ناٽڪ ”ريءَ راڻي ٻيو ناهه ڪِي“ لکڻ جا اهم مقصد.

'ڪهاڻيون' فورم ۾ nadar baloch طرفان آندل موضوعَ ‏28 جولائي 2010۔

  1. nadar baloch

    nadar baloch
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 مئي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    STUDENT
    ماڳ:
    HYDERABAD
    الطاف حسين جوکيو
    استاد سنڌي شعبو
    گورنمنٽ ڊگري ڪاليج محراب پور
    Cell: 0301-3427500
    ناٽڪ ”ريءَ راڻي ٻيو ناهه ڪِي“ لکڻ جا اهم مقصد.

    • شرڪ: الله سان مثل ڪرڻ، وقتي مٽ ڀانئڻ به سخت گناهه آهي.
    جيئن : ڪوبه مرد اها ڳالهه سهي نه سگھندو ته منهنجي زال منهنجي بدران وقتي به ٻئي مرد کي ڀانئي! اهڙيءَ ريت الله جي ذات کي ڪنهن ٻئي سان وقتي به مٽ ڀانئڻ يا شريڪ ڪرڻ تي سخت جلال اچي ٿو.
    • راءِ سيتل جي ڪردار کي مومل راڻي جي قصي ۾ پس پرده رکيو ويو آهي.
    جيئن: رواجي روايتن ۾ مومل سان سومل کي مرداڻي ويس ۾ ستل ٻڌايو ويو آهي؛ حالانڪ ڪافي روايتن توڙي سگھڙن جي بيتن ۾ راءِ سيتل کي مومل سان شڪ جي صورت ۾ ستل ڄاڻايو ويو آهي. غور طلب ڳالهه اها آهي ته جڏهن مينڌري کي ڏاهپ ۽ بردباريءَ جي علامت ڪري پيش ڪيو ويو آهي ته پوءِ ڪيئن ممڪن آهي ته مومل سان ستل سومل واري ڳالهه کانئس ڳجھي رهي هوندي!
    • هندو ازم ۾ ٻڌ مت يا جين مت ايڪتائي ۽ وحدانيت جا قائل آهن.
    اهڙي قسم جو تحقيقي ۽ فڪري اظهار مولانا ابو الڪلام آزاد پنهنجي تفسير ” ترجمان القرآن“ جي جلد اول ۾ پڻ ڪيو آهي. ناٽڪ ۾ پڻ اهڙي نڪتي کي سولن لفظن ۾ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
    • تصوف جي نڪتي ” وحدت الوجود“ کي پڻ سمائڻ جي ڪوشش ورتي وئي آهي.
    جيئن: اهو نڪتو سلجھائيندي خواجه محمد زمان لنواري واري چيو آهي:
    ماهيت مينهن نه پوءِ، قلزم اندر قطري،
    يعني ڪل مان جز ۽ جز اصل ۾ ڪل جو مظهر آهي ۽ ضم به ان ۾ ٿئي ٿو.جيئن ڀٽ ڌڻي بادشاهه فرمايو آهي:
    پڙاڏو سوئي سڏ، جي ور وائيءَ جو لهين،
    هــــــئا اڳهـــــين گــــڏ، پـــــر ٻــــڌڻ ۾ ٻــــه ٿئا.
    يا
    وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل.
    • ڪارو ڪاريءَ جي رسم سنڌ جي مزاج پٽاندر ناهي.
    جيئن: راڻي، مومل ۽ سيتل راءِ کي ماري مٽ ڪرڻ پاپ ڄاتو، اهڙيءَ ريت اسلام ۽ ٻين مذهبن ۾ پڻ اهڙي عمل کي ننديو ويو آهي.
    • ڪسب ڪندڙ عورتون به معاشري ۾ عزت جي زندگي گذارڻ چاهن ٿيون.
    جيئن: هر عورت پنهنجي معاشري ۾ عزت چاهي ٿي. ليڪن سماج جا فرد انهن تي مکين جيان لامارا ڏئي، انهن کي برائيءَ ڏانهن راغب ڪندا آهن. انلاءِ معاشري ۾ هر عورت سان بهتر رويا رکڻ گھرجن.

    سيتل راٰءِ جي ڪردار ۽ بيتن لاءِ مددي ڪتاب:

    1. علامه آءِ آءِ قاضي _ شاهه جو رسالو _ سر راڻو _ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
    2. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ _ عشقيه داستان 5 مومل راڻو _ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
    3. بدر ابڙو _ سنڌ جو شاهه _ ڀٽائيءَ جا ڪردار: مومل راڻو _ سمن جي دؤر ۾ هئا؟ _ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي.



    الطاف حسين جوکيو ڪلاسيڪل ناٽڪ

    ريءَ راڻي ٻيو ناهه ڪِي


    ڪردار؛ وقت: سما د‏ؤر
    مقام: وارياسي علائقي جو محل ۽ هنڌ
    ۱. راڻو مينڌرو : ڍٽ جو رهواسي، همير سومري جو وزير ، عقل جو اڪابر.
    ۲. مومل : راجا نند جي ڌيءُ ، ڪاڪ محل جي راڻي، سومل جي ڀيڻ.
    ۳. سومل : مومل جي سياڻي ڀيڻ.
    ۴. ناتر : مومل جي خاص ٻانهي.
    ۵. راءِ سيتل : راجڪمار/ مومل جي عشق ۾ فقير / راڻي جو شريڪ ڪيل.

    ڏيک پهريون:

    (مومل اوجاڳيل اکين سان، تيل ڦليل ڪيون، محل جي مٿاهين ورانڊي مان رستن تي نظرون وڇايون بيٺي آهي، شام جي اونداهي وکري ٿي پئي ۽ پس منظر ۾ هي بيت ٻرن ٿا.)
    رئـــــان ٿــــي راڻــــا، هــــنڌ نهـــاريو حجـرا،
    پيـــــئي کِههَ کٽن تــــي، ٿـــيا پلنگ پراڻا،
    ڌريائــــــي ڌوڙا ٿــــــــيا، ورَ ريءَ وهــــــاڻا،
    جايون، گل، جبات، وڻ، توريءَ ڪوماڻا،
    مينڌرا! ماڻا، توريءَ ڪنديس ڪن سين.

    کُهه محل، ٻَن ماڙيون، کُهه حويليون، ٻَن هنڌ،
    پســـــيو مـــــران مــينڌرا، راڻــا، تنهـــنجا رَنــــد،
    صـــــــاحب لڳ صــــمد، موٽ مــران ٿي مينڌرا.

