• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت فورم گزراش آهي

سنڌ سلامت جا دوستو ۽ هن فورم جا اڳواڻو اسلام عليڪم؛ ادا سائين سنڌ سلامت جي فورم جي منتظم اعلى جناب عبدالرشيد سمون صاحب کي گزارش آهي ته فيس بوڪ سائيٽ کان سڀ دوستن کي پاسو ڪرڻ جو پيغام ڏين۔ هن سنڌ سلامت فورم ۾ هڪ وڏو خال موجود آهي۔ جو سنڌي چيٽ روم موجود نه آهي۔ انجي ڪري هن فورم تي سنڌي چيٽ روم شامل ڪيو وڃي۔ ڪاڪي آچار جي اَوطاق ۾ به دوست ڪچهري ڪندا آهن۔ اِهو به هڪ سٺو قدم کنيو ويو آهي۔ جو هن فورم ۾ هڪ ڪچهريءَ جو سيڪشن رکيو ويو آهي۔ اميد آهي ته منهنجي ٻنهي گزارشن تي عمل ڪيو ويندو۔ سائين عبدالرشيد سمون صاحب هن فورم تي ڪا نئين ٽپ به اسانکي ضرور ٻڌائيندا۔ جيئن توهان اڳي هڪ سَٺي ٽپ اسانکي ٻڌائي جيڪا انٽرنيٽ جي اسپيڊ وڌائڻ جي مطلق هَئي۔ اهڙي ڪا نئين ٽپ هن فورم تي اسانکي ضرور ٻڌائيندا۔ مونکي اَميد آهي ته توهان منهنجي گزارشن تي به ضرور عمل ڪندا۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: سنڌ سلامت فورم گزراش آهي

وعليڪم سلام
ادا هن دنيا ۾ جيڪا به شئي ايجاد ٿي آهي اها صحيح ۽ غلط تي آهي
سلجهل ماڻهن هر چيز جو سٺو استعمال ڪيو آهي چاهي اها ٽي وي هجي وسيار هجي سي ڊي هجي موبائيل يا ڪمپيوٽر جيڪڏهن هنن شئين جو غلط استعمال ٿيندو ان جو ذميوار صحيح استعمال ڪندڙ يه هنن .کي ٺاهندڙ نه هوندو فيس بڪ تي توهان اسلام جا ايونيٽ بڻائي ثواب حاصل ڪري سگهو ٿا . پر جيڪڏهن هن جو ڪو غلط استعمال ڪندو ان جا ذميوار توهان ڪون هوندا ۽ نه هن کي ٺاهندڙ
الله تعالي اسان کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسان هت ڪيترا غلط ڪم ڪري رهيا آهيون ان جو ذميوار الله تعالي ڪون آهي
مهرباني
 
Back
Top