جواب: سڀني دوستن کي سڪ ڀريو سلام
ادا بخشل لغاري صاحب کي دل جي پاٻوهه مان ڀليڪار ۔۔۔۔ ڀلي ڪري آيا ۔۔۔ سنڌ جي تاريخي ۽ سهڻي شهر خيرپور مان ڪهي آيل دوست کي اسانجو سلام ۔۔۔
ادا بخشل اوهان پنهنجي تعرف ۾ لفظ ”استاد“ استعمال ڪيو آهي ۔۔۔ استاد لفظ کي ٻن نظرن سان ڏٺو وڃي ٿو ۔۔۔ هڪ ته تعليم سان تعلق رکڻ جي نظر سان ٻيو وري چيو ويندو آهي ” يار ڪو وڏو استاد آهين“ ؟؟؟
خئير اوهانکي هيءَ سنڌي ٻوليءَ جي اوطاق ڪيئن لڳي ۽ هن اوطاق تي ڪهي اچڻ لاءِ اوهانکي ڪٿان رستو مليو، جي اها خبر پوي ته هوند ڏاڍو سٺو ۔۔۔
ادا لغاري صاحب، اسانجي هن اوطاق جي دوستن جو نعرو آهي ” سنڌ ۽ سنڌي ٻولي“ اسين هن اوطاق تي سنڌ جا سور ۽ سنڌ جا سڏ ۽ سنڌ جي قصن کي ونڊ ڪري هڪٻئي جي رهبري ڪندا رهندا آهيون ۔۔۔ اميد ته اوهان به اسانجي هن ساٿ سان قدم ملائي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ پاڻ ملهائيندا ۔۔۔
هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ۔۔۔ دعائن ۾ گڏ