ماڻهن کي ويڙهائڻ جو ته ڪم ئي شيطان ٿو ڪري. شبِ برات جي فضيلت عيان ڪرڻ جي مقصد خاطر حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحه فرمايو آهي ته، ”انهيءَ رات ڪيتريون ئي قبرون کوٽيون ويون ۽ قبر وارو پنهنجي سرور ۽ سڪون ۾ آهي. هن رات ڪيترائي ڪفن ڌوپجي ويا ۽ ڪفن وارو بازار ۾ بي خبر گهمي رهيو آهي. هن رات ڪيترائي گهر ٺهي راس ٿيا، گهر واري جو موت ويجهو اچي ويو، هن رات ڪيترائي ماڻهو ملڪ ۽ حڪومت جا تمنائي آهن، مگر انهن جي تباهي ۽ برباديءَ جو فيصلو ٿي وڃي ٿو، هن کان اڳ جو اها رات اسان کي ٻيهر ڏسڻ نصيب نه ٿئي“.

حضرت عمر فاروق رضه روايت ڪن ٿا ته، ”رسول الله صه جن فرمايو ته، ”الله تعاليٰ نصف شعبان جي رات پنهنجي سموري مخلوق کي بخش ڪري ٿو ڇڏي، مگر مشرڪ، جادوگر، ڪينه پرور، شرابي، وياج خور، بخيل، والدين جو نافرمان، رحم کان خالي شخص محروم رهندا، جيستائين اهي سچي توبه نه ڪري وٺن“. (مسند احمد). جيڪڏهن اسان منجهان ڪو شخص انهن ذڪر ڪيل خرابين ۾ مبتلا آهي، ته هُن کي اڄوڪي رات خدا تعاليٰ جي بارگاهه ۾ سچي توبهن ڪري انهن عيبن کان خود کي پاڪ ڪرائڻ گهرجي، جو سچ ته زندگي جو اصل لطف ئي پاڪائي ۾ آهي. شبِ برات جي فضيلتن ۾ اهو به آيل آهي ته اُم المئومنين حضرت سيده عائشه صديقه رضه فرمائين ٿيون ته، ”مون هڪ رات ڏٺو ته سرور ڪائنات حصور صه جن بقيع پاڪ ۾ مونکي ملي ويا، فرمايائون ته بيشڪ الله تعاليٰ شعبان جي پندرهين رات قبيله بني ڪلب جي ٻڪرين جي وارن کان به وڌيڪ گناهگارن کي بخشي ڇڏي ٿو“. (ترمذي شريف جلد 2).

ماهه شعبانِ معظم، جنهن ۾ شب برات آهي، اُن جي آمد تي امام زين العابدين عه پنهنجي اصحاب کي گڏ ڪندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته، ”اي منهنجا اصحاب! اوهانکي خبر آهي ته هي ڪهڙو مهينو آهي، هي شعبان جو مهينو آهي ۽ رسول صه فرمائيندا هئا ته هي منهنجو مهينو آهي، سو ان ۾ روزا رکو، پيغمبر صه جي محبت لاءِ ۽ پنهنجي پروردگار ڏانهن تقرب جي لاءِ“. اهڙي عظيم الشان مهيني ۾ اڄ 14 شعبان المعظم جو سج غروب ٿيڻ جو سفر شروع ڪري چڪو آهي ۽ بس سج غروب ٿيندي ئي اها رحمتن، بخششن ۽ عنايات خداوندي جي بارشن سان ڀرپور رات به نروار ٿيڻ واري آهي، سو مومنين ڪرام اڄوڪي رات اسان لاءِ خدا تعاليٰ جي بارگاهه ۾ سر بسجود ٿي، رب العالمين کان پنهنجي مقدر سنوارڻ جو سامان طلب ڪرڻ جو هڪ سونهري موقعو کڻي آئي آهي ۽ اسان کي هن موقعي مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ پاڪ صاف ٿي الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ حاضر ٿي دعائن، نمازن ۽ مناجات وسيلي رب پاڪ جون رحمتون ماڻڻ گهرجن، شبِ برات جو هي موقعو سچ ته رب العالمين جي بارگاهه ۾ اسان لاءِ حاضري ۽ دعا جو هڪ بهترين وسيلو آهي. اڄوڪي رات رب تعاليٰ پاڻ اسان لاءِ رحمتن، بخششن ۽ مغفرتن جا خاص در کولي ڇڏيا آهن.


”لک بسم الله ساڊي ويڙهي آئي شبِ برات
رب دي رحمت، بخشش دي اج وسڻي اي برسات“.​
 
Back
Top