    راڻــي ســـندو روح ۾، پسيو پڳهه پــــــيوم،
    ٻيڙيءَ جيـئن ٻڌي ويو، سوڍو ساهه سندوم،
    وهــــــڻ وهه ٿــــيوم، جاڳـــــيو ٿي جَرُ هاريان.
    (اچانڪ ناتر اچي ٿي ۽ مومل سان ڳالهائي ٿي)
    ناتر: راڻِي، اوسيئڙي ۾ ڪهڙا کڻي حال بڻايا اَٿئي …… ڪاڏي وئي اها مومل راڻي: جيڪا وار کوليندي هئي ته سانجھڻ پئي ڀاسندي هئي، واءَ ۾ هُٻڪارَ ٿي ويندي هئي، واس تي ڀونئر ڀِرندي ڏسبا هئا؛ ڪاڏي وئي اها لبڙن جي لالاڻ ۽ چپڙن مان ٻٽيهيءَ جي چانڊاڻ، جن جي چرپر لاءِ ماڻهو ته ڇا، پکي پکڻ به لاتيون لنوڻ لاءِ آتا هئا؛ ڪاڏي وئي اها ڳٽڙن جي ڳاڙهاڻ جن کي ڏسي گلاب جا گل رتول بڻبا هئا؛ ڪاڏي وئي اها هلڻ ٽلڻ واري چال، جن تي ڪاڪ جون هرڻيون به مؤج ڀريون ڇالون ڏينديون هيون؛ ڇا ته تنهنجي اوڇ جو ڀيرُ هوندو هيو، چولي تي چِٽيل هُرمچي سان موتئي مگري تي به کيپ چڙهندا هئا؛ تون مسڪرائيندي هُئينءَ ته ڪاڪ محل پيو ٻهڪندو هو.
    (مومل سڏڪندي ٿي رهي ۽ پس منظر ۾ هي بيت ٻُرن ٿا.)
    جـــــــــهڙا گــــل گلاب جـــا، تــــهڙا مٿن ويس،
    چوٽا تــيل چنبيليا، ها ها ! هـــــــو هــــــــميش،
    پسيو سونهن سيد چئي، نينـهن اچن نيش،
    لالن جـــــــي لبيس، آتــــــڻ آکــــر نه اُڄــــــــهي.

    جهڙا پانن پَنَ، تهڙيون سالون مٿن سائيون،
    عطر ۽ عنبــــير ســـين، تازا ڪــــيائون تَــــن،
    مڙهيا گھـڻون مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن،
    سونـــهن رُپي سون سين، سندا ڪامــڻ ڪن،
    ڪيائــــــين لال لطيف چـــئي، وڏا ويس وَرن،
    منجھ مَـرَڪيس مَنَ، ’سوڍي سين سڱ ٿيو‘.
    (ناتر لڳاتار ڳالهائي ٿي.)
    ناتر: راڻِي، تو واري وِرههَ جي درديلي آهُنِ ته سڄي منڊل کي لوساٽي ڇڏيو آهي؛ رات جي وِلههَ تي ته ڪاڪ ئي تنهنجي سورن ۾ مِسڪَندي رئندي ڀِڄي وڃي ٿي؛ ڀيڄ ڀنيءَ واري ويرَ به تنهنجي لانئُن لهڻ واري ٽاڻي کي ساريندي پاند پسائي ٿي ڇڏي؛ گل ٻوٽا به وڏيءَ وير مکڙين مان نڪري تو سان اوسيئڙي ۾ آليون اکيون پٽيون ويٺا آهن؛ هتان جي ڪنڊ ڪڙڇ جي مٽي به ڳاڙها ڳوڙها ڳاڙيندي ڳاڙهي ٿي چڪي آهي؛ محل جو ماڻهو ڇيڻو به تنهنجي تڙپ تي تڙپي ٿو… تو به کڻي اڻ ڄاتل ڌارئي سان پنهنجو انگ اڙايو، ميان مينڌري کي تو لئه تانگھ تونسَ هجي ها ته تَنگَ ڇنائي به تو وٽ رسي ها!
    راڻِي، هيءَ رات جي اٿڻي سدوري ويل آهي، وري ڪو ڪلياڻ جو سر آلاپ، ته هن ندوري محل ۾ ڪا نئين سَئين چانڊاڻ ٿئي.
    مومل: (مِسڪندي) مائي، اسان ڇا ڪريون، مينڌري جي موههَ جو مَنَ ۾ ٻاڻُ لڳل آهي، اسانجي هٿ وس ڪجھ ناهي _ سواءِ اوسيئڙي جي!
    (پس منظر ۾ هي بيت ٻُري ٿو.)
    جت رايائين راڻن کي، چندن چِڪ ڪري،
    هـــــاڻي اُنهين ڀيڻــيين، وِرههُ وراڪا ڏي،
    ســــــوڍو سُـــڃَ ڪري، مومـــل ماري هليو.
    ناتر: راڻِي، پرڏيهين جو پيار چُٽڪو هوندو آهي؛ راءِ سيتل ته هاڻ به تولئه ٿڌا ساهه پيو کڻي!
    مومل: مائي،اسانجو اندر اڌ لڳو پيو آهي، تو وري ڪهڙا ٽِيڪا کوليا آهن. مينڌرو اسانجي رڳ رڳ ۾ سمائجي چڪو آهي؛ اسانجي اندر جون تندون ئي مينڌري جو آلاپ آلاپين ٿيون، اسانجا ڪنَ به انجي طبل واري تار ۾ وڄن ٿا _ اهو سڄو چڪر اسانجي وس ۾ ناهي.
    ناتر: راڻي، جي مينڌرو ميان نه اچي ته ڇا تون پنهنجا حال پِرڪار ساڳيا رکندينءَ!
    مومل: مائي، اهڙا اُزَ نه بَڪُ! ڀل ته ڌرتي اٿلي پئي، مينڌرو اسانجو آهي ۽ اسانجو ئي رهندو؛ اهو ڏهاڙو اَوَس ٿيندو، جڏهن راڻو اسانجي مَٿن کان ويٺو هوندو ۽ اسان سندس داسي بڻجي چاڪري ڪنداسين!
    (پس منظر ۾ هي بيت ٻُري ٿو.)
    ســــورن مـــنجھه سـڙي، مـوت مـران ٿي مــينڌرا،
    جا لنئون لايئي سا نه لهي، جيءَ سين آهي جڙي،
    خذمت مــنجھ کـــــڙي، آءَ ته اکــــين ســـان اٿـــــيان.
    (مومل ٿڌو ساهه کڻندي:) مائي، لڳي ٿو ته ميان مينڌرو ڪنهن لُنجھڻ ۾ ڦاٿل آهي، نه ته اڳ ڪڏهن به ائين نه ڪيائين ۽ نه وري لَکايائين.
    (پس منظر ۾ هي بيت)
    موٽ اماني آهيان، ســوڍا ڏيــنم سهاڳ،
    ڏجھو ڏک ڏهاڳ، لاهه مُئيءَ تان مينڌرا
    ناتر: راڻِي، مان تنهنجي اٻهرائپ سنڀران، ڪنهن ڪم ۾ دير اوير تون سهي نه سگھندي هُئيئَن، هاڻ ايڏو اوسيئڙو ته توکي نهوڙي وجھندو … سيتل راءِ اڄ به تنهنجي لاءِ واجھ وجھيون ويٺو آهي، تنهنجي موههَ ۾ ساميءَ جو مِنهُن ڪيون ويٺو آهي … گھٽ ۾ گھٽ پنهنجي ترَ جو راجڪمار آهي، تنهنجي ڏانءَ وٽان آهي؛ مان ته چوانءِ ٿي دل من پُڇُ! تنهنجا سڀ سور ميٽي ڇڏيندو.
    مومل: مائي، هي چوين ڇا پئي! تنهنجون ڳالهيون ته ٺپ وِههُ ٿيون لڳن.
    ناتر: راڻِي، تون ئي کڻي ٻڌاءِ ڇا ڪجي؟ تنهنجي ويڳاڻپ ۽ لاچاري ڏٺي ڪانه ٿي ٿئي.

    ڏيک ٻيو:

    (ڏينهن جو مومل ساڳي حالت ۾ ڪمري جي هندوري ۾ طول وهاڻي تي ٺونٺ ڀر ليٽي پئي آهي ۽ اکيون در ڏانهن اٿس، ناتر ڪمري ۾ اچي موڙيءَ تي وهي ٿي ۽ هلڪو لوڏو ڏئي ٿي، مومل جي خيال ۾ هي بيت ٻُرن ٿا ۽ ڪيفيتون نروار ٿين ٿيون.)
    مـــــــــيان مـــــــينڌرا موٽ، بخـــــش ڪر بڇائيون،
    تون گھڻن جو گھوٽ، مون وَرُ تونهين هيڪڙو.

