شامت-اعمال اسان جي شعر ۾ جدّت اچي ته ڪيئن اچي؟ قلم جي نوڪ ۾ طاقت اچي ته ڪيئن اچي؟ سخن مان روح کي رات اچي ته ڪيئن اچي! اسان جي شاعري بي روح، بي اثر، بي ڪار، اسان جو ذهن آ احساس ڪمتري جو شڪار، بدن ۾ جوش و حرارت اچي ته ڪيئن اچي! وطن جي شان ۾ جن جا ٿي ڳيت ڳايا ويا، زبان تن جي ڪٽي، بي زبان بنايا ويا، انهن جي لب تي شڪايت اچي ته ڪيئن اچي! پڙهون ٿا پيٽ جي خاطر، ڪمايون دولت کي، ملي ٿي نوڪري، حاصل ڪيون ٿا رشوت کي، اسان ۾ جذبه خدمت اچي ته ڪيئن اچي! اسان جو ذهن غلام ۽ قلم وڪاڻل آ، اسان جو فڪر مئل ۽ ضمير کاڻل آ، صحيح رنگِ صحافت اچي ته ڪيئن اچي! اچن نماز ۾ دل تي جهان جون ڳالهيون، زمين مال ۽ دولت، مڪان جون ڳالهيون، اسان کي لطفِ عبادت اچي ته ڪيئن اچي! ملي جهادِ فلسطين ۾ اسان کي شڪست! شڪست اسان کي ڇا؟ اسلام جي جهان کي شڪست! اڃا ٻي ڪاري قيامت اچي ته ڪيئن اچي! اسان جو بي تُڪو ڪردار ۽ خراب افعال، اسان تي آئي، اي ”محبوب“! شامت-اعمال، اسان کي پاڻ تي عبرت اچي ته ڪيئن اچي!
جواب: شامت-اعمال سڀ کان پهريان ته ڀيڻ بختاور کي لک شاباشون جو هي بيت اسان سان ونڊ ڪيو اٿس هي بيت موجوده حالتن جي ايئن عڪاسي ڪري ٿو جيئن آرسي کڻي ڪو سماج کي پنهنجي شڪل ڏيکاريندو هجي ۔۔۔۔ شاعر ڪمال سان سماجي جي تصوير ڪشي ڪئي آهي ۔۔۔۔ ٻي ڳالهه ته جي ادي بختاور اهو نظم لکيو آهي ته پو ته ڀيڻ کي اٿي ۽ جهڪي سلام ڪبو ۽ جي ڪنهن ٻي شاعر جو آهي ته به ان کي سلام ڪبو ۔۔۔ هاڻ ڀيڻ بختاور ئي ٻڌائيندي ته هي ڪلام ڪنهنجو آهي ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔۔