• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هي آهن اسان جي ملڪ جا حال

ڇا پاڪستاني حڪومت صحيح عمل ڪيو آهي.

  • خبرناهي

    ووٽَ: 0 0.0%

  • سمورا ووٽر
    5
  • Poll closed .

عبدالوهاب

سينيئر رڪن
پاڪستان 4 سئو آمريڪي فوجين کي ويزا جاري ڪري ڇڏي

لنڊن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان 4 سئو آمريڪي فوجين کي ويزا جاري ڪري ڇڏي، بي بي سي موجب اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزارت جي هڪ آفيسر نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته 4 سئو آمريڪي فوجين کي ويزا جاري ڪيا ويا آهن، گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ان حوالي سان ڇڪتاڻ هئي پر تازو شاهه محمود قريشي جي رچرڊ هالبروڪ ۽ هليري ڪلنٽن سان ملاقات ۾ ويزا جو معاملو طئي ٿيو، جنهن بعد شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ ٿيل هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ آمريڪين کي ويزا جي حوالي سان پاليسي طئي ڪئي وئي، جنهن بعد آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفارتخاني مان ويزا جاري ڪيا ويا، اهڙي تصديق پاڪستان ۾ قائم آمريڪي سفارتخاني جي هڪ عملدار پڻ ڪئي، بي بي سي ڄاڻايو آهي ته پاڪستان 4 سئو آمريڪي فوجين کي ويزا جاري ڪيا ۽ موٽ ۾ آمريڪا رڳو 4 پاڪستاني سفارتڪارن کي ويزا جاري ڪيا آهن.
 
جواب: هي آهن اسان جي ملڪ جا حال

مون ”ها“ ته ٽپو لڳايو آهي ۔۔۔ وضاحت اها ته هون به پاڪستان جون سڀ حڪومتون آمريڪا جون هونديون آهن ۔۔۔ ڀٽو صاحب پاڻکي عوامي ليڊر چوندو هو پر جڏهن آمريڪا جي خلاف خط ظاهر ڪيائين ته ٻي ڏينهن جيل ۾ ۽ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاهي چاڙهيو ويو ۔۔۔ ڪيڏاهن ويو عوام ۽ ڪيڏاهن ويو عوامي ليڊر ۔۔۔

پاڪستان آهي ئي آمريڪا جي ڀاڙي تي هلڻ وارو ملڪ، اسين جيڪي پاڻ کي پاڪستاني سمجهونٿا سي بيوقوفن جي جنت ۾ رهونٿا، ڇو؟۔۔۔ هر روز خبر ايندي آهي ته آمريڪا پاڪستان کي هيترا ڪي هيترا ڊالر ڏنا، ان جا تي ته اسين چپ هوندا آهيون ته ڊالر پيا اچن ۔۔۔ ڇو ؟ ڊالرن جي وقت چپ ۽ فوجين جي اچڻ سان واويلا ۔۔۔!!!

ڀلا اوهان پاڻ ٻڌايو ته ڪو به ماڻهون يا ڪا به ٻي قوم ڪنهنکي پئسا ڇو ڏيندي آهي۔۔۔؟ ان سوال جو جواب جي اوهانکي ملي وڃي ته مونکي به ٻڌائجو ۔۔۔ ؟؟؟
 
جواب: هي آهن اسان جي ملڪ جا حال

بهترين ونڊ آهي ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي ٻه ٽه رپيا مليا هوندن
 
جواب: هي آهن اسان جي ملڪ جا حال

ادا ڏاڍو ڀلو ڪم ٿيو اٿوَ۔۔ مان ته سمجهان ٿو ته آمريڪي فوجين کي گهٽ ۾ گهٽ ”پنهنجي مُلڪ پاڪستان“ جي لاءِ ته ويزا جي شرط نه هئڻ گهرجي
 
Back
Top