    توکي معـــــــــلوم مـــــــينڌرا، منهنجون مدايون،
    سي صاحب لڳ سميٽ تون، ڪامل ڪچايون،
    پرچ پريـــــن پـس پاڻ ڏي، ڪر ڀَـــــلا ڀلايـــــــون،
    ڍولا ڍلايــــــــــون، ڍڪـــــــج ڍڪـــــــڻ آهـــــــيـــــــين.
    ناتر: راڻِي، ڇو پاڻ کي گم سم ڪري ڇڏيو اٿئي، اهي رئڻ ڪيسين رئندينءَ، ميان مينڌرو ڍنڍ جي پنڇيءَ جيان هيو، هن کي ڪهڙي سُڌِ ته هن ماڳ وري موٽڻو آهي…هن کي ته صرف کيپ کٽڻي هئي، ۽ بس! وري ڪا تو جهڙي ٻوگھلي ملي وئي هوندس، انجو ٿي ويو هوندو. تون به کڻي ڪنهنجو ٿي ڏيکارينس!
    مومل: مائي، اسانجي مَنَ ۾ ’ڪانهي ٻي وائي، ٿيو مڙوئي مينڌرو.‘
    ناتر: راڻِي، ناريءَ جو مانُ ۽ ماڻُ انجي وَرَ سان آهي، تون جو اِئين ڇورين ڇنين ۽ ڏهاڳڻين جيان مُنهن بڻائي وهندينءَ ته گھر ڀاتي به حَتَرُ ڪندئي! مينڌري به ڏينهن سالن برابر لاتا آهن ۽ تنهنجي جيءَ جھوري ۾ ته اسان به سڀ هيڊا پئجي ويا آهيون.
    راڻِي، تون ان کي جيءَ ۾ جايون ڇو نه ٿي ڏئين، جنهن تولئه ڏينهن رات هڪ ڪري بَن جو بَنواسُ بڻجي، هن جوُءِ ۾ پيو لامارا ڏئي.
    مومل: مائي، اسان مينڌري جي نانءَ سان ئي جيئنداسين ۽ انجي نانءَ تي ئي ساهه ڇڏينداسين.
    ناتر: راڻِي، جي ميان مينڌري وٽ ڍٽ جي نَويلين جي کوٽ ناهي ته هن ديس جي راٺوڙي مائن به گھوٽ ڄڻڻ ڪونه ڇڏيا آهن، تون هروڀرو هنيانءُ وٺيون ويٺي آهين.
    مومل: مائي، تون ڇا ٿين ڄاڻين ته ان ڍٽ ڌڻيءَ اسانجي مَن تي ڪهڙا مَنڊ مُنڊيا آهن…مَن ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏي اٿس! مائي، (ٿڌو ساهه کڻندي) مَنَ ۾ مينڌري سواءِ ڪوئي مَنُّ نه ٿو وهي، اسانجي مَن مندر ۾ مينڌرو ٻيائيءَ کي ٻَن ڏئي، ايشوَر جو روپ وٺي ويٺو آهي… اکين اڳيان انجو ئي اولڙو آهي… اسانجي منَ ۾ ته انجي سڪ جو ئي جنڊ پيو ڦري ۽ اسان انجي سڪ ۾ هَري هَري پيا ڏرجئون ۽ پيسجئون؛ هن اسانکي جنڊ جي مڪڙيءَ ۽ ڪِيرَ جيان آڪيڙا ڏئي پاڻ سان سوگھو ڪري ڇڏيو آهي.
    (پس منظر ۾ هي بيت آلاپجي ٿو.)
    ڍاٽي گھڻا اچن، من سوڍي ونگسيو،
    ڪــا جا لائي مـــينڌري، لالي ڪا لڱن،
    راڻـــــو اکڙين، وســــاريان نه وســـري.
    ناتر: راڻِي، پنهنجو مُک درسنيءَ ۾ ڏس ته سهي! ان مومل کي ته تو ماري ڇڏيو، جنهن کي رڳو ڏسڻ لاءِ ئي سيتل راوَ جهڙا به فقيري ويس ڪري در تان دانُ ڳنهندا هيا، ۽ تنهنجي چلوِلائپ تي اڪن شڪن هئا… ارمان، تنهنجي سَڻوپرائپ تي، جو هڪ پرڏيهي ماڻهوءَ کي ايشور جو روپ ڏيون، مَنَ ۾ ويهاريون ويٺي آهين. هيڏا ڏينهن ٿي ويا، هُن کي جَن نه ڪَن، تون انجي اوسيئڙي ۾ سنجھا منجھا جو تيل ڦليل ڪري وهين ٿي ۽ ڏينهن جو ساڳيا وائڙا روپ!
    مومل: مائي، مينڌري بنا ٻي ڪابه ڳالهه منهنجي ڀيڄي ۾ وهڻ واري ڪانهي.
    (ڪمري ۾ سومل داخل ٿئي ٿي، ۽ مومل جي پيرن کان وهندي، پيار وچان سندس پيرن تي هٿ گھمائي ٿي ۽ مومل سڌي ٿي وهي ٿي.)
    ناتر: سومل راڻِي، تون ئي هن ڏاهيءَ کي ڪا ٻُڌِي ڏي! مونکي ته تريءَ تيل لائڻ ئي ڪونه ٿي ڏئي…رڳو پنهنجي تَنَ کي ويراڳين جيان تَسيا ڏيون ويٺي آهي، ميان مينڌرو ته پري رهيو پر چانگي لاءِ به پئي تانگھي!
    (پس منظر ۾ هن ڪلام جو حصو ٻُري ٿو.)
    ………آءُ راڻا رهه رات، تنهنجي چانگي کي چندن چاريان…….……
    سومل: (ناترکي) هيءَ ته چري ٿي پئي آهي. (مومل کي مخاطب ٿيندي) ايشورجي هن جنسار ۾ ڪنهن پريم ڀرئي پريتم جي کوٽ ڪانهي _ هوُ ته ناٽڪ هيو گذري ويو، ڪنهن لاءِ ڪيترو تڙپبو، اجائي هوڏ تي بيٺي آهين. هُئَئِين جي توکي مينڌري سان ئي ورونهن ڪرڻي آهي يا آسيس وٺڻي آهي، ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي انجو روپ ڀانئي، اندر جو اُٻار ڪڍي _ سک سانت ماڻي سگھجي ٿي. (سومل، مومل کي ڳل ڳراٽڙي پائيندي سمجھائي ٿي.) ڏِسُ ني، ايشور ته هڪ ئي هوندو آهي نه!
    مومل: (مومل ڳالهه کي ڪٽيندي) اسان به ته اها ئي ڳالهه ٿا ڪريون ته جڏهن ايشور هڪ آهي، ته پوءِ ٻئي کي اهو روپ ڪيئن ٿو ڏئي سگھجي! جڏهن مينڌرو مَنَ ۾ هڪ روپ وٺي سمائجي ويو آهي، ته پوءِ ٻئي کي ڪيئن مينڌرو ڀانيان _ اها اڻ ٿيڻي آهي. هو منهنجي سرير ۾ رچي ريٽو ٿي چڪو آهي، هاڻي مرڻي سان ئي مَن ۾ ماٺار اچي سگھي ٿي _ شانتي ملي سگھي ٿي.
    (پس منظر ۾ هي بيت ٻري ٿو.)
    رچي جي ريٽــو ٿيا، ڪين اٻاٽجــــــن اوءِ،
    کنڀ نه کاري تنهن کي، جو هالاري هوءِ،
    توڻي ڌوٻي ڌوءِ، ته لالي تهين نه لــــــهي .
    ناتر: راڻِي، تون پنهنجي ان روپ ۾ اچ، جنهن ڪيئي جُنگ جوان هيڻا ڪري لُٽي ڦَٽي وڌا، ڪيئي گجر گھائي گهات ڪيا؛ اڄ، اهائي منهنجي سونهن ڀري سندري پاڻ مينڌري جي موهه واري گھاءَ جو تاب سهي نه پئي سگھي: هيءَ ڪهڙي اُلٽي کيڏ آهي.
    (پس منظر ۾ هي بيت آلاپجي ٿو.)
    گُجرگھڻا گھائيا، پاڻا لڳس گھاءُ،
    مينڌري ملاءُ،لڳس ڪانَ ڪپار۾.
    سومل:مان چڱيان چوانءِ ٿي، ڏاهي ٿي، اسانجي مَت وٺُ، گجرن کي نه لڄاءِ!
    مومل: جِيجي، اسان ڇا ڪريون، ماريو موت به رسي ويو!…!! جيجي، ڇا توکي اسان ۾ مينڌري جو روپ نه ٿو لَکائي؟؟ جڏهن ته هن جي واس سان هتان جي مٽيءَ جو ڳاڙهپ به انجي سِندُور جو ڏِک ڏئي پئي!
    (سومل چپ ۾ اچرج جو انداز ڪري ٿي.) جيجِي، اسان ته انجي ٻانهُنِ ٻڌي داسي بڻجي چڪا آهيون، اسانجي رڳن ۾ انجي ايڪتائيءَ جو پڙاڏو اچي ٿو…اسان ٻِئي ۾ به ڪيئن مينڌري جو اولڙو ويچاريون، اهو ته سڌو سنئون پاپ آهي، ڊوهه آهي.

