• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجو ابو

bakhtawar

سينيئر رڪن
راهي چنا

(نظم)

منهنجو ابو

: منهنجو ابو وڏو ليکڪ آهي:

هر وقت اسٽيج تي تقريرون ڪري ٿو،

۽ ڏاڍا شعر پڙهي ٿو، وڏا ليک لکي ٿو

عورتن جي حقن ۽ آزاديءَ جي وڏي واڪي ڳالهه ڪري ٿو:

وڏو روشن خيال ۽ اصول پرست آهي،

عورتن جي آزاديءَ جو علمبردار ٿو سڏجي.



ليڪن اڄ تائين،

هُن ڪڏهن پنهنجي گهر ۾،

منهنجن ڪارن وارن ۾،

چانديءَ جي تارن کي چمڪندي ناهي ڏٺو:

منهنجي مک تي پيل گُهنج ناهن ڏٺا:

۽ سرد راتين جي سانت ۾،

مون کي سگريٽ جيان دکندي ناهي ڏٺو.



پوءِ به هو عورت جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪري ٿو:

ڪيڏي نه لٻاڙ هڻي ٿو،

منهنجو ابو!

وڏو ليکڪ آهي،

هر وقت اسٽيج تي تقريرون ڪري ٿو،

وڏا وڏا ليک لکي ٿو،

عورت جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو

: منهنجو ابُو!
 
جواب: منهنجو ابو

ادي تمام گهري سوچ آهي۔۔۔۔

ليڪن اڄ تائين،

هُن ڪڏهن پنهنجي گهر ۾،

منهنجن ڪارن وارن ۾،

چانديءَ جي تارن کي چمڪندي ناهي ڏٺو:

منهنجي مک تي پيل گُهنج ناهن ڏٺا:

۽ سرد راتين جي سانت ۾،

مون کي سگريٽ جيان دکندي ناهي ڏٺو.

واهه جي عڪاسي ٿيل آهي۔۔۔ سماج ۾ اهڙا ڪي ئي ماڻهو آهن جيڪي ظاهري طور تي ته ٻيا آهن پر اندر ۾ ڪاراڻ‌ڀريل اٿن۔۔۔۔۔۔۔


جاري رکو
 
جواب: منهنجو ابو

بلڪل سچ لکيل آهي

اسان جي معاشري جي صحيح عڪاسي ٿيل آهي۔ مون به ڪيترائي اهڙا ماڻهو ڏٺا آهن جيڪي ڳاله ته عورت جي آزادي جي ڪندا آهن پر پاڻ ڪٽر ۽ سخت مزاج جا هوندا آهن ۽ پنهنجي گهر ڀاتين سان سندن رويو ظآلماڻو هندو آهي۔

خبر ناهي ڇو اڄڪله ماڻهو ٻٽي معيار وارا ٿي ويا آهن ؟؟

دعا آهي ته سنڌي سماج ترقي طرف وک وڌائي ۽ ڪي انقلابي ماڻهو پيدا ٿين ۔ دنيا اميد تي قائم آهي مايوسي ڪفر آهي۔
 
جواب: منهنجو ابو

اسان جي معاشري ۾ ايترا ڪيترائي ڪڙا سچ آهن، جن تان پردو کڻڻ ضروري آهي۔۔
راهي چنا جي هن شاعري کي سلام آهي۔۔۔
 
جواب: منهنجو ابو

دوستو، هي هڪ انتهائي حساس موضوع آهي، ڪجهه مهينا اڳ سنڌ جي هڪ قومپرست ۽ سڄاڻ اديب جي نياڻي پنهنجي ڪنهن حساب سان ڪنهن مرد دوست سان گڏ گهمڻ ڦرڻ ۽ ڳوڙها رشتا قائم ڪري ورتا، جنهن تي ان اديب ان ڌي کي منع ڪئي ته اسانجي ديني يا قومي ثقافت ان جي اجازت نٿي ڏئي ته اسين نڪاح کان اڳ اهڙي قسم جا رشتا قائم ڪيون ۔۔۔ انڳالهه کي وٺي سنڌ ۾ عورتن جي حقن جي ڳالهه ۽ سنڌ جي ان اديب تي تنقيدون شروع ٿيون ۽ ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿي ويو ۽ ان اديب سن ۾ جي ايم سيد جي ورثي تي خودڪشي ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو هو ۔۔۔

ان موضوع تي سنڌ سلامت تي پڻ ڪجهه ليک ونڊ ٿيا هئا جن ۾ سنڌ ۾ عورتن ۽ سنڌ جي ثقافت تي بحث ٿيو هو ۔۔۔

خئير ڳالهه کٽائڻي ته بيشڪ ڪجهه ماڻهون سڄي دنيا جي خئير جون ڳالهيون ته ڪندا آهن پر پنهنجي گهر جي ڀاتين لا خئير جو ڪم ڪري نه سگهندا آهن، جڏهن ته خئير جو ڪم هميشه گهر کان شروع ٿيندو آهي ۔۔۔ اسانکي پنهنجي گهر ڀاتين تي خاص توجهه ڏيڻ گهرجي ۽ انهن جي زندگي جي ڪاميابين ۾ هٿ ونڊائڻ گهرجي ۽ والدين جي حيثيت ۾ ته ذميواري اڃان به گهڻي ٿي وڃي ٿي ۔۔۔

باقي هر انسان جون سماجي، معاشي ۽ مالي حالتون مختلف ٿين ٿيون انڪري فيصلا به هر جا تي مختلف ٿين ٿا ۽ ڪهاڻيون به الڳ الڳ ٿين ٿيون ۔۔۔ مٿي ڪيل شاعري ۾ شاعر عورت جي روپ ۾ پنهنجي پي کي ڪوسيو آهي ته هو انجي وارن جي چاندي جو خيال ڪرڻ بجا دنيا ڀر جي عورتن جي ڳالهه ڪري ٿو ۔۔۔ بيشڪ عورت جو حق آهي ته هو ان ڳالهه تي پنهنجي پي سان احتجاج ڪري ۔۔۔ پر سٺو اهو آهي ته والدين جو پردو رکيو وڃي ۽ پنهنجي زندگي کي ڪامياب ڪرڻ لئه ڪي حيلا ۽ همٿ ڪري پاڻ ڀرو ٿجي ۔۔۔(اخلاق جي دائري ۾)

ستر ڪج ستار، آ اگهاڙي آهيان ۔۔۔۔
 
Back
Top