سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا ۽ اسلام

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏30 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا ۽ اسلام​

    حزب الله آءِ سومرو

    سنڌ جو معاشرو اهڙو رهيو آهي جتي هندو فڪر مطابق ذات پات رهي آهي ان ڪري هتي اتم برهمڻ ۽ نيچ شودر يا اڇوت وارو رويو زور شور سان رهيو آهي جنهن کي اسلام جي رواداري ۽ مساوات وڏو ڌڪ رسايو آهي ان سلسلي ۾ اسلام جي صوفياءِ ڪرام جو اهم ڪردار رهيو آهي پر تڏهن به هتي قبيلائي جهيڙا وڏي شان مان سان جاري آهن اهي ڪئين ختم ڪجن مون وٽ ان جو حل اسلام آهي.

    سنڌ ۽ مذهب


    سنڌي معاشرو مذهبي رهيو آهي هندومت، ٻڌ مت ۽ پوءِ اسلام ايتري قدر جو سنڌ جي سڃاڻپ جا جيڪي ٽي نمائنده شاعر ٻڌايا ويا آهن شاهه، سچل ۽ سامي سي مذهبي شاعر هئا. نالي واري سيڪيولر دانشور ابراهيم جوئي کي به ان جو اقرار ڪرڻو پيو. شاهه، سچل ۽ ساميءَ بابت محمد ابراهيم جوئي لکيو آهي ته ”سنڌ جا هي عظيم شاعر مذهبي ماڻهو هئا (شاهه سچل سامي ايڊيشن 1997 ص 63) ٻئي هنڌ محمد ابراهيم جوئي لکيو آهي ته ”هڪ پاسي شاهه سچل هئا جن قرآن جو تفسير ۽ تعبير سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي سنڌي سماج (مسلمانن ۽ هندن ٻنهي) کي سيکارڻ سمجهائڻ ٿي چاهيو ۽ ٻئي پاسي سامي هو، جنهن هندو ڌرم جي ويدن جو ارٿ ۽ سمجهاڻي ساڳئي ان سنڌي سماج کي يعني هندن ۽ مسمانن ٻنهي کي ڏيڻ گهريو ٿي (شاهه سچل سامي ص 29). اهو ڇو آهي؟ ان بابت محمد ابراهيم جويو صاحب ئي لکي ٿو ته ”سنڌي سماج جي تاريخ ۾ مذهب ان تي سدائين غالب رهيو آهي (شاهه سچل سامي ص 21).

    مطلب ته سنڌ جو معاشرو مذهبي رهيو آهي ان ڪري ماڻهن کي مذهب تي عمل ڏانهن سڏيو وڃي، ميڊيا ذريعي مذهب جي پرچار ڪرڻ گهرجي ڇو ته سڀ مذهب ماڻهوءَ کي مهذب بڻائڻ لاءِ آهن. جيئن ته سنڌ ۾ هاڻي غالب اڪثريت جي آهي ان ڪري ماڻهن ۾ اسلام کي رواج ڏياريو وڃي. حڪومت پاڪستان فڪري ماڻهو توڙي ادارا ماڻهن کي اسلام طرف راغب ڪن ته قبيلائي جهيڙا گهٽجي نه هجڻ برابر ٿي ويندا.

    اسلام ۽ قبائلي جهيڙا

    اسلام جنهن معاشري ۾ آيو هو، اهو معاشرو قبيلائي جهيڙن جي ور چڙهيل هو. قبيلن وچ ۾ جهيڙا ۽ خونريزي سوين سال، نسل در نسل هلندا هئا. اسلام اهڙي دور ۾ آيو ۽ اسلام جي اختيار ڪيل، ايمان تقويٰ ۽ سزا ذريعي انهن ماڻهن مان قبائلي جهيڙا ختم ٿي ويا. سوره آل عمران 103 ۾ آهي ته:

    ترجمو:- جڏهن اوهان دشمن هيا پوءِ اوهان جي دلين کي جوڙيائين ۽ پوءِ ان (الله) جي نعمت سان ڀائر ٿي پيا.

