(پهريون حصو) اڳڪٿيون ۽ انسان نجوم، جوتش، اڳڪٿيون وغيره اهڙا لفط آهن جيڪي پاڻ مان سڀني ضرور ٻڌا هوندا. گهڻا انهن لفظن کي ٻڌي، طنزيه انداز ۾ ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪري ڇڏيندا آهن ته وري گهڻا اهڙا آهن جيڪي پنهنجي هر فيصلي کان پهرين ڪنهن نجومي يا جوتشي سان رابطو ضرور ڪندا آهن. انساني تاريخ اهڙن هزارين مثالن سان ڀري پيئي آهي،جنهن ۾ بادشاهه، پنهنجن سرڪاري پگهار دار نجومين کي محض اهڙين صلاحن مصلحتن ۽ ستارن جي نحس سعد چال معلوم ڪرڻ لاءِ رکندا نظر آيا آهن. نه رڳو اهو پر انساني تاريخ جو تمام وڏو دور علم نجوم جي علمي اجاره دا ريءَ هيٺ رهيو آهي. هاڻي جڏهن تهذيب پنهنجي عروج تي پهتي آهي ۽ انسان ٽيڪنالوجي ۽ جديد تعليم جي بدولت وڌيڪ روشن خيال ۽ مصروف ٿي ويو آهي ته ان علم جي اهميت ۽ اثر کي ڪافي ڌڪ رسيو آهي پر اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته ان جي باوجود به ايڪهين صديءَ جي ڪنڌيءَ تي پهتل دنيا اڃا تائين پوري طرح انهيءَ علم جي ليڪي مان ٻاهر نه نڪتي آهي. ڇا اها حيرت جي ڳالهه نه آهي ته آمريڪا جو صدر ريگن پنهنجي هر فيصلي کان پهرين پنهنجي ذاتي نجومي جئان ڪئگلي سان صلاح مصلحت ڪندو هو بلڪ ائين چئجي ته اهو ئي ڪندو هو، جيڪو مذڪوره نجومي کيس چوندو هو. مشهور جرمن نجومي ڪرافت، هٽلر جو ذاتي ۽ نازي جرمنيءَ جو سياسي نجومي هو. هوڏانهن ڪيترائي بادشاهه، ليڊر، ليکڪ ۽ بزنس مئن، مشهور پامسٽ ۽ نجومي ڪيرو جي اڳيان پويان پيا ڦرندا هئا ته جيئن سندن قسمت جي ڪا جهلڪ پلئه پوين. جيتوڻيڪ، اڄڪلهه اسان وٽ سنڌ ۾ اڳڪٿيءَ جو علم، علمي حلقن پاران شديد طنز ۽ نظر اندازي جو شڪار آهي. پر جيئن ته دنيا جي ماضي قريب جي تاريخ ۽ حال جي ڪجهه حيرت انگيز واقعن جي باري ۾ مختلف دور جي نجومين تعجب جي حد تائين صحيح اڳڪٿيون ڪيون ۽ دنيا جا ڪافي وڏا پڙهيا لکيا ماڻهو، غير معمولي حد تائين ان علم جي سحر ۾ گرفتار رهندي نظر آيا آهن، ان ڪري ضروري آهي ته قديم زماني کان وٺي اڄ تائين دنيا جي ناليرن نجومين جو انهن جي حيرت انگيز اڳڪٿين جو جائزو وٺون. اڳڪٿيون يا غيب جو حال ڄاڻڻ وارن علمن جا آثار دنيا جي قديم ترين تهذيبن جهڙوڪ مصري، سميري، بابلي ۽ سنڌو ماٿر جي تهذيبن ۾ به ملن ٿا. ان دور جي انسان جو مذهب، اڳڪٿين ۽ سَوڻن سان سلهاڙيل هو. جيئن دنيا جي اوائلي تهذيبن مان يوناني ۽ رومن تهذيبن جي مذهبن ۾ جن ديوين ديوتائن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي سي نظام شمسيءَ جا اُهي گرهه هئا جن کي پاڻ مشتري، عطارد، مريخ، زحل، پلوٽو، پنچون، يورينس يا