• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سڏ ديس جا او ساٿي ( آڊيو جي صورت ۾ )

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
سنڌ ديس جا او واسي ( آڊيو جي صورت ۾ )

محترم سنڌي ساٿيو۔۔۔۔
ڪجهه ڏينهن اڳ ادا سلطان احمد، سائين نثار احمد ناز جي هڪ خوبصورت گيت کي سنڌ سلامت تي سجايو هيو۔۔۔۔۔ گيت جي ٻولن ۾ سنڌي جوڌن کي مايوسي کان بچڻ لاءِ ۽ انهن جي حوصلن کي وڌائڻ لاءِ هڪ نئين سج اڀرڻ جو ذڪر ڪيل هيو۔۔۔۔ جيڪو اسان جي لاءِ حقيقي آزادي جون راحتون کڻي ايندو۔۔۔۔ جيڪو اسان جي چهري تي مسڪراهٽون ۽ لبن تي هو جمالو جا گيت آڻيندو۔۔۔۔ جيڪو اونداهي رات جو انت آڻيندو ۽ آزاد هوا جهڙن خوابن کي سچ ثابت ڪندو۔۔۔۔۔۔ جيڪو انصاف ۽ عدل کي هر ننڍي وڏي کي بغير ڪنهن امتزاج جي فراهمي کي يقيني بڻائيندو۔۔۔۔۔۔
اهڙن خوبصورت لفظن ۽ سوچ کي پڙهي پڙهي ڳائڻ تي دل چوندي رهندي آهي۔۔۔۔ منهنجي اها خواهش اسان جي پياري دوست ”محترم جانب بلاولي“ پوري ڪري ڏيکاري ۽ هڪ چانڊوڪي رات جي محفل ۾ ڳائي پوري ڪري ورتي۔۔۔۔
منهنجي موبائيل ۾ ايتري سگهه ته نه هئي جو سندس جي آواز کي پوري طرح پڪڙي پر ان جي باوجود هڪ ننڍڙي ڪوشش ضرور آهي ۔۔۔۔۔
پنهنجي هن ننڍڙي ڪوشش کي مان ادا سلطان احمد جيڪو سنڌ امڙ کان دور پرديس ۾ روزي جي لاءِ ڪوشان آهي ان کي ۽ سائين نثار ناز جن کي ارپيندس۔۔۔
مون کي يقين آهي ته هي گيت باقي سموري ساٿ کي پڻ پسند ايندو۔۔۔۔ توهان جي واپسي جواب مون کي وڌيڪ هٿي ڏيندو ته اهڙا گيت وڌيڪ جتن ڪري توهان جهڙن محبت ڪندڙ ساٿ سان شيئر ڪريان۔۔۔۔۔۔

نثاراحمد ناز

سنڌ ديس جا او واسي .ڇالئه رهو اُداسي،
مولا ڪندو سڻائي هر ڳالهه هوندي خاصي
ــــ
سو وقت نيٺ ايندو، مهڪي چمن به ويندو،
آزاد هِنَ فَضا ۾ ڪو هو جمالو ٿيندو،
رهندي نه رات هاڻي، ڪا رات هت اُماسي
سنڌ ديس جا او واسي ڇالئه رهو اُداسي
ـــ
پنهنجي ته آشيان جو سپنن جي ساڀيان جو
هر گام همرچي سان سوراج آجيان جو
اعلان جلد ٿيندو ٻُڌندا خبر خُلاصي
سنڌ ديس جا او واسي ڇالئه رهو اُداسي
ــــ
ڪنهن جي نه ڪاڻ هُوندي، ميزان ساڻ هُوندي،
انصاف جي ته ديوي ايمان ساڻ هُوندي،
تُرندي نه ساهمي ڪا، هي ”ناز“ هيڪ پاسِي
سنڌ ديس جا او واسي ڇالئه رهواُداسي
مولا ڪندو سڻائي هرڳالهه هوندي خاصي

