جهاز حادثو ( اسلام آباد پاڪستان ) وڊيوز

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
جهاز حادثو ( اسلام آباد پاڪستان ) وڊيوز​

crash1.jpg
http://www.youtube.com/watch?v=mBFnXPVRmWM
اربعا تي پاڪستان جي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ ٿيل حادثو پاڪستان ۾ 4 سالن کانپوءِ ڪنهن مسافر جهاز جو حادثو هو. هن حادثي ۾ پاڪستاني زمين تي پهريون ڀيرو ڪنهن پرائيويٽ پاڪستاني ڪمپني جو مسافر جهاز تباهه ٿيو آهي. هن کان پهريان ٿيندڙ سمورن حادثن ۾ سرڪاري ايئر ڪمپني پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين جا جهاز ئي تباهه ٿيا جن ۾ پاڪستاني زمين تي صرف فوڪر جهاز ئي حادثن جو شڪار ٿيا.
پاڪستان ۾ مسافر جهازن جي تاريخ ۾ گادي واري هنڌ جي حدن ۾ ٿيندڙ ٽيون حادثو هو. ان کان پهريان 10 جولاءِ 2006 ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين جو فوڪر جهاز ملتان ايئرپورٽ کان اُڏامي حادثي جو شڪار ٿيو هو جنهن ۾ 45 ڄڻا مري ويا هئا.
ملتان واري حادثي کانپوءِ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين فوڪر جهازن کي استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. فيبروري سال 2003ع ۾ پاڪستان ايئر فورس جي سربراهه مصحف علي مير فوڪر جهاز جي حادثي ۾ 17 آفيسر سميت ڪري ويو هو. 1989ع ۾ گلگت ۾ به هڪ فوڪر جهاز 54 مسافرن سميت گم ٿي ويو هو جنهن جو اڄ ڏينهن تائين نالو نشان ڪونه ملي سگهيو آهي.
1986ع ۾ پشاور ۾ هڪ فوڪر جهاز تباهه ٿيو هو جنهن جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا مارجي ويا هئا. پاڪستان ۾ پي آءِ اي جي استعمال ۾ فوڪر جهاز جو پهريون حادثو 1970 ۾ ٿيو هو جنهن ۾ 30 مسافر مري ويا هئا. ٻيو حادثو 1972 ۾ ٿيو ۽ هن ۾ 26 ڄڻا مارجي ويا هئا. اُهي ٻئي حادثا راولپنڊي اسلام آباد ۾ ٿيا.

http://www.youtube.com/watch?v=Zg44LDblYhI
http://www.youtube.com/watch?v=zHYVilxlVSw&NR=1
http://www.youtube.com/watch?v=jSXJimQmIRQ

http://www.youtube.com/watch?v=N-gUJ2PwrEQ
http://www.youtube.com/watch?v=O4uGNR3cSqs
ايڪسپريس ٽي وي نيوز اردو وڊيو​
http://www.youtube.com/watch?v=P6R0MThE-Fs&feature=related
 
جواب: جهاز حادثو ( اسلام آباد پاڪستان ) وڊيوز

ٻڌي تمام افسوس ٿيو الله تعالي هنن جي گهر وارن کي برداشت ڪرڻ جي همت ڏئي باقي انسانن کون ڪم چهڙيو پيو آهي

ا
 
جواب: جهاز حادثو ( اسلام آباد پاڪستان ) وڊيوز

چون ٿا ته 152 مسافرن سان ڀريل هن جهاز مان ڪو به مسافر بچي نه سگهيو۔۔۔ هاءِ ڙي موت۔۔۔
تمام ڏکوئيندڙ ۽ ڊپ ڏياريندڙ خبر آهي۔۔۔ دعا آهي ته الله پاڪ سمورن مسلمانن کي پنهنجي پناهه ۾ رکي ۽ فوت ٿيندڙن کي مغفرت عطا فرمائي۔۔۔
 
جواب: جهاز حادثو ( اسلام آباد پاڪستان ) وڊيوز

چون ٿا ته 152 مسافرن سان ڀريل هن جهاز مان ڪو به مسافر بچي نه سگهيو۔۔۔ هاءِ ڙي موت۔۔۔
تمام ڏکوئيندڙ ۽ ڊپ ڏياريندڙ خبر آهي۔۔۔ دعا آهي ته الله پاڪ سمورن مسلمانن کي پنهنجي پناهه ۾ رکي ۽ فوت ٿيندڙن کي مغفرت عطا فرمائي۔۔۔
آمين
جي ادا سائين بلڪل توهان جي ڳالهه درست آهي ، ته ڪوئي به ماڻهو نه بچيو، الله معافي ڏي، جو جهاز جو حادثو اهڙي جڳهه تي ٿيو آهي جتي، نه ڪائي ايمبولنس ۽ وري هيليڪاپٽر پهچي سگهي۔ مان اُها جاءِ اڄ پنهنجي گنهگار اکين سان ٿورو پري کان ڏٺي آهي ۽ لاش ڍوئيندڙ هليڪاپٽر به ڏٺا جيڪي 9 بجي تائين لاش کڻندا رهيا آهن (افسوس جو انهن لاشن کي لٽڪائي ڪري کنيو ويو آهي، جيئي اسين اڄڪلهه ڪنهن ٿيلهي ۾ سامان وٺي کڻي ويندا آهيون) اصل هيانءُ ڏاريندڙ منظر آهي، بس اڄڪلهه جون برساتن باهه تي ڪنٽرول ڪيو نه ته هن وقت تائين لاش ڪونه ڍوئي سگهجن ها۔ ۽ سڄو ٻيلو (پهاڙ جي مٿان تمام گهاٽا وڻ آهن جيڪي ٻيلي جي شڪل اختيار ڪيو بيٺا‌ آهن جنهن ۾ خونخوار جانور به رهن ٿا) سڙي رک ٿي وڃي ها۔ الله رب العزت هر ماڻهو کي پنهنجي امان ۾‌رکي۔
 
Back
Top