    سومل: مَن‌، ڏِس نِي ايشور ته هڪ ئي آهي، ۽ انکي ٻاڏائڻ ۽ پڪارڻ لاءِ هٿ ته مٿي ئي کڻندا آهيون، پر جڏهن انجي نانءِ جي پوڄا پاٺ ڪندا آهيون ته ڏانهس ڌيان ڌرڻ ۽ چيتو هڪ جاءِ ڪرڻ خاطر هڪ مَنا ٿي ڪونه ڪو روپ ٺاهيندا آهيون؛ هاڻ جيڪڏهن اهڙا روپ ويهي ڳڻيون ته ايشور جا لکين ڪروڙين روپ آڏو ايندا _ جڏهن ته ان جي هستي هڪ آهي، جيئن:
    ايڪ قصر، در لک، ڪوڙين منجھس ڳڙکيون،
    جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون.
    مَنَّ، ڄاڻين ٿي ته: آتما ئي پرماتما آهي ۽ پرماتما ساڳي آتما آهي،
    جيئن:
    پڙاڏو سوئي سڏ، جي ور وائيءَ جو لهين،
    هـــــــئا اڳـــــهين گــــڏ، پر ٻـــــڌڻ ۾ ٻه ٿــــــيا.
    مومل: جيِجي، تون ته گيان وگيان ۽ ڏاهپ تي ٿي ڳالهائين، اسان تي ته جيڪي شبڌ رکو سي ٺهن: مورک به اسان، ٻوگھلي به، چري به، وائڙي به!
    (مومل روئندي اوٻائيءَ ۾ پئجي هندوري ۾ ليٽي پوي ٿي ۽ ناتر هن جي ترين کي مهٽي ٿي ۽ سومل سرائيءَ سان هن جا ڏندڻ ڀڃي ٿي ۽ سمهاري ڇڏنس ٿا، رات پنهنجي اوندهه اوتي ٿي پئي.)
    (پس منظر ۾ هي بيت آلاپجن ٿا.)
    رڙي ستيس نـــــنڊ ۾، تان راڻو رات ڏٺوم،
    ساري ليل سوڍي سين، ڳجھاندر ڳرهيوم،
    مــــــن مرادون پنــــــيون، انــــــدر گھر آيـــوم،
    سج جان اڀريوم، جـــاڳان تان جانب نــــهين.

    ڀني بئنسر هنجھڙيئين، لڙڪن ڪچوئو لال،
    روئي روئي اکڙيــــــين، هــــــئي وڃايم حــــال،
    ڏٺم خواب محال، رين سجن دل دوس نهين.
    ناتر: (سومل کي) سانئڻ، هن کي سانت وٺڻ ڏيو، مان وڃي ٿي ڪم ڪار ڪيان!

    ڏيک ٽيون:

    (صبح ڌاران مومل کي ٻاهر چبوتري تي ٿلهن پاون واري کٽ تي سِيرَ ۽ ڦڻي ڏئي رهي آهي ۽ گفتگو به ٿي رهي آهي.)
    ناتر: راڻِي، ٻيو نه تڏهن به ڏسڻ جهڙي ته ٿي، اسانجون به اکيون تنهنجي مُک جي مُرڪ لاءِ آتيون آهن. پاڻ لاءِ نه کڻي، اسان لاءِ ئي سهي، گھٽ ۾ گھٽ راڻِيءَ ۽ ٻانهيءَ ۾ ڪو ته سَنڌو رهي!
    ( سومل ظاهر ٿئي ٿي ۽ مومل سان ويهي ڳل ڳراٽڙيون پائي کيس همٿائي ٿي.)
    سومل: ڏِس مَنَ، اسانجون آتمائون به تو سان ڳوپيل آهن، تون ڪيئن ٿي اسانکي رنج ڪري سگھين، اسان ته توتي جان نڇاور ڪرڻ واريون آهيون، پوءِ رڳو هڪڙي جي ڪري تون اسان کي به ٻَلي چاڙهيندينءَ؟
    (سومل ٻين ٻانهين کي اشارو ڪري ٿي، جيڪي خاص لباس ۾ تريءَ تي سوکڙين پاکڙين ۽ شين سان ڀريل ٿالهه کڻي اچن ٿيون. سومل ۽ ناتر، مومل کي سوکڙيون ڏيکارن ٿيون ۽ ڪجھ ٽولَ ڪنهن مريض جيان کارائنس ٿيون، ۽ زوريءَ کلڻ ڳالهائڻ لاءِ آتارنس ٿيون.)
    مومل: جيجي، جي مينڌرو اچي! وري من ۾ مانڌاڻ مچايون وڃي ته پوءِ…!!
    اسان ته ڪانيارا ٿي پونداسين. ماڻهو ته اسانکي ٿڪ ٿڪ ڪري ٿوُڪاري ماري ڇڏيندا.
    سومل: جيڪو اچڻو ئي ناهي، انجو اوسيئڙو ڪهڙو! تنهنجون ڀيڻيون تو تان گھورَ، اسان جو ويٺيون آهيون. تون اجايا پهه نه پچاءِ، سيتل لاءِ منَ ۾ محل بڻاءِ!
    ناتر: اسين هر ڳالهه کي کڻي وٺنداسين، تون رڳو پنهنجي ڀلي لاءِ ويچار!
    مومل: (ٿڌو ساهه کڻندي) جيجي، اهو اسانکان الائي ڇو، نه ٿو پيو ٿئي!
    سومل: ٺپ ڪا اٻوجھ آهين، پنهنجي چِت تي مينڌري جو روپ جو نقش چٽي، تون سيتل ساڻ سمهي رهه. جي مينڌرو هميشه جيان رات جي وَڳڙي ۾ آيو ته اسين ان سان ڪونه ڪو ٻول ڪٽي وٺنداسين _ تون رڳو ونڌپو ڇڏ!
    ناتر: راڻي، اسان ان کي اهوئي چئي وٺنداسين ته: تنهنجي وِرهه وِڇوڙي ۾، مَنُ پرڀائڻ لاءِ سومل کي مرداڻو ويس پهرائي مومل سان سمهاريوسين، ته مَن ڪو دل کي آٿت ڏئي!
    سومل: ها ها، بنهه ائين! تون ڪوبه اُلڪو نه ڪر، اسان جا ترڪ تالَ چڱي ڀلي جون متيون منجھائي ڇڏين!

