nadar baloch
سينيئر رڪن
پڙهو گھمايو، خزان تڙايو، اسين اٿون پيا بهار بنجي،
گھٽي گھٽي گونججي وئي آ، پکي پکي ويو پڪار بنجي.
هوا ۾ ڳاڙهي گلاب جي بوءِ سڄي، کٻي کان اچي رهي آ،
نظر نظر ۾ نچي رهي آ، خوشي خوشيءَ جو نکار بنجي.
ڪچو، پو سڀ ملير ٿي ويو، ننڍي وڏي ٿي وئي ماروي،
چَڙي چڙي ٿي ٻُري هِنئين ۾ جئي جئي جي تنوار بنجي.
ٻَني ٻَني تي ٻٻر لڳي ويا، ڪَسي ڪسي تي قدم کپي ويا،
سَلي سلي تي صفا ڄمي ويا، جوان جوان نثار بنجي.
ڪنول، هزارو، عقيق ٽهڪيو، رتن، چنبيلي، گلاب مَهڪيو،
عشاق آڏو حسين سامهون، قطار تي وئي قطار بنجي.
ڪڻِي ڪڻِي ٿي ڪٺي بخاري، ڦُڙو ڦڙو ٿو سمونڊ ڇڇڪي،
ڪڻو ڪڻو ويو خرار بنجي ڄڻو ڄڻو ويا هزار بنجي.
استاد بخاري """"""جي شاعري