اسلام عليڪم دوستو۔ هر ماڻهو جي اها خواهش هوندي آهي ته هو نوڪري سان گڏوگڏ پنهنجي تعليم کي به جاري و ساري رکي، پوءِ وري سوچيندا آهن ته ڪهڙي يونيورسٽي ۾ پڙهجي، ڪيئن ٽائيم ڪڍجي، ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وغيره وغيره جهڙا سوال ذهن ۾ اڀرندا آهن۔ اهڙن دوستن جي لاءِ آءُ توهان کي صلاح ڏيندس ته گهرويٺي تعليم جنهن کي انگريزي ۾ Distance Learning چئبو آهي حاصل ڪري پنهنجي تعليم، وقت ۽ پئسي کي سٺي نموني سان بچائي سگهو ٿا۔ انهي جي لاءِ هر سال علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي لاهور وار هر سال ۾ چار ڀيرا داخلائن جو اعلان ڪندا آهن، علامه اقبال جي ڀيٽ ۾ ورچوئل يونيورسٽي جو پڙهائڻ جو انداز آسان، سستو ۽ بهترين آهي، هن جا پنهنجا چار ٽي وي چينل آهن ۽ وڊيو ليڪچر جون سي ڊيز ۽ ٻيو مواد توهان VU جي دوڪان تان يار وري يوٽيوب ته حاصل ڪري سگهو ٿا۔ ان دوستن کي صلاح ڏيندس ته توهان پنهنجي قيمتي وقت جو قدر ڪريو ۽ نوڪري سان گڏوگڏ پنهنجي تعليم کي جاري و ساري رکو۔ وڌيڪ تفصيل لاءِ توهان هيٺ ڏنل ويبسائيٽ وزٽ ڪريو علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ورچوئل يونيورسٽي
جواب: گهر ويٺي تعليم وهاب اهڙي بهترين شيئرنگ لا۽ اصل قرب ادا توهان جي اهڙي شيئرنگس جي ڪري ئي ته توهان جي ياد ايندي هئي سدائين گڏ
جواب: گهر ويٺي تعليم فقير سائين توهان جي مهرباني جو توهان کي منهنجي ياد ته ايندي هئي ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه جي ڪري۔
جواب: گهر ويٺي تعليم مٺا ممتاز مون سوچيو هو ته هن اوطاق تي آيل رُڪن، مونکان ڪجهه پڇن ته مان انهن جي داخلا جي مسئلي کي آسان کان آسان بڻاياڻ ۽ جلد از جلد انهن جي داخلا ڪرايان پر هتي ته سڀ لڪير جا فقير آهن۔ رڳو سکڻيون تعريفون ٿا ڪن، باقي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟
جواب: گهر ويٺي تعليم ادا تمام بهترين معلوماتي اصلاحي صلاح آهي ڀلائي جو ڏس آهي الله تعالى اوهان کي ان ڀلائي طرف ڏس ڏيڻ جو اجر عطا فرمائيندو۔