شاعري جي مجموعي تي تبصرو

'مقالا' فورم ۾ نرمل طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2010۔

  1. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    شاعري جي مجموعي”تتو ڏينهن ڇِتو نينهن“تي هڪ نظر
    ”نرمل“ کوهارو
    موجوده دؤر ۾ ڪتاب ۽ قلم کان پري رهندڙ انسان هٿياربند بڻجي چڪا آهن. تنهن سان گڏوگڏ زمان ۽ مڪان، عقل ۽ فهم، سوچ ۽ سمجهه جي ڦير گهير به انساني تبديلن جي اهم اهڃاڻن جو ڪارڻ بڻيل آهي. اسان جي سماج ۾ بک، بدحالي، قبائلي جهيڙا، نوجوانن جو مايوس ٿي خودڪشي ڪرڻ، تنهن کان علاوه اسان جي سماج ۾ ڪارو ڪاري جهڙيون ڪڌيون ريتون اڃا به ڪن علائقن ۾ ڪَرَ کنيو بيٺيون آهن. ان مٿين سمورن مسئلن کان ته هر ڪو واقف آهي. جيتوڻيڪ اهڙين معاشي براين، سماج ۾ جنم وٺڻ جي ڪارڻن ۽ اهڙين ئي ٻين مصيبتن ۾ اڄ جو انسان ائين ئي جڪڙيو پيو آهي جيئن ڪو وبائي مرض هن سماج جي رڳ رڳ ۾ ناسور بڻجي انساني وجودن کي ڏنگي رهيو هجي. پر اسان جا ڏاها ۽ ادب پارکو عالم اهڙين مسئلن کي وقت بوقت پنهنجي قلم سان نندڻ جي ڪوشش ۾ هميشه مشغول ۽ منصور قدم رهيا آهن سندن هر لکڻي اهڙين موذي مرضن کي ختم ڪرڻ، سماج ۾ امن، سک، شانتي، پيار، پوتر جذبن ۽ امنگن جو پيغام هر وقت پهچائيندا رهن ٿا ۽ اهي پنهنجو مٽ پاڻ هر ويلي ۽ هر وقت ملهائيندي نظر اچن ٿا. تنهن سان گڏوگڏ سندن قلمي جدوجهد جي سهاري سان سندن پيغام ۽ انساني جذبو جولان بڻجي اسان جي سماج کي سکن جو ريج ڏيڻ ۾ پڻ هم آهنگ ۽ اعليٰ فهم واري سوچ وسيلي محبت جو درس ڏيڻ پڻ سندن مشغلي ۾ شامل آهي. امن آرزو آهي، امن عزت آهي، امن خوبصورتي آهي، امن مهڪار آهي، امن هٻڪار آهي، امن مخلصي آهي، ان ريت ادب زندگي آهي، ادب عبادت آهي، ادب سخاوت آهي، ادب سُڪون آهي، ٻئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم جُز آهن. ادب ظلم کان ڍال آهي، جڏهن ته مشينري دؤر ۾ ظلم جي پيداوار ٿي آهي. جڏهن ته مشينري نظام مخالف طاقت ۾ ظلم جي پيداور بڻجي چڪو آهي. ان سان گڏوگڏ ترقي جي مڪروه شڪل جي ويس مان نڪرندي انسان ۽ انسانيت کي ختم ڪرڻ جا جتن ڪري رهيو آهي. ادب ئي حساس انسانن کي سمهڻ ۽ گهري ننڊ ۾ خوب صورت خواب ڏسڻ لاءِ کين لوليون ڏنيون. ان جي ڀيٽ ۾ ترقي گولين جي وسيلي انهن کي زندگي جي وحشتن جي اونداهي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي. اهڙي وحشتناڪ ۽ انڌوڪار واري فضا ۾ ادب، شاعري، افساني ۽ ناولن وسيلي ظلم جي مڪروه شڪل کي بي نقاب ڪيو ويو آهي .