    اڄ ان علائقي (سعودي عرب) ۾ اوهان کي قبائلي جهيڙن جو ڪو وجود نه ملندو ان ڪري اسلام قبائلي جهيڙن جي خاتمي جو واحد تجربي هيٺ آيل طريقو آهي. خوش قسمتيءَ سان هن وقت سنڌ ۾ غالب اڪثريت مسلمانن جي آهي، ان ڪري سنڌ ۾ اسلام کي ساڳئي نبوي طريقي ايمان، تقويٰ ۽ سزا ذريعي فروغ ڏياريو وڃي نه ته هتان قبائلي معاشري کي ڪوبه نجات ڏياري نٿو سگهي.

    ذات ۽ قبيلي جي مقصد جو تعين

    اسلام ماڻهن کي ٻڌايو آهي ته سڀ ماڻهو حضرت آدم ۽ بيبي حوا جي اولاد آهن ان ڪري سڀ هڪ جهڙي عزت رکن ٿا. نسل ۽ قبيلي جي حوالي کان اضافي فضيلت ڪنهن کي به ڪونهي. نسل ۽ قبيلا ته فقط سڃاڻپ لاءِ آهن ان جي بنياد تي پاڻ کي بهتر ۽ ٻين کي ڪمتر سمجهڻ نه کپي پر فضيلت تقويٰ (بهترڪردار) تحت ملندي ڇو ته اهو ان فرد جو ڪارنامو آهي.

    سوره حجرات 13 ۾ آهي ته: ​


    ترجمو:- اي انسانو اسان اوهان کي هڪ مرد ۽ عورت مان پيدا ڪيو آهي ۽ اوهان کي ذاتين ۽ قبيلن ۾ ڪيو سون ته ڄاڻ سڄاڻ رکي سگهو، بيشڪ اوهان ۾ الله وٽ وڌيڪ عزت وارو اهو آهي جيڪو اوهان ۾ وڌيڪ متقي آهي بيشڪ الله وڏي علم وارو خبردار آهي. انسان جي عظمت ۽ حرمت

    الله تعاليٰ انسان کي اشرف المخلوقات قرار ڏنو آهي سوره بني اسرائيل 70 ۾ آهي ته:

    ترجمو:- بيشڪ اسان آدم جي اولاد کي عزت ڏني آهي .

    اسلام پنهنجي مڃيندڙن کي سمجهايو آهي ته ناحق هڪ ماڻهوءَ کي مارڻ ڄڻ سڄي انسان ذات کي مارڻ آهي. ان ڪري هڪ ماڻهو جو خون هڪ نه سمجهيو وڃي پر اهو سڀني ماڻهن کي مارڻ برابر سمجهيو وڃي.

    سوره مائده 32 ۾ آهي ته:

    ترجمو:- بنا ڪنهن ماڻهو مارڻ جي بدلي يا زمين ۾ فساد کان سواءِ جنهن ڪنهن ماڻهو کي ماريو ان ڄڻ سڀني ماڻهن کي ماريو جنهن هڪ جي حياتي بچائي ان ڄڻ سڀني ماڻهن جي حياتي بچائي.

    اهوئي سبب آهي جو حقي سزا کان سواءِ ڪنهن به انسان کي ماري نٿو سگهجي ۽ اهڙي منع ڪئي وئي،

    سوره انعام 151 ۽ بني اسرائيل 33 ۾ آهي ته:

    ترجمو:- ڪنهن کي به حق کان سواءِ نه ماريو ڇو جو الله ان کي مارڻ حرام ڪيو آهي.

    ڀائپيءَ کي فروغ

    هڪ انساني ڀائپي ته سڀ انسان هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ٿيا آهن. سوره حجرات 13 ۾ آهي ته:

    ترجمو:- اي انسانو اوهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو آهي. يعني اوهان سڀ ڀائر آهيو.

    ٻيو تصور آهي اسلام مڃيندڙن جي ڀائپي ته اهي سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهن. نبي ڪريم صه مختلف قبيلن، قومن ۽ نسلن جي ماڻهن کي مديني آمد وقت هڪ ٻئي جو ڀاءُ بڻايو، تاريخ ۾ اهڙو واقعو پهريون ڀيرو عملي طرح ٿيو آهي ڇو ته قرآن پاڪ ۾ سڀني مؤمنن کي هڪ ٻئي جو ڀاءُ قرار ڏنو ويو آهي سوره حجرات 10 ۾ آهي ته :

    ترجمو:- بيشڪ مؤمن پاڻ ۾ ڀائر آهن.