[MP3]http://www.fileden.com/files/2008/11/25/2199844/SSalamat.mp3[/MP3]​

۔
 
واه ادا رشيد واه اوهان ته asul matt

تمام بهترين سائين ته اصل ڇائنجي ويو آهي اسان جي دُعا آهي ته مالڪ اڃان به ان کي ترقي ڏئي . اهڙي lajwab-sharing جي لا ءِ
مهرباني
ادا ڀاء محترم جانب بلاولي کي اسان جي ياعلي مدد ضرور پهچائجو ۽ ادي کي چئجو ته اوهان جو آواز تمام سريلو آهي ۽ تمام گهڻي مٺاس اٿس ادا الله توکي وڌائيندو تمام سهڻو ڳايو اٿئي پر يار ڍولڪ مڙئي نئين وٺ صفا مزو نه پئي ڪري بس اسان کي ته آواز موهي وڌو پر وري به اهو سامان به ضروري آهي اسان جي فقير وٽ هڪ نئي ڊولڪ پيل آهي جي چوي ته فقير کي عرض ڪيون اسان جو چوڻ ڪونه ٽاريندو

shabash​
 
محترم سنڌي ساٿيو۔۔۔۔
ڪجهه ڏينهن اڳ ادا سلطان احمد، سائين نثار احمد ناز جي هڪ خوبصورت گيت کي سنڌ سلامت تي سجايو هيو۔۔۔۔۔ گيت جي ٻولن ۾ سنڌي جوڌن کي مايوسي کان بچڻ لاءِ ۽ انهن جي حوصلن کي وڌائڻ لاءِ هڪ نئين سج اڀرڻ جو ذڪر ڪيل هيو۔۔۔۔ جيڪو اسان جي لاءِ حقيقي آزادي جون راحتون کڻي ايندو۔۔۔۔ جيڪو اسان جي چهري تي مسڪراهٽون ۽ لبن تي هو جمالو جا گيت آڻيندو۔۔۔۔ جيڪو اونداهي رات جو انت آڻيندو ۽ آزاد هوا جهڙن خوابن کي سچ ثابت ڪندو۔۔۔۔۔۔ جيڪو انصاف ۽ عدل کي هر ننڍي وڏي کي بغير ڪنهن امتزاج جي فراهمي کي يقيني بڻائيندو۔۔۔۔۔۔
اهڙن خوبصورت لفظن ۽ سوچ کي پڙهي پڙهي ڳائڻ تي دل چوندي رهندي آهي۔۔۔۔ منهنجي اها خواهش اسان جي پياري دوست ”محترم جانب بلاولي“ پوري ڪري ڏيکاري ۽ هڪ چانڊوڪي رات جي محفل ۾ ڳائي پوري ڪري ورتي۔۔۔۔
منهنجي موبائيل ۾ ايتري سگهه ته نه هئي جو سندس جي آواز کي پوري طرح پڪڙي پر ان جي باوجود هڪ ننڍڙي ڪوشش ضرور آهي ۔۔۔۔۔
پنهنجي هن ننڍڙي ڪوشش کي مان ادا سلطان احمد جيڪو سنڌ امڙ کان دور پرديس ۾ روزي جي لاءِ ڪوشان آهي ان کي ۽ سائين نثار ناز جن کي ارپيندس۔۔۔
مون کي يقين آهي ته هي گيت باقي سموري ساٿ کي پڻ پسند ايندو۔۔۔۔ توهان جي واپسي جواب مون کي وڌيڪ هٿي ڏيندو ته اهڙا گيت وڌيڪ جتن ڪري توهان جهڙن محبت ڪندڙ ساٿ سان شيئر ڪريان۔۔۔۔۔۔

[MP3]http://www.fileden.com/files/2008/11/25/2199844/SSalamat.mp3[/MP3]​

۔
ادا رشيد او مُنهنجا سنڌي جوڌا او مُنهنجا سنڌي سپوت تو ته ڪمال ڪري ڇڏيو جانب بلاولي ۽ توهان ٻئي لکين کيرون لهڻو، ڪروڙين محبتون ماڻيو مان ته تصور ئي نه پي ڪري سگهيس جو اهو گيت سو به ترنم ۾ مان مهربانيون ادا سُلطان جون به ته يقينن مڃندس جيڪو سنڌ ڌرتي کان هزارين ميل ڏور، رهي ڪري به جيجل سنڌ سان محبت ڪري مٺي ٿڃ وارو ناتو نڀائي ٿو. شال سڀ جيئن سنڌ وارا ، شال سڀ جيئن سموري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي، شال سڀ جيئن سنڌ سلامت وارا (آمين)
jam%20mohbat.gif
 