    ڏيک چوٿون:

    (ناتر سيتل راءِ کي ٻاهران وٺي محل جي ٻاهرئين حصي ۾ طنبوءَ ۾ وٺي اچي ٿي، ۽ سومل ساڻس ڪجھ ڳالهيون طئي ڪري ٿي.)
    سومل: ڀاءَ، ڀلي آئين1 تنهنجا نکٽ ڪي زور آهن، جو مومل تنهنجي ٻانهن ۾ اچڻ لاءِ سهمت ٿي آهي.
    سيتل: توهانجي ٻاجھ ۽ اپائڻهار جي ڪرپا آهي. مان مومل جو هر انگل کڻڻ لاءِ ڀلا ڀاڳ ڀائيندم.
    سومل: ڀاءَ سيتل، ان کان اڳ ڪي وچن توکي اَوَس ڏيڻا پوندا.
    سيتل: مان هر وچن ڏيڻ ۽ انجو پالَڻُ ڪرڻ جي ساک ڀريان ٿو، اوهانجو حڪم منهنجي اکين تي، هڪ مومل ڪاڻ مان ته هن گھر جو باندي ٿي رهندس.
    سومل: هڪ ڳالهه ته پٽ پڌر آهي ته هن جي من مان مينڌرو ڪڍڻ، اسانجي وس ۾ ناهي، تو ۾ به انجو ئي روپ پسي سگھي ٿي؛ انلاءِ کيس ڪوبه ويڻ سهي نه سگھبو، ڇوته هن جي سڀاءَ ۾ اتيت ڪوملتا آهي، جيسين هَئُو مَئُو ٽري، پرڻي واري ڳالهه ڇپر ڪرڻي پوندي؛ مينڌرو اچڻو ناهي، پر جي اچي وڃي ته توکي پاسيرو رهڻو پوندو.
    سيتل: مان اوهانجي هر ڳالهه تي سِيسُ نوايان ٿو، بس منهنجي آس آهي ته رڳو مومل سان هڪ واري وهڻ جو وارو ملي؛ مان اُڀ مان تارا به لاهي انجي چرڻن ۾ رکندس.
    ناتر: (سيتل جي پيرن تي ڪرندي) حاڪم، اسانجي مومل ڏاڍي ڪچڙي هنيانءَ جي آهي، انجي پارت اٿئي! اسان سڀ تنهنجا ٿورائتا رهنداسين.
    سيتل: مان توهان سان ساٿ جو وچن ڪريان ٿو.
    سومل: چڱو هاڻي، پنهنجو خيال رکجانءِ ۽ گڏو گڏ هيءَ ويهڪ به نه ڀلججان.




    ڏيک پنجون:

    (سيتل گھوٽيتي ويس ۾ چنريءَ جي ڦيڙهه ۽ سيم جي جتي سان شام ٽاڻي، مومل جي محل ۾ رسي ٿو، مومل کي ڪنوارو لباس پارائي ٻنهي کي ساڳي کٽ تي آمهون سامهون وهارن ٿا. پس منظر ۾ هي بيت ٻُري ٿو.)

    راڻـــــيون رانئــــي هـــــلــــــــيون، ســــيتل ســــــــڃاڻي،
    گـــــــــــــيڙو ويس گودڙيــــــون، لـــــــنگ به لاٿائـــــــين،
    مومل جي مــاڙيءَ تـــي، اچـــــــي پَـــٽون پـــــهريائين،
    شـــــــيشا گـــل گـــــــــــلاب جـــــــــا، عـــــــطر اوتـــيائين،
    مٿيون ڳالهيون مومــــــل سان، ويـــهي ڪــــــــيائين،
    ايهين ٿي چيائين:’مـنهنجا اڄ غم لهي گوندر ويا.‘
    ناتر: ڀلي آئين، مومل جا ڌڻي، هيءَ مومل هاڻ تنهنجي آهي. بنا ڪاڄ جي مومل ماڻي اٿئي، تون به کڻي دان ته ڪڍ!
    (سيتل هٿ ۾ سڪن جي ڳوٿري ۽ ڳچيءَ مان مالها لاهي ڏئيس ٿو.)
    سيتل: اڃا به گھُر جيڪي گھرڻو اٿئي! مان ته سڄو سارو اوهانجي چرڻن ۾ ويٺو آهيان، توهان مون تي وڏا وڙ ڪيا آهن.
    سومل: اسان تنهنجي من جي مراد پوري ڪئي آهي، پر تون اسان سان ڪيل ٻولن تي ٻڌل رهندين!
    سيتل: مون تي پت ڪريو، مان سڄو سارو اوهانجو آهيان.
    سومل: هلو ته هلون، هنن لاءِ ڪا نويڪلائي ٿئي، ڀل ته پاڻ۾ کير کنڊ ٿين، ڪي روڪ رنڊڪ جا بَند ڀڃن.
    (اڪيلائي ٿي وڃي ٿي ۽ سيتل حجاب وچان ڳيتون ڏئي ڳالهائڻ لاءِ وس ڪريٿو.)
    سيتل: مومل راڻِي، مون تي ڪِرپا جا دَن ٿي ويا، مان ان لائق ئي نه هيس، جو توسان پريم ڀَريون اکيون چار ڪري سگھان.
    (مومل اکيون سڌيون ڪيون، چُپ جو ڄڻ قسم کنيون ويٺي هجي.)
    مومل راڻِي، ڪجھ ته تون به گلابي پنکڙين جي چپن مان ڪِي چَــــئهُ!
    (مومل ٽِڪَ ٻڌيون، چُپ ويٺي آهي.)
    نالي ڌڻيءَ جي ڪجھ ته ڪُڇ، جي پيار جا نه، ته ڌڪار جا ئي ٻه شبڌ چــــئهُ!
    (مومل چُپ.)
    مومل، مان تنهنجو هر انگل کڻندس، تنهنجي هر ڪروڌ جي موٽ مٺڙن ٻولن سان ڏيندس، تنهنجي ڪنولي ۽ ڪجلي اکين اڳيان پنهنجي گھُور کي نيچو رکندم، تنهنجي مينديءَ رتن قدمن اڳيان پنهنجون تِريون وڇائيندو هلندم، پنهنجو پاڻ کي تنهنجي تِلُ نه ڀائيندم، مون ڪارڻ تنهنجي منَ ۾ آيل هورا کورا ۽ آنڌ مانڌ کي نسورو پاپ ڀائيندم؛ تنهنجي اڌمن تي اٿلي پوندم، تنهنجي مرڪ تي اول گھول ويندم…
    نالي الک جي، نينهن جا نه سهي، ڏمر جا ئي ٻه ٻول چـــــهءُ؛ اي مومل پنهنجي اندر کي بيٺل پاڻيءَ جيان اهڙو تانگهو ۽ ڀوائتو نه بڻاءِ، جو ڪو تاروُ به اِن تارَ مان اڪري نه سگھي.
    (مومل چند گھڙيون اکيون ٻوٽي، وري کولي ٿي.)
    مومل: سيتل ميان، ’سوڍي سِرُ نيو، هت ڪرنگھرُ سکڻو.‘
    سيتل: مان تنهنجي اندر جي ارمانن کي ڀلي ڀَت ڄاڻان ٿو، مومل راڻي! مان تنهنجي اڃايل مَنَ کي سيراب ڪندس، ۽ تنهنجي سکڻي سرير ۾ آتما جا ورلاپ موٽائيندس _ رڳو منهنجي ٻانهُن ۾ اچي، منهنجي ٻانهُن کي سائو ڪر!
    مومل: سيتل ميان، اسانجي آتما توڙي سرير تي مينڌري جي حاڪمي آهي؛ تو سان ميل ڇڙو هڪٻئي جي ڀٽڪيل آتمائن کي دڳ لائڻ خاطر ٿيو آهي. تون مڙد آهين، ويچار ڪر ته ڪا ناري هڪ جي رهندي، ٻئي جي ٿي سگھي ٿي…؟؟ ڇا ٻن ترارن لاءِ هڪ مياڻ رکڻ، ٺهي ٿو؟
    سيتل: مومل راڻي، مان تنهنجي هڪ هڪ شبڌ لاءِ مانُ رکان ٿو؛ پر جي هڪ ترار ڀڄي پوي ته پوءِ زنگيل ترار کي چمڪائي مياڻ ۾ نه ٿو رکي سگھجي ڇا؟
    مومل: اهي سڀ ڳالهيون سمجھ ٻوجھ ۽ گيان جون آهن. اسانکي ته جانب جي جوڀن رڱي ريٽو ڪري ڇڏيو آهي؛ تنهنڪري اسانجي من توڙي چِت تي: ڪانهي ٻي وِرُونهن، ٿيو مڙوئي مينڌرو!
    سيتل: مومل راڻِي، مان به پنهنجي سڀاءَ سان تنهنجي مَن کي ماڻڻ لاءِ اَوس جتن ڪندس، ۽ تنهنجي اندر ۾ جڳهه ٺاهي وٺندس؛ ان اوسيئڙي ۾ پنهنجي هڙان وڙان وس ڪندس. مان تنهنجي مُک تي مُرڪ جا چمڪاٽ ڏسڻ گھران ٿو، ائين جيئن اسين ٿَلي ماڻهو ميگھ سندي ميل سان کنوڻ جي چمڪڻيءَ لاءِ اتساهه رکندا آهيون، ۽ ڌڻيءَ جي دَيا لاءِ دِيدُون وڇائيندا آهيون _ تنهنجي اهڙي دان لاءِ هر پير تنهنجي اِڇا پٽاندر کڻندس.
    مومل: سيتل راوَ، تنهنجي اسانجي ياراڻي ڇڙي نالي ڪاڻ هوندي، اسانکي ان چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ نه ٿي ٿئي ته اسان مينڌري جي مِلڪ آهيون.
    سيتل: مومل راڻِي، تنهنجي هر درد کي سَهي ڪري، درمان بڻجڻ لاءِ سهڪار جو وچن ڪيان ٿو.(سيتل پنهنجي خيال ۾ سوچي ٿو:) ڌڻي ڪري، رڳو اکرن ۾ ئي اَڙُ، پوءِ ته وه واهه ٿي ويندي.
    (ناتر اچي ماني لڳائي ٿي ۽ ٻئي خاموشيءَ سان کائن ٿا _ سيتل پنهنجي هٿان کارائڻ لاءِ ڪوشش ڪري وٺي ٿو.)