سج ۽ چنڊ جي نالن سان سڄاڻون ٿا. مشتري يا جيوپيٽر رحم ۽ سٻاجهائي جو ديوتا مڃيوويندو هو ته وري مريخ يا مارس جنگ و جدل ۽ تباهه ڪارين جو ديوتا ڄاتو ويندو هو، اهڙيءَ طرح انهيءَ دور ۾ اڳڪٿين جي علم النجوم تي ڪافي گهرائي سان ڪم ٿيو، جنهن جي ئي بنياد تي اڄ جي علم النجوم جي پوري عمارت بيٺل آهي. هاڻي اچو ته ڏسون ته اڳڪٿين ڪرڻ جا ڪهڙا طريقا استعمال ڪيا ٿا وڃن يا ٻين لفظن ۾ ڪهڙن علمن ذريعي اڳڪٿيون ڪيون ٿيون وڃن. انهيءَ لاءِ هيٺيان چند نالا اهم آهن؛ علم الرمل، جفر، خوابن جي تعبير، پامسٽري، علم الاعداد ۽ علم النجوم. سڀني علمن ۾ گهڻي ڀاڱي حساب ڪتاب، ڳڻپ ۽ اندازن جي بنياد تي اڳڪٿيون ڪيون وينديون آهن جن جي صحيح يا غلط هجڻ جو تعلق ان جي عامل جي مهارت ۽ تجربي سان به هوندو آهي. سنڌ ۾ وري جانورن ۽ پکين جي آوازن، چرپر ۽ لقائن مان سوڻ وٺي اڳڪٿيون ڪيون وينديون آهن جيئن؛ڪانءُ جي مختلف ٻولين ۽ تنوارن مان سٺي يا خراب خبر جي اڳڪٿي ڪندا آهن. اهڙا مثال شاهه لطيف جي شاعريءَ مان به مليا آهن. جنهن ۾ ڪانءُ کي چوي ٿو ته ٽپڪي ڏئي ڪنهن وڻ جي ٻيسانگ تي ويهه ته ان جو مطلب اهونڪرندو ته پرينءَ سان ملاقات ٿيندي. سنڌ جي علائقن ٿر ۽ لاڙ ۾ سوڻ وٺڻ عام زندگيءَ جو هڪ حصو بڻيل آهي، جنهن ۾ ديڳڙيءَ ۾ کائڻ جو مطلب اهو ورتو ويندو آهي ته ان جي شاديءَ ۾ مينهن پوندو. سنجهي جي صلاح ڪرڻ کان وڏرا هميشه پيا منع ڪندا آهن جو سنجهي جي صلاح ڪرڻ جو مطلب ته ان ئي رات ڪنهن جي مرڻ جي خبر پوندي. تتر جي ساڄي پاسي کان تنوارڻ جي ٻي معنيٰ ورتي ويندي ته وري کاٻي پاسي کان تنوارڻ جو ٻيو مطلب. اهڙيءَ طرح گدڙ جي اوناڙ مان به مختلف معنائون ۽ مطلب پيا ورتا ويندا آهن. هاڻي انهن سوڻن وٺڻ کي وهم چئجي يا واقعي انهن جو حقيقت سان ڪو تعلق به هوندو ته انهيءِ لاءِ راءَ قائم ڪرڻ ڏکي ڳالهه آهي. باقي پنهنجو هڪ ذاتي مثال آءُ ضرور ٻڌائيندس ته هڪ رات سانجهيءَ ويلي آءُ، منهنجو ڀاءُ ۽ گهر جا ڪجهه ڀاتي گهر جي ڪنهن مسئلي تي صلاح مصلحت ڪري رهيا هئا سين ته اسان مان ڪنهن وڏي منع ڪئي ته سنجهي جي صلاح نه ڪجي. انهيءَ تي ڏاڍو کلياسين ۽ وهمي ۽ دقيانوسي عادت چئي اسان صلاح مصلحت جاري رکي، فيصلو ڪري سمهي پيا سين، رات جو اٽڪل ٽين وڳي اسان کي ڄاڻ ملي ته اسان جي ڏاڏي ، جيڪا ويجهي ڳوٺ ۾ رهيل هئي، سا وفات ڪري ويئي. آءُ مڃا ٿو ته اهو هڪ اتفاق ئي هو، پر اهڙا اتفاق ڪڏهن ڪڏهن لاشعوري طور تي ماڻهوءَ کي وهمي بنائي ڇڏيندا آهن. اڳڪٿين ڪرڻ لاءِ مذڪوره علمن تي جيڪڏهن هتي تفصيلي بحث ڪنداسين ته پوءِ مضمون ڊگهو ٿي ويندو ان ڪري مختصرن علم النجوم تي