    قلم ۽ ڪتاب جي اثرائتي انداز ۾ تعلق گهٽجڻ سان انسانن کي قانوني ۽ غير قانوني طرح سان هٿياربند ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي ريت ڏٺووڃي ته اديب ئي پنهنجي ادب واري سگهه وسيلي هميشه سماج جي عڪاسي ڪندڙ ۽ انساني جذبن ۽ احساسن جو ترجماني ڪندڙ رهيو آهي. اسان هت منصور ملڪ جي هن سوکڙي ”تتو ڏينهن، ڇِتو نينهن“ ۾ به اهڙي ئي قسم جا نُڪتا سندس شاعراڻي مهارت سان جيڪي هن ان سوکڙي ۾ قلمبند ڪري رکيا آهن، تن کي نروار ڪرڻ جا جتن ڪنداسين، سندس شاعراڻي سگهه جي خوشبو قوم پرستي ۽ عوام الناس سان سلهاڙيل آهي. سندس اندر جا اُڌما اسان جي سماج جي اهڙي ئي ريت عڪاسي ڪن ٿا جهڙي ريت پاڻ هن نُڪتي کي هيٺ نروار ڪن ٿا:
    محبوبن جي صورت اڻ لڀ،
    مشتاقن جي صورت اڻ لڀ.
    جاتي ڪاٿي ماتم ماتم،
    راحت چاهت الفت اڻ لڀ.
    بزدل گيدي ڀاڙيا ماڻهو،
    مردن واري جرئت اڻ لڀ.
    ڪانَو اچي ويا هنج مري ويا،
    سهڻي سيرت صورت اڻ لڀ.
    تقريرن ۾ خالي نعرا،
    يار ڏسون ٿا حڪمت اڻ لڀ.
    موڳا ماڻهو، ڇسا ڇوڪر،
    لوئي لڄ ۽ غيرت اڻ لڀ.
    درد اسان ”منصور“! نپايا،
    دل ۾ آهي راحت اڻ لڀ.
    سندس سوچ جي اٿاهه سمنڊ ۾ ٽٻيو کائيندڙ اهڙا نُڪتا سندس ڏاهپ جو ڏس ڏين ٿا، وري انساني جذبي کي اتساهڻ لاءِ پاڻ پنهنجي شاعري وسيلي اهڙن باريڪ نُقطن جي به آبياري ڪن ٿا جو جيڪر پڙهندڙ دنگ رهجيو وڃي. پاڻ سماج ۾ پيدا ٿيندڙ انهن عنصرن جي نشاندهي به ڪندي نظر اچن ٿا جن کي شايد ئي ڪو پنهنجي محور جي پولار ۾ جهٽي ۽ پرکي سگهيو هجي، سندن شاعري جو جولان به دماغ جي ڳڙکين مان گذرندي دماغ کي قوت ٿو بخشي، سندس هن مجموعي ۾ پيش ڪيل منظر نگاري به اهڙي ڪمال فن جو ثبوت ڏيئي ٿي جهڙي ريت هت انسانيت کان سوال ڪندي نظر اچي ٿو ته:
    ڪي مسجد مندر ڊاهن هٿ،
    ڪي دل جو ڪعبو ٺاهن هٿ.
    ويڙهائڻ ۽ مارائڻ ۾،
    ڪنهنجا هوندا آهن هٿ؟
    منصور ملڪ جي من جي مانڌاڻ به حب الوطني سندس وجود کي مٽي جي محبت سان سلهاڙي ٿي ۽ سندس پيڙائون به کيس ان انومان ۾ وجهي ٿيون ڇڏين ته سندس ازلي ۽ ابدي محبت به ان ديس سان آهي جنهن ۾ سندس جنم ٿيو ۽ سندس ئي جنم ڀومي کي ڀيٽا طور پڙهندڙن کي تنبيهه ڪندي چوي ٿو ته:
    سنڌڙي مٺڙي ڌرتي ان جي!
    خدمت جذبن ۾ ڪر نافذ!
