• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تنهنجي ياد جي وري آ وير۔۔۔۔۔۔۔۔

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
ماروئڙا جھانگيئڙا دلدار به منهنجا
ڪردار به منهنجي گيتن جا

هي جُھوپا جُھوپا ڪينجھر تي
شل مينهن وسن ڪارونجھر تي
منهنجون مُرڪون، منهنجون خوشيون، منهنجا هينئڙا

هي جيڪو منهنجو اندر آ
ڪشمور کان ڪيٽي بندر آ
جيون سارو ــ هي ساٿيئڙا ــ منهنجا ٿيڙا

هي موهن جا آثار اَلا
آ منهنجي ڪُل ڄمار الا
هن زاهد جي ڪل ڏات جا هي ڏيئڙا.

جواب: تنهنجي ياد جي وري آ وير۔۔۔۔۔۔۔۔

ادا سنڌ جي شينهن جو ديدار ڪرائڻ جا لک احسان۔ مان ته انهي شخص جو پرستار آهيان، هي اڄڪلهه جي لاٺڙين وانگر نه هو، هي هڪ سچو ۽‌ پڪو ديشي هو۔
 
جواب: تنهنجي ياد جي وري آ وير۔۔۔۔۔۔۔۔

ادا عاشق، سنڌ جو هي عاشق ڳائڻو، منهنجن ويجهن دوستن ۾ هوندو هو، موٽر بائيڪ تي منهنجي پويان ويهي سنڌ جا گيت ٻڌائيندو هو ته جذبو ٻيڻو ۽ ٽيڻون ٿي ويندو هو ۔۔۔ دوستن جو دوست ۽ سنڌ لئه جان نثار ڪرڻ سندس خواهش هئي، اسين ته ائين چونداسون ته سنڌ جا گيت ڳائي ۽ انهن گيتن واري ڳائڻ واري راهه تي هلندي هو پاڻکي سنڌ تان نثار ڪري ويو ۔۔۔

رب العالمين کيس جنت الفردوس ۾ جڳهئون عطا فرمائي ۔۔۔ آمين

اوهان سندس ڳايل مٿيون گيت ونڊ ڪريو ها ته هوند ڪيترو نه ڀلو لڳي ها ۔۔۔
 
جواب: تنهنجي ياد جي وري آ وير۔۔۔۔۔۔۔۔

ادا عاشق ڪهڙي دور جي ياد ڏياري اٿوَ۔۔۔ سرمد جا ڳايل گيت ۔۔۔ گيت نه پر سنڌين لاءِ پويتر ڪلام آهن، جن کي ٻڌ‌ڻ سان اڄ به سنڌين جي دل ۾ سنڌيت جو جذبو جهومي اٿي ٿو۔۔۔۔
 
جواب: تنهنجي ياد جي وري آ وير۔۔۔۔۔۔۔۔

ادا عاشق تنهنجون مهربانيون جو سنڌ جي هڪ نه وسرندڙ فنڪار کي ياد ڏياريو

سرمد جو تعلق پريالي شهر ضلع خيرپور سان هو۔ سندس هي ڪلام ” تنهنجي ياد جي وري آ وير ” کيس فن جي بلندين تي پهچايو۔ سندس شروعاتي ڪلامن مان ڳايل هن ڪلام جي شاعري مشهور ٽي وي پروڊيوسر ۽ شآعر سميع بلوچ جي آهي۔
 
واھ سائين واھ اسان ته سرمد کي ڏسي ڪان سگهياسين۔۔۔۔جن سان به مليو سرمد تن اهو چيو سرمد ته يارن جو يار هيو۔۔۔۔۔۔واھ واھ
 
جواب: تنهنجي ياد جي وري آ وير۔۔۔۔۔۔۔۔

ادا عاشق ڪهڙي دور جي ياد ڏياري اٿوَ۔۔۔ سرمد جا ڳايل گيت ۔۔۔ گيت نه پر سنڌين لاءِ پويتر ڪلام آهن، جن کي ٻڌ‌ڻ سان اڄ به سنڌين جي دل ۾ سنڌيت جو جذبو جهومي اٿي ٿو۔۔۔۔

بلڪل ادا مست اسان کان سرمد ڪڏهن به وسري نه ٿو سڳهي۔۔۔۔ان جا سدا بهار ڪلام مان هر وقت ٻڌندو آهيان
 
جواب: تنهنجي ياد جي وري آ وير۔۔۔۔۔۔۔۔

ادا عاشق تنهنجون مهربانيون جو سنڌ جي هڪ نه وسرندڙ فنڪار کي ياد ڏياريو

سرمد جو تعلق پريالي شهر ضلع خيرپور سان هو۔ سندس هي ڪلام ” تنهنجي ياد جي وري آ وير ” کيس فن جي بلندين تي پهچايو۔ سندس شروعاتي ڪلامن مان ڳايل هن ڪلام جي شاعري مشهور ٽي وي پروڊيوسر ۽ شآعر سميع بلوچ جي آهي۔

بلڪل سائين سرمد کي اسان جو سلام۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top