روشني وجهي پاڻ دنيا جي ناليرن جو احوال ۽ سندن اڳڪٿين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪنداسين. علم النجوم، جيئن مٿي ذڪر ڪيوسين، ته نظام شمسي جي گرهن جي ڇرپر ۽ آسمان جي مخصوص حصن ۾ وڃڻ جي اثرن جي اڀياس کي چئجي ٿو. آسمان کي ٻارنهن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جن کي برج چئجي ٿو. اهڙي طڙح ٻارنهن برج ترتيبوار هيئن آهن. حمل، ثور، جوزا، سرطان، اسد، سنبله، ميزان، عقرب، قوس، جدي، دلو ۽ حوت. هر برج جو مالڪ ڪو گرهه يا سيارو هوندو آهي. جيئن برج حمل جو مالڪ مريخ آهي ته وري برج اسد جو مالڪ شمس يا سج آهي. علم النجوم جا ٻه قسم آهن. هڪ يوناني ۽ ٻيو هندستاني. جيتوڻيڪ ٻنهي قسمن جون ڪافي ڳالهيون هڪ جهڙيون آهن پر طريقن ۾ اختلاف آهي تڏهن به اڳڪٿيون ٻنهي جون صحيح آهن. دنيا جا مشهور اڳڪٿيون ڪندڙ ۽ سندن اڳڪٿيون ڊيلفي جو مندر: يونان ڪنهن زماني ۾ تهذيب ۽ تمدن جو وڏو مرڪز هو، سڪندر جهڙن فاتحن کان وٺي افلاطون، ارسطو ۽ سقراط جهڙن فلسفين جو تعلق به هن ڌرتيءَ سان هو، يونان ۾ ڊيلفي ۾ هڪ مندر هو جتي مها راهبه اڳڪٿيون ڪندي هئي ۽ جيڪو به سوال پڇندو هو ته ان جو جواب ڏيندي هئي. اڄڪلهه ته اهو مندر کنڊر ٿيو پيو آهي پر ڪنهن زماني ۾ ان جي اهميت جوا ندازو ان مان لڳائي ٿو سگهجي ته سڪندي اعظم، نيرو ۽ڪروئسس جهڙا بادشاهه ۽ هومر جهڙا شاعر پڻ ان مندر جا چڪر لڳائڻ ۽ پنهنجي نصيب بابت پڇڻ ايندا هئا. هڪ ڀيري ڊيلفي جي مندر ۾ سڪندر اعظم پنهنجي مستقبل بابت پڇڻ آيو. ”مستقبل جي هٿن ۾ منهنجي لاءِ ڇا آهي.“ ”اي راهبه“ سڪندر اعظم رعبدار آواز ۾ چيو. هو سڄو زرهه پوش ٿيل هو ۽ سندس مٿي تي فولادي ٽوپلو هو. ”پِٿيا (راهبه) ڪنهن جي غلام ڪانهي. تون اپالو جي مندر ۾ بيٺو آهين ۽ هتي سڀ انسان هڪجهڙا آهن، ڀڄ هتان!“ پوڙهي جهور راهبه جواب ڏنس. ”هي اڳڪٿين ڪرڻ جو وقت ڪونهي.“ سڪندر ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ پٿيا کي ٻانهن کان وڃي سوگهو ڪيائين، ”سڪندر لاءِ وقت جون پابنديون ڪا معنيٰ ڪونه ٿيون رکن. مون کي وڌيڪ ڪاوڙ نه ڏيار نه ته وڏو ڦڏو ٿيندو. هينئر جو هينئر مندر جي اندر وڃ ۽ ڏس ته منهنجي نصيب ۾ ڇا لکيل آهي.“ پٿيا جو بنهه ساهه سڪي ٿي ويو. هن ڳيت ڏئي چيو ”جيڪڏهن تون ڄاڻڻ چاهين ٿو ته ٻڌ! هن چيو، تون دنيا جو فاتح سڏبين، پر تون ڪنهن پرڏيهيءَ ملڪ ۾ مرندين. تون گهڻو نه جيئندين پر تنهنجا دشمن، تنهنجي نالي کي ادب سان وٺندا.“ وقت ثابت ڪيو ته پوڙهي راهبه صحيح اڳڪٿي ڪئي هئي.