عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
وڌيڪ اوهان جي مرضي جيڪو چئو۔۔

يار منهنجا!
دعا ڪر ته ڪو اسين ان قابل ٿيون ۽ ايتري لاڳت هٿ ٿئي ته ڪو سنڌ جو آواز ٿي اڀري پئون، آءُ چوندس ته اسان سڀني کي ملي ڪري هڪ ڪاميٽي جوڙي جنهن ۾ اهڙا دوست هجن جي لاڳت ڪري سگهن ته ” بسم الله “ ٿي وڃي ۽ اهڙي اخبار جا مول متا تيار ڪري اصولن تي مبني، حق ۽ سچ جي ڳالهه لکڻ واري اخبار جنهن تي وقت جا حڪمران هجن يا ڪي زورآور ماڻهون انهن جي زور کان آجي ۽ نرالي اخبار هجي ته اصل دل خوش ٿي وڃي ۔۔۔۔ پر يارو سڀ خواهشون ۽ حق سچ جي ڳالهه کي ڪوڙ جي دنيا ۾ سرخرو ڪرڻ ايترو آسان به ناهي ۔۔۔ ؟ سوليءَ کي سيج ڪرڻو پوندو ۔۔۔
بهرحال اوهان اهو نمونو ٺاهي اسانکي هرکائي ضرور وڌو آهي ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔
ادا ان سلسلي ۾ دوستن کي گذارش ڪجي ٿي ته پنهنجا آئيڊيا ڏين۔۔۔ ڇو ته هڪ ڌڪ ۾ ممڪن نه آهي ته ڪو اهڙو وڏو ڪم ڪجي۔۔۔
مان ته سمجهان ٿو ته۔۔۔۔
في الحال اها ننڍي پئماني تي ۽ ماهوار نڪرندڙ اخبار يا رسالو هجي ان کان بعد نتيجن کي ڏسي ان کي روزاني طور ڪڍڻ جو سوچجي
جي ادا مست! تُنهنجي ڳالهه ۾ دم آهي۔۔۔ دوستن جي صلاح مطابق پهرين هڪ ماهواري رسالو ترتيب ڏجي۔۔۔۔۔ سڀ کان پهرين ته ان تي ايندڙ لاڳت جي جاچ پڙتال ڪجي۔۔۔ جنهن جي لا ادي ابوزين جن کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري اسان کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪن۔۔۔۔۔۔
پهرين سنڌسلامت جي نالي سان ماهواري رسالو ڪڍجي ۽ ان کان پو ان کي پندرهه واه ڪجي ۽ پو هفتي وار۔۔۔۔ اهڙي نموني لاڳت به نڪرندي ايندي ۽ نالو به ٿيندو ويندو۔۔۔۔پو بسم الله ڪري بس روزاني اخبار تي ڪم چالو ڪجي۔۔۔ مُنهنجو هڪ دوست هڪ هفتي وار اخبار جو ايڊيٽر هو۔۔۔ هن جي چوڻ مطابق 4 اي ٿري پيپرن جي اخبار جو ٽوٽل خرچ 65 پئسا پيو ٻڌائي۔۔۔۔۔ خيئر هاڻي سنڌ ۾ ان جي قيمت ڇا آهي اها ته توهان دوستن کي خبر هوندي۔۔ خيئر هڪ دفعو ڪوشش ڪري ڏسجي۔۔۔۔
باقي توهان وڏا آهيو۔۔۔۔
منهنجي دوستن کي اها صلاح آهي، ته هن کي صرف هر مهيني تي هڪ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي تي رسالو شايع ڪيو وڃي جنهن ۾ صرف ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ سان وابسطه مواد رکيو وڃي، ڇو جو ٻين موضوعن (جهڙوڪ سياست، ثقاست، سياحت ۽ مذهب وغيره) تي ڪافي سنڌي جريده موجود آهن، پر اهڙي نوعيت (ڪمپيوٽرسائنس) سان لاڳاپيل معلوماتي رسالو تمام گهٽ مارڪيٽ ۾ موجود آهن۔ مونکي يقين آهي، ته ٻين ادارن جي جريدن وانگر هي به پنهنجو مثال قائم ڪندو۔ ڇو جو اِهو سنڌي زبان جو واحد رسالو هوندو جنهن ۾ صرف ٽيڪنالاجيءَ تي ئي موضع لکيل هوندا۔
عبدالوهاب ڀاءُ۔۔۔ يار بهترين صلاح ڏني اٿوَ۔۔