جيئن ته سنڌ جي اوطاقن جو اصل ڪمال اهو آهي ته هتي ڪچهريءَ سان گڏ ڳجهارتون، چانهه پاڻي، ڀوڳ ٺڪاءُ ۽ مستيون ته هلنديون پيون پر سکڻ لاءِ به گهڻو ڪجهه هجي ٿو۔۔ اهو ئي سوچي اڄ مان توهان جي سکيا لاءِ هڪ نئون پروگرام ٺاهي آيو آهيان۔۔ هي اهڙي سکيا آهي جيڪا توهان کي ڪنهن اسڪول ۾نه ملندي هي اهڙي سکيا آهي جيڪا توهان کي ڪنهن ڪاليج ۾نه ملندي هي اهڙي سکيا آهي جيڪا توهان کي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾نه ملندي نه وري ڪنهن ڀلي اداري ۾ ملندي۔۔۔ اهو ڪاڪي آچار جي اوطاق جو ڪمال اٿوَ۔۔۔۔۔۔ واقعي سکڻ جو موڊ اٿوَ۔۔۔۔؟ ته اچو۔۔۔۔ هاڻي سکيا جو پهريون مرحلو توهان جي لاءِ ۔۔۔۔۔۔۔۔ بسم الله ڪري وات کوليو۔۔۔۔۔۔ پر ترسو۔۔۔ خبر ته پوي توهان سکڻ جي لائق آهيو يا نه۔۔۔۔؟ پهرين اوهان جو ٽيسٽ ٿيندو۔۔ پهرين هنن ٻن جملن کي هر هر ، گهڙي گهڙي پڙهو ته خبر پوي۔۔۔۔ باگڙجي جي بند تي، ٻه بگا گابا ڀڳا۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: ٿوڙي سکيا به ضروري آهي۔۔۔ ادا وهاب ڏس نه مست جي مستي گابا ٿو ڀڄرائي وري اهي به فقير جي شهر ۾ ٻيلي ڪجهه ڏاهو ٿئي يار :d:d:d پر خيئر جي ڪجهه سکڻ جي لا۽ گابا ڀڄرائڻا پئجي ويا اهي به پنهنجي شهر ۾ ته خيئر آهي ادا اهي گابا ڀڄرائڻ ته ڇا پر اهي مست جا گابا به چارائينداسين =p~=p~=p~ سدائين گڏ
جواب: ٿوڙي سکيا به ضروري آهي۔۔۔ رڳو نظر سان ناهي پڙهڻو۔۔۔ پر وات جي ذريعي بلند آواز ۾ هر هر پڙهي ڏسو۔۔۔
جواب: ٿوڙي سکيا به ضروري آهي۔۔۔ مان پڙهان ٿو بلند آواز ۾ ته اهو اڳتي هلي زبان ئي چينج ٿي وڃي ٿي۔ هي به ڪچا پاپڙ پڪا پاپڙ واري ڪار آهي
جواب: ٿوڙي سکيا به ضروري آهي۔۔۔ او اها ٿي نه اصل ڳالهه۔۔۔ پر ڀائو هي ڪچا پاپڙ کان به ڏکي ڳالهه اٿئي۔۔