bakhtawar
سينيئر رڪن
افغانستان ۾ پنڻ ڏوه آهي پر انهيءَ جي باوجود هڪ فقير دروازو کڙڪايو اندران هڪ شخص نڪتو ”جي فرمايو“ فقير، جناب گهڻن ئي ڏينهن کان بکيو آهيان ايترو ئي چيائين ته پريان کان پوليس وارو پئي آيو ان کي ايندو ڏسي فقير جي زبان رڪجي وئي پوءِ آهسته آهسته چيائين ته جيڪڏهن مونکي اڄ به کائڻ لاءِ ڪجه نه مليو ته به ڪا پرواه ناهي ڇاڪاڻ ته منهنجو حوصلو بلند آهي،