    رنگ، نسل، قوم ۽ قبيلي جي بنياد تي ظلم ڪرڻ کي ديني اصطلاح ۾ ”عصبيت“ چيو ويو آهي، عصبيت ڇا آهي ۽ ان جو ڪيترو ڏوهه آهي حديث ۾ نبي پاڪ ٻڌايو آهي.

    ابو دائود شريف ۾ حديث آئي آهي ته:

    ترجمو:- حضرت جبير بن مطعم کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن صه فرمايو ته اهو ماڻهو اسان جو نه آهي جيڪو عصبيت ڏانهن سڏي ۽ اهو ماڻهو به اسان ۾ ڪونهي جيڪو عصبيت لاءِ قتل ڪري ۽ اهو ماڻهو اسان مان نه آهي جيڪو عصبيت تي مارجي وڃي.

    احمد ۽ ابن ماجه ۾ حديث آهي ته:

    ترجمو:- فسيلته کان روايت آهي ته مون پنهنجي پيءُ کان ٻڌو جنهن رسول الله صه کان پڇيو ته اي الله جا رسول صه ڇا پنهنجي قوم سان محبت رکڻ ته اها عصبيت آهي؟ پاڻ فرمايائون نه، پر عصبيت اها آهي جو ماڻهو پنهنجي قوم جي ظلم تي مدد ڪري.

    سنن ابو دائود ۾ به اهڙي حديث آيل آهي ته:

    ترجمو:- واثله بن الا سقع کان روايت آهي ته مون رسول الله صه کان پڇيو ته عصبيت ڇا آهي؟ پاڻ فرمايائون ته پنهنجي قوم جي ظلم تي مدد ڪرڻ (عصبيت) آهي.

    دشمني ۽ گناهه تي مدد جي ممانعت

    قوم، قبيلي ۽ نسل جي جهيڙن ۾ اهو ٿئي ٿو ته هرڪو پنهنجي پاسي جي مالي ۽ جاني مدد ڪري ٿو ته جئين اڳلو فريق زير ٿي سگهي. اسلام پنهنجي مڃيندڙن کي اهو حڪم ڏنو آهي ته نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ جي بنياد تي ته هڪ ٻئي جي مدد ڪريو پر گناهه ۽ دشمنيءَ تي مدد نه ڪريو، سوره مائده 2 ۾ آهي ته:

    ترجمو:- ۽ نيڪي ۽ تقويٰ جي بنياد تي مدد ڪريو ۽ گناهه ۽ دشمنيءَ جي بنياد تي مدد نه ڪريو. جئين ته قومي، نسلي ۽ قبيلائي جهيڙن ۾ خونريزي لاءِ ماڻهن جي وانگار ٿئي ٿي ۽ پئسا گڏ ڪيا وڃن ٿا ان ڪري مٿين آيت موجب قومپرستي، نسل پرستي ۽ قبيله پرستي تي جهيڙن لاءِ املي مدد ڪرڻ يا افرادي قوت طور شامل ٿيڻ حرام آهي.

    صلح کي فروغ

    اسلام ۾ جهيڙي جي صورت ۾ صلح ڪرائڻ کي وڏي اهميت ڏني وئي آهي سوره نساءِ 128 ۾ آهي ته:

    ترجمو:- ۽ صلح ڀلو آهي.

    سوره حجرات 9 ۾ آهي ته:

    ترجمو:- ۽ جڏهن مومنن جا ٻه ٽولا پاڻ ۾ خونريزي ڪن ته پوءِ ٻنهي ۾ صلح ڪرايو.

    سوره حجرات 10 ۾ آهي ته:

    ترجمو:- بيشڪ مؤمن پاڻ ۾ ڀائر آهن پوءِ ٻن ڀائرن ۾ صلح ڪرايو.

