حليم بروهي ڏانهن موڪلڻ کان رهجي ويل هڪ خط

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏30 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    حليم بروهي ڏانهن موڪلڻ کان رهجي ويل هڪ خط​


    منوج ڪمار

    پيارا حليم!

    مونکي پڪ آهي ته تون جتي ويو آهين، اتي خوش هوندين ۽ مونکي اها به پڪ آهي ته جنهن مالڪ حقيقي وٽ تون ويو آهين، اهو به توکي پاڻ وٽ موجود ڏسي خوش هوندو. مونکي تنهنجي هن دنيا ۾ نه هجڻ واري خبر منهنجي دوست لياقت ٿهيم مونکي ايس ايم ايس ذريعي ڏني. ”يار! حليم گذاري ويو“ وارو هڪ سٽ جو اهو مختصر جملو منهنجي مٿان هن سانوڻي مند ۾ وڄ جيان ڪري پيو. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ انهي خبر جي پڪ ڪيئن ڪريان؟ بجلي به بند آهي. ٽي وي به نٿي هلي ۽ انهيءَ وقت عزيز سولنگي جو فون اچي ٿو ۽ مونکي تنهنجي نه هئڻ واري خبر جي نه چاهيندي به پڪ ڪرڻي ٿي پئي.

    حليم!آئون پنهنجي مزاج ۾ ڏاڍو عقليت پسند آهيان، مونکي فطرت کان مٿانهين ڳالهين تي اعتبار گهٽ ايندو آهي پر گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان تون مونکي ڏاڍو ياد اچي رهيو هئين. منهنجي ڏاڍي دل پئي ٿي ته آئون صدر ۾ تنهنجي گهر شهزادي منزل تي اچي توسان ملان، جتي تون مونکي هميشه پيار سان ملندو هئين. اڃان مهينو کن اڳ جي ته ڳالهه آهي جو آئون پنهنجي پٽ ڪبير کي تو وٽ وٺي آيو هئس ۽ پاڻ ويهي جهان جو ڳالهيون ڪيون. تو مونکي تڏهن چيو هو ته تون هاڻ انهيءَ انٽرويو لاءِ تيار آهين، جنهن لاءِ مون توکي ڪافي وقت کان منٿون پئي ڪيون. منهنجي خواهش هئي ته انهي انٽرويو ۾ تنهنجي زندگي جي سڀني رخن تي ڳالهائجي. تنهنجي ذاتي زندگي کان وٺي تنهنجي ادب ۽ لسانيات تي ڪيل ڪم تي، پر اهو انٽرويو نه ٿي سگهيو ۽ تنهنجي شخصيت ۾ جهاتي پائڻ جي اها خواهش اڌوري رهجي وئي. مون توسان انهيءَ ڪري به ملڻ پئي چاهيو جو اڄ کان هفتو پوءِ يعني 5 آگسٽ تي تنهنجو جنم ڏينهن هو. انهيءَ ڏينهن تي تون 75 سالن جو ٿئين ها. مون تنهنجي جنم ڏينهن تي هڪ ڪالم پئي لکڻ پئي چاهيو. مون چاهيو پئي ته توسان ملان ته جيئن مونکي انهي ڪالم لاءِ اتساهه ملي. مونکي خبر نه هئي ته انهي ڪالم ۾ آئون ڇا لکان ها. پر مون انهيءَ ڪالم جو عنوان سوچي ڇڏيو هو. هونئن آئون عنوان ڪالم لکي پورو ڪري پوءِ ڏيندو آهيان، پر انهي ڪالم جو عنوان مون اڳواٽ سوچي ڇڏيو هو. انهي ڪالم جو عنوان هجي ها ”حليم بروهي جي اڪيلائپ جا پنجهتر سال“. اهو عنوان مون گارشيا مارڪئيز جي ناول جي طرز تي ڏنو پئي، جو مونکي سدائين لڳندو آهي ته تنهنجي زندگي اڪيلائپ جو هڪ وڏو سفر رهيو آهي. مون توکي ڪڏهن به هجوم ۾ ڪونه ڏٺو آهي. مون توکي ڪڏهن به ٻئي سان گڏ ويندي نه ڏٺو آهي. تنهن ڏينهن به جڏهن تون مونکي اوچتو فاران هوٽل جي سامهون ملي وئين ۽ مون چيو ته پاڻ هلي فاران هوٽل ۾ ڪچهري ٿا ڪريون ۽ تو ٿوري دير سوچي پوءِ حامي ڀري هئي. اتي ويهي تو مونکي ٻڌايو هو ته فاران هوٽل تنهنجي ناناڻن جي هئي ۽ تون اتي سالن کانپوءِ آيو آهين، ڇاڪاڻ ته تون شايد انهن سان ايتري ويجهڙائپ رکڻ نه پئي چاهيندو هئين.

    مون توکي جڏهن به ڏٺو ته انهيءَ اڪيلائي ۾ ئي ڏٺو. پنهنجي گهر ۾ به تون دروازي وٽ انهيءَ ڪرسي تي اڪيلو ويٺو هوندو هئين. نيم اونداهي ۾ انهيءَ ڪمري ۾ هلندڙ ٽي وي جا عڪس تنهنجي چهري تي بدلجندا هئا. انهي ٽي وي جو آواز بند هوندو هو پر تون اها ٽي وي ڏسندو رهندو هئين، يا ٽي وي هلڻ ڪو بهانو هو ۽ تون بس پنهنجي خيالن ۾ گم هوندو هئين.

    حليم! آئون ڄاڻان ٿو ته تون اڪيلو ڇو هوندو هئين. ڪافي وقت اڳي مون شيخ اياز جي هڪ سٽ پڙهي هئي. ”لليپٽ ۾ گليور ٿيڻ دنيا جي سڀ کان وڏي بدنصيبي آهي“. مونکي تڏهن انهي سٽ جو مقصد سمجهه ۾ ڪونه آيو هو. پر انگريزي ۾ ايم اي ڪرڻ دوراڻ مون جوناٿن سفٽ جو ڪتاب ”گليورز ٽريول“ پڙهيو هو، جيڪو برطانوي سماج تي هڪ خطرناڪ طنز هو. انهي ۾ لليپٽ ڄامڙن جو ديس هو، جن جا قد فقط ڪجهه انچن جا هئا. گليور حادثاتي طور ڄامڙن جي انهيءَ ديس ۾ وڃي نڪتو. اهي ڄامڙا جڏهن انهيءَ قدآور شخص کي ڏسن ٿا ته انهيءَ کان ڊپ کائيندي کيس هوش ۾ اچڻ کان اڳ ٻڌي ڇڏين ٿا ۽ کيس عذاب ڏيڻ شروع ڪن ٿا. انهيءَ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مونکي احساس ٿيو ته ڄامڙن جي ملڪ ۾ قدآور ماڻهو جو جنم واقعي به سندس لاءِ بدنصيبي آهي. حليم! تون اهو قدآور ماڻهو هئين، جيڪو اسان ڄامڙن جي ملڪ ۾پيدا ٿئين. انهيءَ ڪري اسانکي توکان خوف لڳندو هو ۽ اسان توکي پاڻ کان الڳ ڪري ڇڏيو. تنهنجو ڏوهه اهو هو ته تو هن سماج ۽ هن سماج جي ادبي ۽ علمي ٺيڪيدارن جي چيل ڪوڙن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو. اهي ڪوڙ جيڪي اسانکي سالن کان وري وري ٻڌايا پيا وڃن. انهن علمي ۽ ادبي ٺيڪيدارن کي جڏهن پنهنجا ڪوڙ ظاهر ٿيندي ۽ پنهنجون ڪرسيون لڏندي محسوس ٿيون ته هنن توتي الزام هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ توکي اڪيلو ڪري ڇڏيو ۽ تون انهن سڀني ڳالهين کان بي نياز ٿي پنهنجي ئي ڌُن ۾ پنهنجي ئي رستي تي اڪيلو هلندو رهين.

    حليم! ڪو وقت اڳ مون توتي ڪجهه لکيو هو. آئون هتي وري انهيءَ کي ورجائڻ هڪ دفعو ٻيهر چاهيندس.
    ”ائين ئي الڳ رهي حليم پنهنجي انفراديت قائم رکي ۽ اسان کي نه رڳو مزاح پر ٻين صنفن ۾ به شاندار شيون ڏنيون. حليم جي مزاح نگار واري روپ کان ته اسان سڀ واقف آهيون، پر گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته حليم جون انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ٻيون به گهڻيون ئي لکڻيون آهن. هُن سنڌيءَ ۾ شعور جي وهڪري جي ٽيڪنيڪ کي استعمال ڪندي پهريون نفسياتي ناول ”اوڙاهه“ لکيو هو. هن آرڪيالاجي تي به ڪافي لکيو. سندس هڪ ڪتاب قانون تي به آهي ۽ حليم سنڌيءَ لاءِ رومن اسڪرپٽ به جوڙيو ۽ جنهن کي مقبول ڪرڻ لاءِ هڙان وڙان ڪوششون به ڪيون. حليم عمر خيام جو اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ رومن اردو ۾ شايد اهو واحد ڪتاب هجي. اسان مان گهڻا حليم جي نظرين يا حليم جي طريقي ڪار سان متفق نه به هجن پر اسان هن يگاني ليکڪ کي نظر انداز نه ٿا ڪري سگهون. هو هڪ انارڪسٽ ئي سهي، جنهن پاڻ سماجي ۽ ادبي روايتن کي ٽوڙيو هجي. پر توهان انهيءَ جي جوڙيل نئين روايتن کان انڪار نه ٿا ڪري سگهو. انهيءَ Seeds ۾ هڪ هنڌ اهو به لکيو آهي ته، ”مان تاريخ جي ڪتابن ۾ زنده نه ٿو رهڻ چاهيان، مان ته ڏند ڪٿائي قصي وانگر زندهه رهڻ ٿو چاهيان، جو تاريخن جي عمر پنجاهه يا سٺ سال هوندي آهي، پر ڏند ڪٿائون هزارين سال رهنديون آهن.“

    مون کي پڪ آهي ته توکي ڀلي اسان جا تاريخدان نظر انداز ڪري ڇڏين، تنهنجو ذڪر ڪٿي به نه ملي پر سنڌ ۾ تون هڪ ڏند ڪٿائي ڪردار جيان رهندين.

    تنهنجو پنهنجو...........منوج
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: حليم بروهي ڏانهن موڪلڻ کان رهجي ويل هڪ خط

    مهرباني سائين
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: حليم بروهي ڏانهن موڪلڻ کان رهجي ويل هڪ خط

    سنڌ شل آباد رهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو