عنوان ؛ تون ياد ايندو آن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تحرير: عمران درويش سومرو۔ دوستو مٿي ڏنل شاعريءَ کي لکڻ ۾ هڪ غلطي ڪري وڌي آهي ـــ روئارن ٿيون ـ ـ جي بدران ؛روئان ٿيون؛ لکجي ويو آهي ..
جواب: تون ياد ايندو آن ادا مهرباني ته توهان جي ئي آهي جو توهان پنهنجون اهڙيون ناياب لکڻيون اسان سان شيئر ڪريو ٿا.
جواب: تون ياد ايندو آن محبوب جي ياد ۔۔۔ ماحول جو اثر ۔۔۔۔ نظارن ۾ نشانيون ۔۔۔ هن نظم ۾ مٿيون ڳالهيون ٻڌائن ٿيون ته شاعر پنهنجي محبوب جي وڇوڙي ۾ بي ساخته اڀرندڙ اڌمن کي لفظن جي صورت ڏني آهي ۔۔۔ ڪجهه پاڻ اداس آهي ته ڪجهه اسانکي به اداس ڪيو اٿسَ ۔۔۔ شاعر هوندا ئي اهڙا آهن، سندن حساس طبيعت جڏهن ڪنهن ڏک يا سک کي ڳائيندي آهي ته پڙهندڙن کي به پنهنجي حساسيت ۾ لوڙهي ويندا آهن ۔۔۔ ادا درويش سٺو خيال آهي ۽ آسان ۽ سادن لفظن ۾ بيان ٿيل آهي ۔۔۔ اسانجي دعا آهي ته بيشڪ محبوب وڇڙي وڃي پر بي وفا نه ٿئي ۔۔۔ وقت جون لهرون انسان کي به ڪڏهن پاڻ سان لوڙهي وينديون آهن پر جڏهن محبوب سامهون هجي ۽ بي وفا هجي ته وڌيڪ ڏکوئيندڙ ٿيندو آهي ۔۔۔ رب العالمين وڇوڙي کي به سگهه ٺاهي ۽ حقيقت طرف رهنمائي ڪري ۔۔۔ آمين
جواب: تون ياد ايندو آن (آمين) ادا الله سائين هر ڪنهن کي بي وفائي کان بچائي۔ لک ٿورا هن ناچيز کي پنهنجي را جوڳو سمجهڻ جي لا
جواب: تون ياد ايندو آن ادا درويش۔۔۔ ٻيلي اهڙي شاعري ڪري اسان مستن کي به ”غمگين“ ٿا ڪري ڇڏيو۔۔ يار ايئن ته نه ڪريو۔۔ دنيا ۾ اور بهي غم هين محبت ڪي سوا۔۔ بهرحال ادا تمام بهترين شاعري، قافيئي جو به بهترين استعمال ٿيل آهي۔۔ ادا هڪ ننڍڙي ڳالهه توهان جي نظر ۾ آڻڻ چاهيان ته لفظ غمغين کي اصل ۾ ”غمگين“ ڪري لکبو آهي۔۔ وڌيڪ هتي سنڌيءَ جا ماهر ويٺل آهن انهن کي گذارش آهي ته ڪجهه ٻڌائين۔۔ ۽ ان کان علاوه لفظ جهونڪا سنڌي جو لفظ نهآهي، مان سمجهان ٿو ته هي ٺيٺ اردو جو لفظ آهي۔۔ ان کان علاوه ڪجهه هنڌن تي تڪڙ ۾ لفظن جي اڻپورائي آهي جيئن۔۔۔۔ مان اهي دل دماغ منجهان ڌاريان ڪيئن۔۔۔؟ هتي شايد ڌڪاريان ڪيئن لکڻ مقصود هو۔۔!