    حضرت عمر فاروق رضه ڪوفي جي گورنر ابو موسيٰ اشعري رضه کي خط لکيو هو ته ”صلح جائز آهي بشرطيڪه ان سان حرام حلال ۽ حلال حرام نه ٿيندو هجي“ (الفاروق از علامه شبلي نعماني سنڌي ترجمو ايڊيشن (1995 ص 216) يعني اسلام ۾ اهي فيصلا جائز ۽ ضروري آهي جيڪي شريعت جي خلاف نه هجن ته قبيلائي جهيڙن جا اهي فيصلا درست ٿيندا جن ۾ شريعت جي اصولن جي خلاف ورزي نه ٿيندي هجي.

    سستو ۽ تڪڙو انصاف

    اگر ڪورٽن ۾ ڪيسن جي تياري کان وٺي وڪيلن جي فيسن ۽ ٻين سلسلن تي وڏو پئسو خرچ اچي جنهن ڪري غريبن لاءِ ڪيس لڙڻ مشڪل ٿيو پون ۽ وري ڪيس دير سان اڪلائجن جو هڪ ڪيس سالن جا سال هلي ته اهو مهانگو ۽ دير وارو انصاف به ڪو انصاف چئبو. فيصلن نه ٿيڻ ڪري قبائلي جهيڙا رڪجڻ بجاءِ وڌن ٿا ان سان مجرمن جي حوصله افزائي ٿئي ٿي ڇو جو انهن کي ڇوٽ ملي وڃي ٿي.

    حضرت عمر فاروق رضه فيصلن جي تڪڙي اُڪلاءَ لاءِ حڪم جاري ڪيو هو. ڪوفي جي گورنر ابو موسيٰ اشعريءَ کي خط ۾ لکيو هئائون ته ”جيڪو ماڻهو ثبوت پيش ڪرڻ گهري تنهن لاءِ هڪ وقت مقرر ڪريو جيڪڏهن هو ثبوت آڻي ته کيس حق ڏياريو نه ته ڪيس خارج ڪيو (الفاروق سنڌي ترجمو 1995ع ص 217).

    سچي شاهدي جو حڪم

    اسلام پنهنجي مڃيندڙن کي ان تي آماده ڪيو آهي ته سچي شاهدي ڏيڻ فرض آهي ڇو ته شاهدي لڪائڻ يا ڪوڙي ڏيڻ سان انساني خون لڙهي ويندا آهن ۽ مجرمن کي سزا نه ملندي آهي.

    سوره بقره 283 ۾ آهي ته:

    ترجمو:- شاهدي نه لڪايو، جيڪو ان کي لڪائيندو ته بيشڪ ان جي دل گناهگار آهي.

    سوره بقره 282 ۾ آهي ته:

    ترجمو:- لکندڙ ۽ شاهدي ڏيندڙ کي نقصان نه رسايو وڃي.

    سوره مائده 8 ۾ آهي ته:

    ترجمو:- اي ايمان وارئو الله خاطر شاهدي ڏيندڙ ٿيو انصاف سان.

    سوره نساءِ 135 ۾ آيو آهي ته

    ترجمو:- اي ايمان وارو انصاف سان الله خاطر شاهدي ڏيندڙ ٿيو، توڙي جو اها اوهان کي پنهنجي خلاف، والدين يا ويجهن مائٽن خلاف ڇو نه ڏيڻي پوي.

    ناحق خون جي مذمت

    اسلام پنهنجي مڃيندڙن کي ناحق خون کان جهليو آهي ۽ ان تي دنيا آخرت جون سزائون رکيون آهن سوره نساءِ 93 ۾ آهي ته:

    ترجمو:- جنهن ڪنهن مومن کي ڄاڻي واڻي ماريو ان جي سزا جهنم آهي، جنهن ۾ هميشه رهندو ۽ الله جي ڪاوڙ ۽ لعنت به مٿس هوندي، ان لاءِ وڏي سزا تيار رکي آهي.

    اها سزا ته مومن جي قتل تي آهي پر جيڪو ڪافر حربي (وڙهندڙ) نه آهي ۽ اسلامي ملڪ ۾ (جنهن جي حفاظت اسلامي رياست جي ذمي آهي) ان جي قتل کي به اسلام ۾ وڏو ڏوهه ڳڻيو ويو آهي، بخاري شريف ۾ حديث آهي ته:

    ترجمو:- عبدالله بن عمر کان روايت آهي ته نبي پاڪ صه فرمايو جنهن معاهد (جنهن ڪافر سان معاهدو ٿيل هجي) ان کي ماريو ته قاتل کي جنت جي خوشبوءِ به نصيب نه ٿيندي، توڙي جو اها چاليهن سالن جي پنڌ تائين ايندي هوندي.

    قتل جي سزا

    اسلام ۾ قتل جا ٻه قسم آهن قتل خطا (ڀل ۾ يا اتفاق سان ٿيل خون) ان تي ديت (ڏنڊ) سئو اٺن جي رقم برابر رکي وئي. اڄ ڪلهه جرڳن ۾ عام ماڻهو جي خون جي ديٽ گهٽ ۽ وڏيري جي خون ديت ان کان ٻيڻي ٽيڻي رکي وڃي ٿي، جيڪا غير اسلامي آهي. اسلام ۾ قتل خطا ڪنهن جو به ٿئي ديت (ڏنڊ) هڪ جيترو رکيل آهي. ٻيو ته جرڳن ۾ قتل جي ديت اصل وارثن کي نه ڏني ويندي آهي. خون خونن ۾ لٿ پٿ ڪيا ويندا آهن اهو به غير اسلامي آهي. اسلام ان ۾ معافيءَ جو دروازو به کليل رکيو آهي.

    ٻيو قتل جو قسم آهي قتل عمد (ڄاڻي واڻي خون) جنهن ۾ ٽي اختيار وارثن کي ڏنل آهن. قصاص، ديت يا معافي. هن ۾ قصاص يعني بدلي ۾ قاتل جي منڍي سرعام لاهڻ ۾ ڪيتريون ئي حڪمتون آهن. قتل خطا ۾ فقط غفلت هئي، قتل جي نيت نه هئي ان ڪري غفلت جي سزا ڳرو ڏنڊ رکي انسان چستي ۽ زميداري کان ڪم وٺڻ سيکاريو ويو پر قتل عمد ۾ قتل جي نيت آهي ان ڪري اها سوچ انسان ذات جي خاتمي لاءِ آهي انسان ذات کي بچائڻ لاءِ اهڙي سوچ جو خاتمو ضروري آهي. ان ڪري قاتل لاءِ قصاص جي سزا رکي وئي. ان سان مقتول ڌر جي انتقام جا جذبا به ٺرندا ۽ ٻيا ماڻهو به ان مان عبرت حاصل ڪندا. قبيلائي جهيڙن ۾ جيئن ته قتل ڄاڻي واڻي ٿين ٿا ان ڪري ان جي سزا قتل به رکي وڃي ته جئين قاتل مقتول جي وارثن آڏو نه گهمن جنهن سان انهن ۾ اشتعال پيدا ٿئي ٿو ۽ اهي به خون ڪري ويهن ٿا. سوره نساءِ 92 ۾ آهي ته:

    ترجمو:- جنهن ڪنهن مومن کي خطا ۾ ماريو ته ان کي کپي ته هڪ مومن غلام جي جان آجي ڪرائي ۽ هڪ مڃيل ڏنڊ سندس خاندان کي ڏسي سواءِ ان جي هو اهي کيس معاف ڪن.

    باقي قتل عمد ۾ ان جي سزا قصاص (بدلي ۾) قتل رکي وئي آهي. سوره بقره 178 ۾ آهي ته:

    ترجمو:- اي ايمان وارئو اوهان تي قتل جي معاملي ۾ قصاص کي فرض ڪيو ويو آهي.

    سوره بقره 179 ۾ آهي ته:

    ترجمو:- اوهان لاءِ قصاص ۾ زندگي آهي اي عقل وارئو ته من اوهان بچي سگهو.

    ايمان، تقويٰ ۽ سزا

    هر ملڪ ۾ قانون جي خلاف ورزيءَ تي سزا ملي ٿي. اسلام کان سواءِ ٻيا قانون يا مذهب قتل جي فقط سزا تجويز ڪن ٿا سابه تڏهن جڏهن ڏوهه ثابت ٿئي. هڪ ته سزا براءِ سزا آهي اها سخت ۽ عبرت ناڪ سزا نه آهي جو سزا ڏيڻ جو مقصد ادا ٿي سگهي ٻيو ته انهن وٽ ڏوهن روڪڻ جو ڪو روحاني مؤثر طريقو نه آهي. سخت ۽ عبرتناڪ سزائون به ڏوهن ۾ گهٽتائي آڻين ٿيون. آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ نالي ماتر سزائون ڏوهن قتل، ڦر ۽ جنسي زيادتيءَ ۾ گهٽتائي نه آڻي سگهيون آهن پر سعودي عرب ۾ اهي سماجي ڏوهه نه هجڻ برابر آهن سبب اسلام جون سخت ۽ عبرتناڪ سزائن جو نفاذ آهي. اسلام ۾ اهڙين سخت ۽ عبرتناڪ سزائن سان گڏ اسلامي سزائن کي تحفظ به حاصل آهي اهي ماڻهن جي اڪثريت راءِ سان ختم يا تبديل نه ٿينديون جو اهي ماڻهن پاران نه آهن پر الله پاران آهن ان سان اسلامي سزائن جا اثرات به دائمي ٿين ٿا. اسلام ۾ سخت ۽ عبرتناڪ مستقل سزائن سان گڏ خوف آخرت ۽ تقويٰ وارو روحاني مؤثر طريقو به موجود آهي جو ماڻهن جي اهڙي تربيت ڪئي وڃي ٿي جو آخرت ۾ ڏوهن جي سخت سزا ملندي اها شئي ڪنهن به قانون وٽ نه آهي. هتي سفارش، رشوت، اثر رسوخ، طاقت ۽ شاهدين نه ملڻ تحت قاتل يا ڏوهي بچي سگهي ٿو پر اسلام پنهنجي مڃيندڙن جي اهڙي تربيت ڪري ٿو ته هر ڪم الله ڏسي ٿو ۽ هر ڏوهه جي سزا هت نه ملي ته آخرت ۾ ضرور ملندي ان ڪري ڏوهي ماڻهو آخرت جي دائمي ۽ سخت سزا کان بچڻ لاءِ اول ته ڏوهه نٿو ڪري ٻيو ته اگر ڏوهه ٿي وڃي ته وري پاڻ ئي سزا کائڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي. خوف خدا ۽ عقيده آخرت ان ۾ تقويٰ (ڏوهه کان بچڻ) ۽ ڏوهه جي سزا کائڻ جي همت پيدا ڪري ٿو دور نبوي ۾ اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن جو ڏوهي پاڻ اچي اقرار ڪري ٿو ته مون زنا ڪئي آهي مون کي سزا ڏيو. ان ڪري اسلام کي هتي عملي ۽ قانوني طور مروج ڪيو وڃي ته قبائلي خونريزي ۽ ٻيا ڏوهه تمام گهٽجي ويندا.

    نماز، زڪوات ۽ حج جو سرگرميون

    اسلام پنهنجي مڃيندڙن لاءِ ڪيتريون ئي مذهبي سرگرميون رکيون آهن پر تن ۾ اهم سرگرميون نماز، روزو، حج زڪوات آهن انهن مان ٽي سرگرميون نماز، روزو، زڪوات قائم ڪري مساوات قائم ڪرائڻ ۽ قبائلي جهيڙن روڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.

    نماز، صدقات زڪوات ۽ حج مان نسل پرستي، قوم پرستي ۽ قبيله پرستي کي عملي طرح ڌڪ رسي ٿو انهن جي مشق سان انسان مان اها عصبيت ختم ٿي وڃي ٿي.

    صدقات ۽ زڪوات ڪنهن قبيلي نسل يا قوم لاءِ مخصوص نه ڪيا ويا آهن ته انهن کي ڏيو ۽ نه اهو چيو ويو آهي ته اهي فقط پنهنجي قبيلي، قوم يا نسل واري کي ڏيو ٻين کي نه ڏيو پر ان لاءِ ”ضرورتمند“ کي مستحق قرار ڏيندي اهو چيو ويو آهي ته ضرورمند ڪهڙي به قبيلي، نسل يا قوم جو هجي ان کي ڏيو.

    حج جي سرگرمي ۾ مختلف قبيلن، نسلن ۽ قومن کي هڪ مرڪز ڪعبته الله ۾ هڪ لباس ۾ گهرائي گڏ رهائي برابري ۽ برداشت جي مشق ڪرائي وڃي ٿي.