سڪندر ڪيتريون ئي جنگيون وڙهيون ڪيترائي ملڪ فتح ڪيا پر گهڻو قوت جي نه سگهيو. سڪندر ڪڏهن ڪڏهن افسوس ڪندي چوندو هو ته دنيا ۾ ڪو اهڙو ملڪ ئي ناهي رهيو جنهن کي هو فتح ڪري. هو ٽيهن سالن جي عمر ۾ ڦٽن خراب ٿيڻ ڪري بخار ۾ مري ويو. يوناني تاريخ دانن موجب، ڊيلفي واري جڳهه چرندڙ ٻڪرين ذريعي هٿ ٿي. جڏهن ڌراڙ ٻڪرين کي انهيءَ جڳهه تي چارڻ ويندا هئا ته ٻڪريون اتان جو گاهه کائي بنهه عجيب عجيب حرڪتون ڪنديون هيون. هڪ ڀيري هڪ ڌراڙاتي چُر ۾ داخل ٿيو ته هڪدم اڳڪٿين ڪرڻ جي سگهه حاصل ڪري ورتائين ۽ ٻين ڌراڙن کي سندن مستقبل جو حال ٻڌائڻ لڳو. پوءِ جيڪو انهيءَ مخصوص چُر ۾ ٿي گهڙيو ته ان کي اڳڪٿين ڪرڻ جي قوت ملي ٿي ويئي آهستي آهستي اها ڳالهه هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويئي ۽ پوءِ اتي مندر تعمير ڪيو ويو ۽ هڪ راهبه کي مقرر ڪيو ويو. جڏهن انهيءَ مندر ۾ اپالو ديوتا جي پوڄا ٿيڻ لڳي ته پوءِ راهبه کي پٿيا جو لقب ڏنو ويو. پهرين پٿيا جو نالو فيموناءِ هو ۽ ان کي 700 ق. م ۾ مقرر ڪيو ويو. پٿيا صرف ڪنواري ۽ نوجوان ڇوڪري ٿي سگهي ٿي ۽ اها روايت ايستائين هلندي رهي جڏهن هڪ ڀيري هڪ دکدائڪ واقعو ٿيو. ٿيو ائين جو هڪ نوجوان نالي اشقراط پنهنجي مستقبل جو حال ڄاڻن لاءِ ڊيلفي آيو. نوجوان پٿيا کيس ٻڌايو ته هو هڪ جرم ڪندو ۽ ان جي سزا ۾ کيس قتل ڪيو ويندو. هن ان مهل ئي ان پٿيا سان زنا باالجبر ڪيو ۽ کيس ان مهل ئي قتل ڪيو ويو. ان واقعي کانپوءِ پٿيا صرف پنجاهه سالن کان وڏي عمر جي عورت کي بنايو ويندو هو. روم جي هاڪاري بادشاهه نيرو به سن 67 عيسويءَ ۾ ڊيلفي آيو. اتي پهچڻ لاءِ هن هڪ بنهه ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ مسافري ڪئي هئي. جيئن ئي نيرو مندر اندر گهڙيو ته پٺيان رڙيون ڪرڻ لڳي ۽ چيائينس، ”ڀڄ هتان، پنهنجي ماءُ جا قاتل، ڀڄي وڃ ۽73 جي انگ کان خبردار رهجان“ نيرو تپي باهه ٿي ويو. هن حڪم ڏنو ته پٿيا ۽ ٻين راهبن جا هٿ پير وڍي جيئرو دفن ڪيو وڃي. هن پوءِ سڄي مندر کي ڊهرائي پٽ ڪري ڇڏيو. نيرو سوچيو ته پٿيا جو مطلب اهو هو ته هو 73 سالن جي ڄمار تائين جيئندو پر بدقسمت نيرو کي اها خبر نه هئي ته پٿيا جو مطلب ڪجهه ٻيو هو. هو ٻي سال گالبا نالي هڪ بادشاهه هٿان قتل ٿي ويو جنهن جي عمر 73 ورهيه هئي. يونان جي نامياري شاعر هومر پڻ پنهنجي مستقبل جي خبر وٺڻ لاءِ ڊيلفي آيو. هومر انڌو هو. پٿيا کيس چيو ”انسان ذات توکي ڪڏهن به وساري نه سگهندي“ اها حقيقت آهي ته هومر کي سندس ڪتابن_البئڊ ۽ اوڊيسي_هميشه لاءِ لافاني بنائي ڇڏيو آهي. سن 600 ق. م ۾ ليڊيا جي شاهه ڪروئسس، فارس جي بادشاهه سائرس تي حملو ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ ان لاءِ هن پٿيا کان اڳڪٿي ڪرائي ته هو کٽيندو يا هارائيندو. هن پٿيا ڏانهن هڪ ماڻهو موڪليو پر ان کي اڳڪٿي ڪرائڻ کان اڳ ۾ چڪاس ڪرڻ لاءِ چيائين. هن ان ماڻهوءَ کي پٿيا کان اهو پڇڻ جو حڪم ڏنو ته ڊيلفي ڏانهن قاصد موڪلڻ کان ڏهه ڏينهن پوءِ بادشاهه ڪروئسس ڪهڙو ڪم ڪيو؟ پٿيا جواب ڏنو، هڪ رڍ ۽ ڪُميءَ جي گوشت کي ڪنجهي جي ٿانءُ ۾ رڌائي، ان مٿان واري ٻُرڪي ڪنجهي جي هڪ وڏي ٿانءُ ۾ کڻي رکيو آهي.“ قاصد واپس اچيڪروئس کي جواب ٻڌايو. ڪروئس حيرت ۾ پئجي ويو جو جواب بلڪل صحيح هو. هن پنهنجي ايلچيءَ کي وڏا انعام اڪرام ۽ تحفا ڏئي ڊيلفي موڪليو، هاڻي پٿيا ڪروئسس جي سائرس اعظم سان جنگ متعلق هيءُ اڳڪٿي ڪئي؛ پار ڪندين، جي درياءُ هيلوئس ته ٻڏ بادشاهه ڪروئسسس! (باقي حصو ايندڙ واري هن مضمون لکڻ ۾ هيٺين ڪتابن مان مدد ورتي وئي؛ 1_ ورلڊ فيمس پروفيسر اينڊ پروڊڪشن 2_ دَسائڪڪ ورلڊ.
جواب: (پهريون حصو) اڳڪٿيون ۽ انسان سرتيون 1994 رسالي مان ورتل محترم مسعود لوهار جو لکيل هي تحقيقي مقالو انتهائي معلوماتي آهي۔۔۔ هي مقالي جو پهريون حصو آهي پر هن ۾ تاريخي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته هر دورِ حڪومت ۾ نجومي کي ڪيتري اهميت حاصل هوندي هئي۔۔۔ بيشڪ اهڙن نجومين جون کوڙ اڳڪٿيون درست ثابت ٿيون پر اڪثر نجومي پنهنجي مستقبل جي باري ۾ اڳڪٿي ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا۔۔۔
جواب: (پهريون حصو) اڳڪٿيون ۽ انسان جيئن ته آ سمجهانٿو ته اڳڪٿي ڪرڻ يا پيشنگوئي ڪرڻ الڳ شئي آهي ۽ غيب جي ڄاڻ رکڻ الڳ شئي آهي ۔۔۔ اڳڪٿي يا پيشنگوئي ضروري ناهي ته پوري ٿئي ۔۔۔ اهو ڏاهن جو هڪ اندازو هوندو آهي، جيڪو حالات ۽ واقعات کي ڏسي ڪري لڳايو ويندو آهي ۔۔۔ پورو ٿئي ته ٺيڪ جي نه ٿئي ته ٺيڪ ۔۔۔ باقي غيب جو علم پيغمبرن، رسولن ۽ ولي الله کي الله جي طرفان ڏنو ويندو آهي، جيڪو حقيقي هوندو آهي ان ۾ نه جو ڪو سوال ئي نه هوندو آهي ۔۔۔ غيب مان معلوم ٿيل ڳالهه هميشه پوري ٿيندي آهي ۔۔۔ الله جي پيغمبرن، رسولن ۽ ولي الله جون ڪيل ڪئي اڳڪٿيون رب جي پاران ڏنل غيب جي علم مان هونديون آهن ۽ اهي پوريون ٿينديون آهن ۔۔۔ ان قسم جا ڪئي ڪتاب آهن ۔۔۔ الله جي پياري رسول محمد صلي الله عليه وسلم جون ڪئي اڳڪٿيون ٿيل هيون جي هوبهو پوريون ٿيون آهن۔ خئير اهو تاريخ جو هڪ تمام وڏو باب آهي جنهن تي ڪئي ڪتاب لکي سگهبا ۔۔۔ هر انسان جون پنهنجي زندگي ۾ ئي ڪئي اندازا ۽ اڳڪٿيون ڪيل هونديون آهن ڪي ته ممڪن پوريون به ٿينديون آهن ته ڪي نه به ۔۔۔ يا وري انهن کي ڪو وقت لڳندو آهي پوري ٿيڻ ۾ ۔۔۔ والله عالم بالغيب ۔۔۔۔