    ڏيک ڇهون:

    (مومل ۽ سيتل ساڳئي کٽولي تي ستا پيا آهن، تڏين (آر ) جي تڙ تڙ جي جھانءِ جي گونج رهي ٿي؛ رات جي وڳڙي ۾ راڻو پنهنجي روايتي لباس ۽ لڪڻ سان اٺ تي اچي ٿو ۽ اٺ ٻاهر ٻڌي مومل جي محل ۾ داخل ٿئي ٿو؛ ۽ مومل کي ڌارئي ماڻهوءَ سان ڏسي غيرت ۾ ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو، ۽ ڪنهن به تيش واري قدم کڻڻ کانسواءِ خيالن ۾ ڳالهائي ٿو.)
    مينڌرو: (آواز پس منظر ۾ ) هان! منهنجي نالي سان جڙيل مومل ڪنهن ٻئي مڙد سان پيچ پايون ستي پئي آهي! ڪاٿي ڀلجان ته نه ٿو، متان منهنجون اکيون دوکو کائينديون هجن؛ پر نه! مان اهڙو ته اکين سڄو ڪونه ٿيو آهيان، مومل مون سان ڊوهه ڪيو آهي، وئشائن جيان سڀ ليڪا لنگھي چڪي آهي. هاءِ هاءِ! ڪهڙي نه ڪِنَ ۾ پنهنجو جيءُ اڙايم !
    (پس منظر ۾ هي بيت آلاپجي ٿو.)


    مومل مزمانن جا، هِينئن نه ڀڃجن حــــقَ،
    هڪ اوجاڳا اکين جا، ٻيا لتاڙيم لَــــــــڪَ،
    چادر پايون کٽ، سُتيئَن سيتل راوَ سين.
    جيڪر! ڪارو ڪري ماريانِ، پر ائين ڪرڻ سان به اَنياءُ ٿيندو، ناتو ٽوڙڻ منهنجي وس آهي، باقي ٻئي ساهه تي پنهنجو هَگدو رکڻ سراسر ڏاڍ آهي. هر ساسيءَ جو ڌڻي پرميشور آهي، اسين ته پنهنجي ساهه تي وس وارا نه آهيون. ميان مينڌرا، موٽي وڃي پنهنجي گھر تڙ جي ڪر، ان ۾ ئي مڙسي آهي، راٺوڙين اڳيان تنهنجي دال ڳرڻي ناهي.
    ڀلا، اٿاري پڇانس ته سَهي ته تو ائين ڇو ڪيو؟؟ پر نه! جڏهن اندر ئي اندر ۾ ناتو ٽُـــــٽو، ته پوءِ ڪنهن کان پڇڻ …
    ڀلا، هن کي ڪيئن سڌ پوي ته مون هٿ کنيو!
    ها، هي لڪڻ سندس پاسي، کٽ جي سيرُونءَ کان ٿو رکانس، پاڻهي ڀانپي ويندي.
    واه ڙي مومل واهه! ايترو به اوسيئڙو ڪونه پُڳئي، هاڻ تون ڄاڻ، تنهنجو چَگھُ، تنهنجي ڪاڪ! مان مڄاڻ تنهنجي مُنهن تي نه پوندو هوندس!!! هونئن به، ڪوبه مڙد پنهنجي نالي سان جڙيل ناريءَ تان هٿ نه کڻندو آهي، پر تنهنجي پرڪارن منهنجي اندر جي ڌرتي ڌوٻي ڇڏي ! ايشورُ، توکي ان ڪڌي ڪرتوت ۽ ڀُتي ڪم جي سيکيت اَوس ڏيندو. پڪ سان سک سانت تون به ڪونه پسندينءَ!
    (راڻو غصي تي ضبط ڪري، اٺ تي واپس وڃي ٿو.)