    نماز جيڪا هر مسلمان لاءِ ضروري قرار ڏيندي ڏينهن ۾ پنج ڀيرا فرض ڪئي وئي آهي, ان ۾ مختلف قبيلن، نسلن ۽ قومن جي ماڻهن کي گڏو گڏ بيهاري اها مشق ڪرائي ٿي وڃي ته ماڻهن ۾ سهپ ۽ برداشت پيدا ٿئي انهن ۾ برابري ۽ مساوات جو رواج پوي ۽ ڪوبه نسلي قومي يا قبيلائي امتياز نه رهي. ان لاءِ ضروري آهي ته اسلام پاران عبادتن جي نالي ۾ رکيل سرگرمين کي ماڻهن ۾ رواج ڏياريو وڃي ان سان به ڪيترا ڏوهه گهٽجندا ويندا جن ۾ قبيلائي جهيڙا به شامل آهن.
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا ۽ اسلام

    تمام سٺي ونڊ ڪئي آهي توهان
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا ۽ اسلام

    ادا مهرباني ۽ قرب​
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا ۽ اسلام

    قرب اوهان جا ادا جيئو ممتاز جيئو
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا ۽ اسلام

    ادا ممتاز مهرباني اوهان جي
    اهڙي ٽاپڪ تي آءُ به ڪم ڪري رهيو آهيان انشاءَ الله جلد ونڊ ڪندس
     
  6. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا ۽ اسلام

    تمام سٺي شيئرنگ آهي۔
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا ۽ اسلام

    جيترو پڙهي سگهيو آهيان ته سٺو لکيل آهي پر ان ۾ جيڪا پاڪستان جي ڳالهه ڪيل آهي ته ايئن چئبو ته پوري پاڪستان م موجود قومن جي نفسيات الڳ الڳ آهي، پٺاڻڻ جي، پنجابين جي، بلوچن جي ۽ سنڌين جي ۔۔۔ قبيلائي جهيڙا ته هر قوم وٽ ٿين ٿا پر انهن جو اصل ڪارڻ تعليم ۽ اقتصادي گهٽ وڌائي آهي ۔۔۔ عربن وٽ بيشڪ جڏهن اسلام آيو ته دين سان گڏ اسلام جي جهنڊي هيٺان جيڪا خلافت ٺهي ۽ بيت المال ٺهيو ان سبب ڪافي فرق پيو ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته اڳ جا حڪمران سچا پرخلوص ۽ دين جي طاقت سان ڀريل هيا پر اڄ اهي حالتون نه آهن ۔۔۔ اڄ جا حڪمران علم کان وانجهيل، دين جا ڪچا ۽ اقتصادي ڦرلٽ ۾ ايمان رکندڙ آهن ۔۔۔

    انڪري پاڪستان ۾ جيستائين قومي آزاديون نه ٿينديون ۽ اقتصادي وسائل هر قوم وٽ پنهنجا پنهنجن هٿن ۾ نه ايندا ۽ ديني طور تي ايمان مّضبوط نه ٿيندو ته امن ٿيڻ ۽ قبيلائي جهيڙن جو ختم ٿيڻ ممڪن ناهي ۔۔۔

    علم، ايمان، آزادي ۽ خوشحاليءَ سبب ڪنهن قوم وٽ عدل پئدا ٿيندو آهي ۽ عدل سبب امن پئدا ٿيندو آهي ۔۔۔

    اچو ته پنهنجي قوم جي علمي، ديني، آزادي ۽ اقتصادي خوشحاليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيون ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا ۽ اسلام

    بهترين ليک آهي۔۔۔۔ جنهن ۾ اها ڳالهه واضح مثالن سان سمجهائي وئي آهي ته اسلام هر برائي خاص طور قبيلائي جهيڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ پڻ دڳ ڏسيو آهي۔۔۔ جيڪو ڪو ٻيو نه بس ايمان ڪامل آهي۔۔۔
    دعا آهي ته اسان جا سنڌي قبيلا به اسلام جا صحيح پيروڪار بڻجي هڪ ٻئي کان نفرتون ختم ڪن ته جيئن پنهنجي حقن وٺڻ جي ويڙهه ٻڌي سان ڪري پنهنجي اصل دڳ تي سفر ڪجي۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو