• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان اوباش فطرت يا خُدا انسان ئي آهيون

نثارناز

سينيئر رڪن
دوستو ڪافي ڏينهن کانپوٌءِ ڏات جي ديوي مهربان ٿي آهي غزل جي صورت ۾ سوچيم ته توهان سڀني دوستن سان شيئر ڪري ڇڏيان .​
غزل
نثاراحمدناز
لڪائيندي به جذبن کي لڪائي ڪين سگهياسين
وِجِهي تُنهنجي اکين۾اکڙيون هٽائي ڪين سگهياسين
ـــ
ڀلي ڪاوڙ زمانو لَکَ ڪَري پرواهه ڪا ناهي،
وِڌو ڀاڪُر توهان ڀِيڙي ڇڏائي ڪين سگهياسين.
ـــ
”سلامت سنڌ“ ! اسان حاضر، هُئا ڪَمَ ڪارَ ڪافِي پر،
ڏنو سِڪَ مان توهان سَڏِڙو نٽائي ڪين سگهياسين !
ـــ
هِتي منصور ڇا بڻجون نڪا حَدَ تو ڪئي لاڳو،
اَڏِيءَ تي سر رکي جانان ڪَٽائي ڪين سگهياسين.
ـــ
”اسان اوباش فطرت يا خُدا انسان ئي آهيون“،
گُناهن کان تڏهن دامن بچائي ڪين سگهياسين !
ـــ
الائي ” ناز“ ڇو هينئڙو وَڏِي مانداڻ ۾ آهي،
ڏِنِي سُهڻن ذَرِي سَٽَ آ، پچائي ڪين سگهياسين​
(”سلامت سنڌ“ معنى سنڌ سلامت فورم وارا)
 
واه سائين واه جيڪڏهن هن شاعري کي تصويري صورت ڏيو ها لاجواب هجي ها۔
مهرباني
 
واه سائين واه جيڪڏهن هن شاعري کي تصويري صورت ڏيو ها لاجواب هجي ها۔
مهرباني
پوءِ توهان ڪيو نه بسم الله، پنهنجي لاءِ ته هرڪو ٿو جيئي اڄ الله ڪارڻ اسان لاءِ به جِي وڃو، ماشاءالله توهان ته سنڌ فورم جا سڀ کان سُهڻا ۽ پيارا ڊيزائنر آهيو۔​
 
محترم ناز صاحب اوهان جي شاعري ته اصل من کي موهي وڌو،سائين اوهان شاعري تمام گهڻي پسند ايندي آهي پر اڄ وارو غزل ته اصل غضبناڪ نڪتو، سائين ڇا ته اوهان جي لفظن جي چونڊ آ انهي کي اهڙو سلجهائي پيش ڪرڻ اصل سبحان الله، اميد ته اوهان اهڙين يادگيرين کان ٻيهر نه وساريندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
ادا نثار
حق موجود
سهڻا ماڻهون، سهڻا خيال ۽ سهڻا سخن، هاڻ سمجه ۾ آيو ته ... شاعري انسان جي اندر ۾ مانڊاڻ ڇو مچائيندي آهي ... جڏهن منهنجي ڳالهه ئي مونسان ڪئي ويندي ته مانڊاڻ ته مچندو نه ... واه سائين نثار ناز واه... دل باغ باغ ٿي وئي ...
اميدن تي جهان قائم ۽ اڳتي جي اميد برقرار
سدائين گڏ
 

ڀلي ڪاوڙ زمانو لَکَ ڪَري پرواهه ڪا ناهي،
وِڌو ڀاڪُر توهان ڀِيڙي ڇڏائي ڪين سگهياسين.
ـــ
هِتي منصور ڇا بڻجون نڪا حَدَ تو ڪئي لاڳو،
اَڏِيءَ تي سر رکي جانان ڪَٽائي ڪين سگهياسين.
ـــ
الائي ” ناز“ ڇو هينئڙو وَڏِي مانداڻ ۾ آهي،
ڏِنِي سُهڻن ذَرِي سَٽَ آ، پچائي ڪين سگهياسين​
حالانڪه کي اهڙا ڏکيا لفظ نه آهن پر توهان جي لاجواب شاعري کي صحيح طريقي کي سمجهڻ لاءِ مٿي ڏنل ڳاڙهن لفظن جي سولي سنڌي واري معني جيڪڏهن ٻڌايو ته سنڌ سلامت جا سڀئي رڪن توهان جي شاعري جي اونهائي سمجهي سگهندا۔۔۔
سلامت سنڌ“ ! اسان حاضر، هُئا ڪَمَ ڪارَ ڪافِي پر،
ڏنو سِڪَ مان توهان سَڏِڙو نٽائي ڪين سگهياسين !
توهان جا لک لائق۔۔۔
 
واه سائين واه لاجواب ڪري ڇڏيو اصل گرمي جيڪو هيڻو ڪري وڌ و هو اوهان جو غزل پڙهي ڪري ٻيڻا ٿي ويا سي شل آباد هجو سائين
مهرباني
اوهان جي
 
مٺا ويٺي ويٺي خيال اچي ويو ته انهي شاعري کي ڊزائين ڪجي ، سو اسان پنهنجي موچاري دماغ سان انهي کي تصويري روپ ڏنو آهي۔ \
119tiz9.jpg


مٺا هي منهنجي پهرين ڊزائننگ آهي، ٿورو رحم ڪجو
 
واه ادا واه تمام پياري ڊيزائن آهي هتي ته سڀ ڊيزائنر آهن اسان پوڙهن کي به لاهيندا ان ميدان ۾ يار اسان جو خون به هاڻي مڙئي جوش پيو کائي پر پوڙهن جو ٿڌو خون الاء ڪڏهن رنگ ڏيکاريندو
 
واه ادا واه تمام پياري ڊيزائن آهي هتي ته سڀ ڊيزائنر آهن اسان پوڙهن کي به لاهيندا ان ميدان ۾ يار اسان جو خون به هاڻي مڙئي جوش پيو کائي پر پوڙهن جو ٿڌو خون الاء ڪڏهن رنگ ڏيکاريندو
مٺا علي علي بس توهان پوڙهن جون دعائون آهن، مٺا اسين به هاڻي اچي پوڙها ٿيا آهيون، سو واندڪائي وارو وندر شروع ڪيو سين، مٺا مون واري موچاري ڊزائينگ جي تعريف ڪرڻ جي مهرباني،
 
Back
Top