• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

يوٽيوب ٽپس ۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
يوٽيوب وڊيوز کي ڏسڻ دوران اڪثر ائين ٿيندو آهي جو توهان چاهيندا آهيو ته وڊيو کي ڪجهه سيڪنڊ پوئتي هٽائي منظر کي ٻيهر ڏسجي ۽ پوءِ ٻيهر 10 يا 15 سيڪنڊ وڊيو کي اڳتي ڪري باقي منظرَ ڏسجن۔۔۔ مائوس سان ايئن ڪرڻ ڏکيو ۽ وقت طلب هوندو آهي جو مائوس ڪلڪنگ درست جاءِ تي ٿي نه سگهندي آهي۔۔۔
ان لاءِ يوٽيوب وڊيو ڏسندي هي ٽپ توهان کي ڪافي فائدو ڏئي سگهي ٿي۔۔۔ توهان کي گهرجي ته وڊيو ڏسڻ دوران توهان کاٻي ۽ ساڄي پاسي تير وارا بٽڻ‌ LEFT and RIGHT arrow keys استعمال ڪريو۔۔۔

21otq2g.png

33mld2r.jpg

ائين ڪرڻ سان توهان کي وڊيو ڏسڻ ۽ سمجهڻ ۾ آساني لڳندي۔۔۔ ان عمل کي چاهيو ته نارمل موڊ ۾ استعمال ڪريو ۽ جي چاهيو ته فل اسڪرين موڊ ۾ پڻ استعمال ڪري مزو وٺي سگهو ٿا۔۔۔
ان کانسواءِ هڪ ٻيو اضافو ڪندو هلان ته وڊيو هلڻ دوران ڪهڙي به وقت اسپيس بٽڻ SPACE BAR دٻائي هلندڙ وڊيو پاس يا پلي ڪري سگهو ٿا۔۔۔
 
جواب: يوٽيوب ٽپس ۔۔۔

آهي ننڍڙي ٽپ پر آهي ڪم واري ٽپ اهڙي بهترين شيئرنگ ڪرڻ تي توهان جي مهرباني

توهان جي ٻڌايل معلومات ڏسي ڪري مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ مان کي ڪو طفيل مڪتب آهيان

سدائين گڏ
 
Back
Top