    پاڻ انا الحق جو نعرو هڻندي ڪٿي ملان ۽ پنڊت کي ڇرڪائي به وجهي ٿو ته وري آقائي نامدار صلعم، حضرت علي المرتضيٰ ڪرم الله وجهه سان محبت جا پيچ پڻ پائيندي نظر اچي ٿو ته وري ٻئي طرف صوفي شاهه عنايت، منصور ۽ سرمد شهادت جي جام نوش ڪرڻ واري حقيقت سان بيحد عقيدت جو اظهار به سندس ناصحاڻي نڪتن ۾ نروار نظر اچي ٿو. سندس ئي ڪويتائن وسيلي پاڻ کي هوشيار ۽ خبردار ڪرڻ جو سانگو به سندس سر سان سانڍيل ٿو ملي جهڙوڪ:
    شريعت وڏي آ، طريقت وڏي آ،
    فنايت فنايت، انا الحق اناالحق.
    هٽايو هي هندو، مٽايو هي مسلم،
    تفاوت تفاوت، اناالحق اناالحق.
    عنايت بلاول ۽ منصور سرمد،
    شهادت شهادت، اناالحق اناالحق.
    احد ڄام احمد، عليءَ جي تنين سان،
    جڙاوت، جڙاوت اناالحق، اناالحق.
    سندن خدا جي محبت ۾ پچي پاهه ٿيڻ ۽ عاشق جي اصلي ڪيفيت جي تانگهه توڙي عاشق کي سولي تي به مسڪرائڻ، سر اڏيءَ تان اڏائڻ جي رمز سان گڏوگڏ کيس چاهت جي چولي ۾ کيس نمودار ڪندي به نظر اچي ٿو:
    رِم جهمِ نينهن نچائي سِڪَ،
    نيڻن ننڊ ڦٽائي سِڪَ!
    محبت ۾ هن جيڪي ٿينديون،
    رمزون سي سمجهائي سِڪَ!
    ڦٿڪائي تڙپائي، هردم،
    ساجن ساهه سڪائي سِڪَ!
    ”منصور“ بلاول سرمد کي ڏس،
    ڪيئن ٿي ڪنڌ ڪپائي سِڪَ!
    سندس لوچ ۽ سوچ به سڪ ۾ سڏڪندي نظر اچي ٿي سندس من جي مڻيا جا راز به سندس هن شعر مثل ڀانئجن ٿا:
    رند پڇن ٿا، روئي ڪُرڪي!
    ڪڏهين ڏيندو، ساقي سُرڪي!
    سندس اندر ۾ هڪ آهه به آهي ته سندس آزي نيازي به هو سوچي ٿو ته هي سڀ آخر ڪنهن جا لاءِ آهي، سندس وجود آخر ڪهڙي رمز کي پرکڻ ۾ رڌل آهي، سندس جذبن، اُڌمن ۽ سوچن جي پولار کي آخر ڪهڙي وياکيا جي ضرورت آهي؟ اهڙي ريت کيس ڪوڙي مايا سان کيس نفرت آهي ته منصورن آڏو پاڻ کي پڏائڻ جي تنبيهه به ٿيل آهي، نفس اماره تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ به درس ڏئي ٿو ته وري ٻئي طرف سندس چواڻي موجب ته اصل راهه تي هلڻ لاءِ انسان کي جاڳ، رياضت جو سبق سکڻ جي ڳالهه به ڪري ٿو:
    صوفي سالڪ مون وٽ آهن،
    عابد زاهد تُنهنجي پاسي.
    *
    لائبو جڏ- صوفين سان،
    ڳائبو تڏ- صوفين سان.
    چاهه جن وٽ، راهه تن وٽ،
    ويهه تون گڏ- صوفين سان.
    *
    پٿر گهڙيل آهيون،
    سورن سڙيل آهيون.
    شاعر آهيون تڏهين،
    گهر کان تڙيل آهيون.
    مُلي، پنڊت مان سڀ،
    ڏاڍا تڙيل آهيون.