ادا رشيد،
سلام آهي توهان جي جذبن کي ۽ توهان جي ڪاوشن کي۔ سائين نثار جي سنڌ لاءِ دُعائن سان سنگت جي سماعتن کي سُرور بخشيو۔ اهو گيت آڊيو جي صورت ۾ اچڻ سان ئي هر سنڌي جهونگارڻ شروع ڪندو ۽ مولا اها دعا ضرور پوري ڪندو۔ محترم جانب بلاولي جي فن جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ هوندي، هنن جي صلاحيت ۽ قابليت ته ان وقت ئي واضح ٿي وئي جڏهن هنن سائين نثار جي وائي ”ساجن هاڻ پرائو“ ڳائي هئي۔ توهان هي گيت رڪارڊ ڪري، فورم جو حق ادا ڪيو آهي۔

سائين نثار جي دعا سڄي سنڌ لاءِ آهي ته مان سائين کي يقين ٿو ڏيارڻ چاهيان ته سڄي سنڌ جون دعائون سائين نثار لاءِ آهن، ڇو ته

”هَل جَزاءاُلاِحسانِ الاژ الاحسانُ“

رشيد جاني، توهان جا لک احسان جو توهان هي لازوال گيت، مون جهڙي ناچيز کي به ارپي۔
 
واه ادا رشيد واه اوهان ته asul matt

تمام بهترين سائين ته اصل ڇائنجي ويو آهي اسان جي دُعا آهي ته مالڪ اڃان به ان کي ترقي ڏئي . اهڙي lajwab-sharing جي لا ءِ
مهرباني
ادا ڀاء محترم جانب بلاولي کي اسان جي ياعلي مدد ضرور پهچائجو ۽ ادي کي چئجو ته اوهان جو آواز تمام سريلو آهي ۽ تمام گهڻي مٺاس اٿس ادا الله توکي وڌائيندو تمام سهڻو ڳايو اٿئي پر يار ڍولڪ مڙئي نئين وٺ صفا مزو نه پئي ڪري بس اسان کي ته آواز موهي وڌو پر وري به اهو سامان به ضروري آهي اسان جي فقير وٽ هڪ نئي ڊولڪ پيل آهي جي چوي ته فقير کي عرض ڪيون اسان جو چوڻ ڪونه ٽاريندو

shabash​

بلڪل ادا علي علي مون وٽ ڊولڪ پيل آهي ۽ مان بلڪل توهان جو چوڻ ڪونه ٽاريندس هون به ڊولڪ وڄائڻ ۾ مون کان وڌيڪ توهان ماهر آهيون hall chari hatt-pare
shal judy hujeen

suhnan saan

sindhsalamatsaathsal
 
ادا، رشيد جانب بلاولي جي آواز ۾ سائين نثار ناز جي اهڙي ناياب غزل اصل من کي موهي ڇڏيو، مٺا وري جيڪو وچ دوهيڙا ٿو چوي بس اندر ۾ هڪ عجيب ڪيفيت ٿو آڻي،
 
سائين توهان جي شاعري ٻڌي اڄ توهان جو هڪ پراڻو شعر ياد اچي رهيو آهي۔ ته سنڌ منهجي سوچ جو مَحِوَرِ به آهي۔ هي نرالو ديس منهنجو ؓؓگهر به آهي۔ سج تنهنجا عڪس جرڪن پر سدائين چنڊ جهڙو ياد رکجان ٿر به آهي۔ واه سائين واه۔
 
مهرباني ادا غلام علي شاهه جو توهان کي مُنهنجي شاعري پسند آئي ان کان وڌيڪ مهربانيون جو توهان مُنهنجي هڪ غزل جو چارسٽو ”سنڌ مُنهنجي سوچ جو محور به آهي“ ياد رکيو ۽ سموري سنڌ سلامت سان شيئر ڪيو، شال جُڙيا هُجو پنهنجي پيارن سان (آمين ثم آمين)
 
جواب: سڏ ديس جا او ساٿي ( آڊيو جي صورت ۾ )

سائين ڊاونلوڊ جو آبشن ڏيندا ته مهرباني
 
Back
Top