جواب: جيو ممتاز جيو
انکي چوندا آهن عشق هزاري ۔۔۔ جيتوڻيڪ حساب ڪتاب ڪرڻ ته نه گهرجي جو پيار ۾ ڪهڙا حساب، باقي جهڙو آهي ممتاز جو نالو تهڙو آهي سندس جو ڪم، آءُ ته ليک ڏسي ئي سمجهي ويندو آهيان ته اهو پڪ سان ممتاز جو ئي موڪليل ليک هوندو ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته چڱان ڪن چڱايون ۔۔۔
ڀائڙا ممتاز اوهان طرفان ونڊ ڪيل سڀ ليک ڪارائتا، معلوماتي ۽ مزيدار هوندا آهن ۔۔۔ اوهان جي شخصيت ۾ پڻ لائجي ته نڀائجي وارو گڻ موجود آهي، جنهن سبب اوهان جي” ياري“ دوستن لئه خوشيءَ جو سبب ٿيندي هوندي۔
سنڌ سلامت تي اوهانجو ڪيل ڪم بي مثال آهي ۽ اميد ته ايئن ئي سنڌ ۽ سنڌ سلامت جي پيار ۾ رنڱيل رهندا ۽ اسان کي پنهنجي سهڻي اخلاق ۽ خلوص سان سرشار ڪندا ۔۔۔
اوهان لئه صرف اهو چئبو ته ممتاز جي شخصيت اهڙي مٺڙي آهي جيئن ڍير پتاشن مٿان مڻ ماکيءَ جو ۔۔۔ الله اوهانکي بري نظر کان بچائي ۔۔۔
سلام دوست سلام ۔۔