    ڏيک ستون؛

    (باک ڦٽڻ تي مومل جي اک کلي ٿي ۽ سمهڙ پئي ڪَرَ ڀڃڻ لاءِ ٻانهن اڀي ڪري ٿي ته سندس ٻانهن سان لڪڻ ڪري پوي ٿو، کَڙڪي تي مومل کي ڄڻ هنيانءَ ۾ ڌڪ لڳي وڃي ٿو. مومل چرين جيان اٿي لڪڻ کڻي سڄي ماجرا سمجھي وڃي ٿي، ۽ منهن مٿو پٽڻ شروع ڪري ٿي.)

    مومل: (هيٺ ويهي مٿي ۽ گوڏن تي ڌڪَ هڻندي) هاءِ منهنجو مينڌرو، اي ايشور، منهنجو راڻو _ ساهه سيباڻو! هاءِ مون کان ڇا ٿيو! مان ندوري نڀاڳي! (هٿن جي چوڙين کي ڀڃي ٿي ۽ چرين جيان هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي ٿي ۽ سندس رڙين تي سيتل ڇرڪ ڀري اٿي ٿو، سومل، ناتر ۽ ٻيون ٻانِهيون اچي کيس سنڀالن ٿيون.)
    سيتل: ڇا ٿيو مومل راڻِي، مونکان ڪا چُڪ ٿي آهي، ڪا ويساهه گھاتي ٿي آهي؟
    ناتر: راڻِي، ڪو ڀوائتو سپنو ڏٺئي؟
    سومل: مَنَ، ڪهڙِي ڳالهه آهي، ڀاءُ سيتل توسان ويڻين وڙهيو آهي؟
    (مومل مسلسل وڏيون رڙيون ڪندي رهي ٿي ۽ فرش تي مٿي کي ٽڪر هڻي ٿي، هن جي وات مان لفظ رنڊجي نڪرن ٿا.)
    مومل: (لڪڻ هٿ ۾ ڏيکاريندي) جيجي، مينڌ…رو! هاءِ منهنجو مينڌرو!
    (سڀ ششدر ٿي وڃن ٿا ته ٿيو ڇا!)
    سومل: تون لڪڻ ڏيکاريندي ٻڌائڻ گھرين ٿي ته مينڌرو آيو هو!
    مومل: (سڏڪا ڀريندي) ها، ها…ها!
    سومل: ڇو هروڀرو محل مٿي تي کنيو اٿئي، لڪڻ ته لڪڻ هوندو آهي، سيتل جو به ٿي سگھي ٿو. (سومل اشاري سان سيتل کان ها ڪرائي ٿي.)
    سيتل: اڙي، اها ڳالهه آهي، اهو لڪڻ ته منهنجو آهي، نوڪرن کان مٽجي ويو هو.
    مومل: ٻَن پَوين تون، تنهنجا نوڪر، تنهنجا لڪڻ!
    هن لڪڻ جي هٿئي مان مينڌري ميان جي هٿن جي هٻڪار اچي ٿي، چريا پڪ آهيون، پر مينڌري جو موهه ۾! توهانجي ڳالهين جا وَٽَ ڄاڻون ٿا…توهانجي چئي آکئي تي، مَت کُٿي جو پاڻ لٽايو، توهان هڙئي اسانجا سڄڻ نه، ڏُڄڻ آهيو.
    (سيتل راءُ اهڙو ٻڙڌڪ ڏسي کسڪي وڃي ٿو، ناتر هراسجي ورانڊي ۾ در جي ٻيڪڙ کان ڏسندي رهي ٿي؛ سومل، مومل کي آٿت ڏيندي رهي ٿي.)
    مومل: ( لاڳيتو ڳالهائيندي) توهان مان ڪنهنجو به ڏوهه ناهي، اسان پنهنجو پاڻ کي ٽِڪو لاتو، اسان پاڻ کي نه ڄاتو، من ۾ مينڌري جي هئڻ کي نه ڄاتو؛ هاڻ، مهڻي هاب منَ ۾ ڪٿان ٿو مينڌرو رهي! هاءِ اسانجا راڻا، ساهه سيباڻا، طعنو هڻي وئين! انهيءَ کان ته پنهنجن هٿن سان گھُٽو ڏئي ماري وڃين ها… ته من ڪا آتما کي شانتي ملي ها!
    (پس منظر ۾ هي بيت ٻُري ٿو.)
    ســــــــــوڍا صــــبر تنــــهنجو، لڄــــاين مَرڪ،
    نه ڪڇڻ سين نَڪُ، ريءَ رُڪ راڻـي وڍيو.
    سومل: مَن، ڪجھ ڌيرج ڌار، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. اسين ڏانهس ماڻهو مُنجي کيس پرچائينداسين _ تون ڪوبه اُلڪو نه ڪر. راڻي مينڌري کي هت گھرائبو، پاند ڳچيءَ پائي گِيسيون ڪري به ريجھائبو.
    مومل: جيجي، هُن جي تيورن مان، اسان ڄاڻَؤن! هو عام مڙدن جيان ناهي جو توهانجي محل جي تاب تي تِکو ٿي اچي، يا پارانڀي تي سهڪندو اچِي هت ساهه کڻي. هو ته آدرشي ماڻهو آهي، افسوس جو اسان ٻئي کي هن جو مٽُ ڀانيو، کوٽُ ڪيو، هاءِ اسان پاپ ڪيو _مها پاپ.
    (پس منظر ۾ هن بيت جو ورلاپ اچي ٿو.)
    مومل ناهي مينڌرو، توڻي منجھ نصيب،
    مون کي مون حــــبيب، طعنو ئي تنهنجو.
    (مومل فرش تي ڏهاڳڻين جيان پار ڪڍي ٿي ۽ هي بيت ٻُري ٿو.)
    آءٌ اڳــــــــهين آهيان، ٻــڌي تنهنجي ٻول،
    توکي ساري سپرين، رنم منجھ رتول،
    ٽِڪاڻــــا ۽ ٽـــول، وِســههُ، مـــون وهه ٿيا.
    (مومل چرين جيان پاڻ سان ڳالهائي ٿي ۽ راڻي کي پڪاري ٿي، سومل وائڙي ٿي منظر کي ڏسي ٿي، هي بيت آلاپجي ٿو.)

    آءُ راڻــــا راحـــــت، ڌاڄ ڌرتـــــــيءَ جـــــا ڌڻـــــي،
    سڪن ٿيون سهاڳڻيون، سوڍا تنهنجي سٿ،
    مون تــــان لاهه مَ هٿ، ڪامل ڌڻي ڪاڪ جا.
    سومل: مَن، ڇوٿي تَن کي تسيا ڏين، هن جنسار ۾ ڪوبه اهڙو ماڻهو ڪونهي جنهن جو ڪو توڙُ نه هجي، مينڌري کي موهه ۾ ماري مڃائبو، پرچائي وٺبو.
    مومل: سڀ ڪوڙا دلاسا آهن، اسانجو مينڌرو ڏَٽن ۽ رناڻي ٽڪساٽن ۾ اچڻ وارو ناهي… هاءِ اسانکي ڇني ڇاتيءَ وارا ڇيهه ڏيون ويو، اسان ڪارڻ ڪاڪ جي هر وکر وَستُو، جيت جڻئي، وڻ ٽڻ، ٻُهر ٻوٽي ۽ جيوَ جيوت کي مهڻي هاب ڪري ويو. اسان نه ٿا گھرون ته اسان ڪارڻ هتان جو پَرماڻ به ايڏو بار کڻي… پنهنجو پاڻ کي پرينءَ تي ٻَلي چاڙهي هن هنڌ جي هر وستُو ۽ جيوَ تان لينگھا لاهينداسين.
    جيجي، اسان هت نه رهنداسين؛ اُت وينداسين جت سواءِ مينڌري جي ٻيو ڪجھ به نه پَسجي! هاءِ جو اسان مينڌري جي هستي پاڻ۾ هوندي به هرڻ جي کسٿوريءَ جيان هِت هُت ٽٽوليندا رهياسين، پنهنجي آتما ۾ جھاتي پائيندي به ڳالهه جو ڳر پُرجھي نه سگھياسين، هاڻي اسان اُن ۾ گم ٿي، مينڌرو بڻجي، هر جاءِ انجي هستي پَسنداسين.