    اهڙي ريت هن مجموعي ۾ سرسري نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ هڪ پڙهيل ۽ ڪڙهيل قسم جو انسان آهي، سندس فڪر جي گهرائي تمام اٿاهه قسم جي آهي، سندس شاعراڻو ڪمال ڏسڻو هجي ته سندس هن مجموعي تي هڪ نظر ضرور وجهندا ۽ پوءِ ئي فيصلو ڪندا ته آيا ڪه اهڙي قسم جو ڳالهيون جيڪي مٿي ذڪر ڪيون ويون آهن اهي سچ آهن يا نه؟ بلڪل مان پوري عقل ۽ هوش جي عالم ۾ اها ڳالهه ڪري رهيو آهيان ڇاڪاڻ ته سندس اهڙي مجموعي کي پڙهڻ کان پوءِ ئي اهي مٿي پيش ڪيل رايا پروڙي ۽ پرجهي پوءِ ئي ڪو فيصلو صادر فرمائڻ جي جرئت ٿي ڪري سگهيو آهيا. سندس هي مجموعو ڪل 320 صفحن تي ڊيمي سائيز تي مشتمل آهي. سندس هن ڪاوش کي لکڻ ۾ ڪيترو وقت درڪار ٿيو هوندو سو ته منصور ملڪ ئي ٻڌائي سگهي ٿو، سندس هن مجموعي جو مهاڳ ڊاڪٽر ظفر عباسي پاران لکيو ويو آهي. هن مجموعي ۾ غزل، نظماڻا غزل، گيت ۽ ڇڙواڳ هائيڪا شامل آهن. منصور ملڪ شاعريءَ جي ميدان ۾ نه رڳو 6 شاعريءَ جا مجموعا ئي سنڌي ادب کي ارپيا آهن، پر ان کان علاوه سندس شاعري جو هڪ ديوان پڻ شامل آهي. ۽ نثر ۾ ”خيال خطن ۾ خواب اکين ۾“ ”تو لکيو مون پڙهيو“، ”سور سنيها- نينهن نياپا“ پڻ نثر جهڙي موضوع تي آڌاريل اٿس، تنهن کان علاوه هي مجموعي تقريبن مارچ 2008ع ۾ شايع ٿيو آهي. اميد ته سندس سنڌي ادب جو سفر اڳي کان اڳرو رهندو اچي ۽ ڌڻي جي بارگاهه ۾ اها دعا ٿا گهرون ته الله پاڪ کيس وڌيڪ ساڃاهه ڏئي ته جيئن هو پنهنجي سنڌي سماج ۾ رهي ڪري سنڌي ادب ۾ سٺو ڪردار ادا ڪري سگهي.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شاعري جي مجموعي تي تبصرو

    سهڻا سائين نرمل تمام سٺو لکيو آهي اوهان ۔۔۔ جڏهن سماج پورو عجيب قسم جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي ته ان قوم جا اديب ۽ ڏاها قلم جي جنگ شروع ڪندا اهن ۽ پنهنجي قوم جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي سهارا ڏئي ڪنڌيءَ لڳائيندا آهن ۔۔۔

    تتو ڏينهن ڇِتو نينهن ۔۔۔ کي جنهن طرح سان اوهان ٻڌايو آهي ته پڪ سان منصور ملڪ جي هي ڪاوش پڙهڻ جوڳي هوندي ۔۔۔ افسوس جو سنڌ ۾ نه هجڻ سبب اهو ڪتاب حاصل ڪري پڙهي نٿو سگهجي پر اميدن تي جهان قائم ۔۔۔ سو پاڻ به اميد ڪريون ٿا ته هڪ ڏينهن اهو ڪتاب پڙهبو ضرور۔۔۔ باقي اوهانجي اشارن مان ڪتاب بابت ۽ منصور ملڪ جي سوچ بابت ڪافي ڪجهه اندازرو ٿي ويو آهي ۔۔۔

    لک ٿورا ۔۔۔ دعائن ۾ گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو