جواب: جاڳو جاڳو سنڌي جاڳو۔۔ ادا بهترين ڪوشش آهي۔۔۔ لڳو پيو هج۔۔۔ ايئن ئي محنت ڪندو رهه مٺا اهو ڏينهن پري ڪونهي جو تُنهنجو نالو هاليوڊ جي بهترين ايڊيٽرن ۾ هوندو۔۔۔۔ الله مالڪ آه۔۔۔۔۔ بس ڪاڪي جي اوطاقين جي خدمت ڪندو رهج
جواب: جاڳو جاڳو سنڌي جاڳو۔۔ قومي جذبات ڀڙڪائيندڙ لاجواب جذباتي شاعري۽ خوبصورت آواز جو حسين امتزاج ۔۔۔ مٿان واري توهان جي خوبصورت ايڊيٽنگ اصل بلڪل وڊيو کي زبردست بڻائي ڇڏيو آهي۔۔۔ توهان جي ڪوشش ڪارائتي آهي۔۔۔ پر هڪ ڳالهه جيڪا صاف نظر اچي ٿي اها آهي ته توهان پنهنجي لکائي ۾ سنڌي فونٽ استعمال نه ٿا ڪريو جنهن ڪري اکرن جي شبيهه مٿي هيٺ ٿي بيهي جيڪا وڊيو جي خوبصورتي کي متاثر ڪري رهي آهي۔۔۔ اميد ته ان طرف پڻ توجه ڏيندا۔۔۔
جواب: جاڳو جاڳو سنڌي جاڳو۔۔ ٻي هڪ ڳالهه مان به ٻڌائيندو هلان ته ايڊيٽنگ ڪرڻجا ڪجهه طور طريقا هوندا آهن جيڪي مان پاڻ سکي رهيو آهيان۔۔۔ مطلب اگر جي تصوير آهي ته ان کي ڪوئي نه ڪوئي افيڪٽ وجهي هلائبو آهي۔ مطلب هلڪي رفتار ۾ زوم ٿيندو رهي۔۔۔۔ يا وري کاٻي کان ساڄي طرف هلي۔۔۔اميد ته سمجهي ويا هوندا
جواب: جاڳو جاڳو سنڌي جاڳو۔۔ ادا تمام بهترين شيئرنگ آهي، پر ادا فقيرن ۽ اُستادن کان ايڊيٽنگ ڪرڻ جا گُر سکندو رهه ته ڪامياب ٿيندين، نه ته پيو اسان وانگر در در جا ڌڪا کائيندو رهندين