    ڏيک اٺون:

    (مومل محل کي تياڳ ڏئي مرداڻي ويس ۾ وڻجارو بڻجي وڻج واپار سانگي مينڌري جي ديس ڍٽ ڏانهن رخ ڪري ٿي، ۽ ڳوليندي ڦوليندي مينڌري جي آستان تي رسي ٿي ۽ ان وٽ اوپري مهمان جي صورت ۾ چوپڙ (ڍارو ) راند کيڏي ٿي ۽ ڪچهريءَ دوران، اوچتو مينڌري جي نظر سندس ٻانهن جي تِر تي پوي ٿي ۽ کانئس نفرت ڀري رڙ نڪري ٿي.)
    مينڌرو: هُون! جي تون مومل آهين ته هتان هلي وڃ، مون توسان ناتو ٽوڙي ڇڏيو آهي، تو جَـﻫـڙيون ڪِريَل ناريون ڪنهن به مرد جي هِنئين جو هار بڻجي نٿيون سگھن.
    مومل: اسانجي منَ جا ڌڻي، اسانکي وقتي برغلايو ويو _ ڀنڀلايو ويو… اي ميان مينڌرا، اسانجي مداين کي ميٽ، اسان ڇڙو تنهنجا آهيون _ تنهنجو ننگ آهيون _ تنهنجي داسي آهيون. جي گُهرين ته پنهنجن ئي هٿن سان گھوگھو ڏئي مار، پر ائين مُنهن نه موڙ!
    هــــڪ جُــــوءِ ٻــــي جـــــــوءِ، ڇــــــڏن ڪين جوان،
    اهــــــي ڀي انسان، جيڪي ننگن تي نڇاور ٿيا.
    مينڌرو: تو مان سان ويساهه گھاتي ڪئي آهي.
    مومل: ننگن جي ويساهه گھاتيءَ جو انت ته ماري مات ڪرڻ آهي.
    مينڌرو: اهو پاپ آهي، انياءِ آهي؛ جڏهن ناتو ئي ٽُٽو ته پوءِ ڪهڙو ننگ، ڇا جو ننگ!
    مومل: ڍٽ ڌڻي، اسانکي مهڻي جو مرڻاس نه ڏي، منهنجي هردي ۾ ڪوبه ميرُ ناهي، ان نِرمل هردي ۾ تون ئي تون ايشور بڻجي سمايل آهين _ ان ڌڻيءَ جي مُـﻫـابي اسان تي مَرَههَ ڪر! ماڙَ ڪر!
    مينڌرو: جڏهن ايشور کي ڪنهن ساسيءَ سان مَٽُ ڀانئڻ تي ساڙ ۽ غيرت اچي ٿي ته پوءِ مان به انجي جوڙَ جوڙيل آهيان، مون کان به اهو مامرو ڪٿي سهي سگھبو. تو پنهنجي چَگههَ کي منهنجو مَٽ بڻايو، ان ساڙ ۽ غيرت واري مامري تي ڪوبه وهنوار نه هلندو.
    هر آتما ان هستيءَ جو اولڙو هوندي آهي، ۽ مان به ان هستيءَ جو پرتوو آهيان، مون ۾ به ان جا اهڃاڻ ۽ لَکڻ آهن. اها هڪ هستي جيڪا ديالوُ ۽ ڪرپا ڪندڙ آهي، ليڪن پاڻ سان مَٽ شاني نه ٿي سَهي سگهي ته پوءِ انجي ئي اُتپن ڪيئن ٿي سهي سگھي ته سندس سان جڙيل ناري ڪنهن ٻئي مڙد کي ڀانئي يا وقتي مَٽ شاني بڻائي.
    (مومل، راڻي جي قدمن تي پنهنجو مٿو رکي ليلائيندي رهي ٿي.)
    مومل: جڏهن ايشور پنهنجي اتپن ڪيل جيوَ تي دَيا، ڪرپا ۽ ماڙ ڪري ٿو ته تون به کڻي اسان مسڪين لاچار تي دَيا ڪري پنهنجي داسي ڪري رکُ! اسان تنهنجا ڏوهي آهيون، تنهنجي ڀَرِ وٺڻ لاءِ هر ڀوڳنا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيون.
    مينڌرو: تو جهڙي وَڏ گھراڻي جي ناريءَ لاءِ آدرش ڪا معنى نه ٿي رکي؛ آدرشن جو اَرٿُ به پنهنجي منشا پٽاندر ٺاهيندا، ڊاهيندا آهيو. تو هڪ وئشا واري چلت چلي آهي.
    مومل: وئشائون به لاچاريءَ ۽ بيوسيءَ جي مورت هونديون آهن، انهن جو اندر به گھرندو آهي ته ڪو هڪ هجي، جيڪو پنهنجو ڪري ماڻا کڻي، دڙڪي دهمان ۾ رکي، پنهنجي ٻانهُن ۾ قابو ڪري، مانَ مرياڌا جو ڪارڻ بڻجي؛ پر هي سماج انهن کي اهڙي مانَ ڏيڻ بدران وئشائون ٿي گذارڻ تي لاچار ڪندو آهي. اي راڄ ڌڻي، لاچار وئشا جي مورت ۾ ئي اسان تي ديا ڪر، اسان تنهنجا آهيون، تو ڏانهن ئي وَريا آهيون، اسانجو انت به تنهنجي نانءِ ٿيڻو آهي.
    مينڌرو: مان تنهنجي ڪنهن به چڪر ۾ اچڻو ناهيان، تنهنجا تِرڪ تالَ مونکي پنهنجي پيچري تان ترڪائي نه ٿا سگھن، تون ڀٽڪيل آهين.
    مومل: اسانجا سڀ ترڪ تالَ توکي ماڻڻ لاءِ آهن، جي اسانجي پرارٿنا توکي نٿي رسي سگھي ته پاڻ کي توتي ٻَلي چاڙهيندس، ڏاگھَ چڙهندس.
    (مومل اٿي وڃي ٿي ۽ ڏاگھ چڙهڻ جون تياريون ڪري ٿي، راڻي کي ماڻهو سمجھائن ٿا ، پر راڻو غيرت ۾ محو آهي، ۽ مومل چَکيا تي چڙهي سڙي مري ٿي، نيٺ راڻو به ان۾ ضم ٿي وڃي ٿو ۽ آخر ۾ اونداهي ڏيک ۾ هي بيت ٻُرن ٿا.)

    راڻو ربّ راضي ڪري، مانَ ورائي واڳ،
    چندن سين چڪ ڪري، مومل لنبي ماڳ،
    ســـــوڍي جـــي ســهاڳ، ڍٽ مڙوئي ڍڪيو.

    ڪيڏانـــهن ڪـاهيان ڪرهو، چوڏِس چـــٽاڻو،
    منجھين ڪاڪ ڪڪورئي، منجھس لڊاڻو،
    راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻـي ٻـــيو ناهه ڪِــــي.
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ناٽڪ ”ريءَ راڻي ٻيو ناهه ڪِي“ لکڻ جا اهم مقصد.

    مهرباني ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو