مينهن سان موٽي آيل ماروئڙن جون موجون واگهو مل ڀٽائي جي سٽ رات به مينهڙا وٺا ۾ ڪيڏو نه جلوو آهي ”رات به مينهڙا وٺا، کنوڻن کيل ڪيا، ماروئڙن جي ملڪ مٿي رات به مينهڙا وٺا“ انهن سٽن مان انساني اڌمن کي بجلي بند هئڻ دوران ڪيئي ڪوهن تي رات جي اونداهيءَ ۾ چمڪندڙ کنوڻن جون چلولايون ڏسي راحت ملندي آهي. اهڙيون چلولايون واجهائڻ سان فطري ۽ روحاني خوشي هوندي آهي. مينهوڳي ٿيندي ئي ٿر ۾ فطري سونهن مور، ٻاٻيهو (تاڙو) پپيهو مينهن وسڻ لاءِ پڪارون ڪندا آهن. اڄ درد وندي جو ديس وٺو آهي، پلر جي پالوٽ ماروئڙن جي مکن تي مرڪون موٽايون آهن. هر چهرو خوشي مان ٻهڪي ٿو. بئراجي علائقن مان موٽندڙ ويڙهيچن، پراڻن پڊن، جهوپڙين، لانڍين ۾ وڃي پنهنجا پکڙا اڏڻ شروع ڪيا آهن، انهن جي لاءِ برسات جهڙي هن دنيا ۾ ٻي خوشي آهي ئي ڪانه. ماروئڙن جا ويڙها وري واسجڻ شروع ٿي ويا آهن. وسڪاري جي انيڪ اميدن ماروئڙن کي مدهوش ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي مدهوشي ۾ جڏهن سانوڻ رت ۾ مينهن اوهيڙا ڪري اچن ٿا ته تڏهن هر پاسي ٿري ماروئڙن جي مک تي، جهونگارون، للڪارون، همرچا، دوهن ۽ ٻين انيڪ لوڪ گيتن جون پڪارون هونديون آهن. اهڙي منظرڪشي ۾ ڪنهن اداس ٿاريليءَ پنهنجي وڇڙيل ور لاءِ چيو ته: ”هون ري هالي هيل ڀرڻ ماٿي ٻوليو ري مور سارهڻ آيو، ٻڌرو آيو، ماٿي گاجڙلي ڪري گهم گهيم“ ڪو پاڻيهاري گهڙو کڻي پاڻي لاءِ نڪتي. سانوڻ جي مهيني جي برسات ۾ گجگوڙ ۽ مٿي مور جي ٽهوڪيو. هن جي تات جي تڙپڻ لڳي. اتر کان اوهيڙا ڪري ايندڙ مينهن ۽ کنوڻ هن جي اندر جي اڌمن کي اداس ڪري ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ ته هوءَ انهيءَ ميگها رت ۾ هيڪلي هئي. نه سندس ڪنهن ساهيڙي جو ساٿ هو نه ئي وچن جي وراڪن جهڙو سندس محبوب ساڻ هو. اهڙي مدهوشي ۾ وسندڙ مينهن انيڪ رنگ آڻيندا آهن. جڏهن هن ڀونءَ ڀلائيءَ تي مينهن وسندو آهي ته انيڪ گاهن جون گلزاريون ٿينديون آهن. کستوري، لپ، لوڻي، لام، چيهو، سيڻ، ڊامڻ، ڊپ، ويڪر، وينجهوو، ٻرو، اڳ ٿڻي، سڻي، کيرول، کوري، ويساني، جهرڻيو، آراڙ، کوائي، پپون ۽ ٻيا انيڪ گاهه ڦٽي ٿر جي فطري سونهن کي ساڀيا ڏيندا آهن ۽ ٿر جي ٿڌي واري کي سائي چادر ۽ وليون پڻ ڦٽن جن ۾ گولاڙا، گدريون، ڪارينگال ول، ٽوهه ول، گدريا ول، ڪونڍيرو ول، مهيا ول، گوٽينبڙا ول، متيرا، گدرا، توريا، ڪدو، گنڍير، ڪتيا، ڀڳڙا، پيرول، موگر، لوو، بنا پاڙي، انکروتي، سمس، ڌڌول شامل آهن. اهڙي ئي فطرت ۾ ڦٽندڙ ڀاڄين جا پڻ انيڪ قسم آهن. برسات وسڻ سان ئي کنڀيون نڪرڻ شروع ٿينديون آهن. انهن جا به ڪيئي قسم آهن. هڪ وينجهل واري جي ڀٽن ۽ نرم زمين ۾ نڪرڻ جيڪي سنهيون هونديون آهن. ٻيون ڊٻ ۽ نرم زمين نڪرڻ، ٽيون ڏهرن ۽ سخت زمين ۽ ڪي وري پونڇانڊن ۽ پاساڙن ۾ نڪرن. جن جي اهڙي لذت واري ڀاڄي ٿئي، جنن کي اسان لاڙ پلي سان به ڀيٽي نٿا سگهون. اهڙي فطرت جي سونهن ۽ سڀا ۾ جڏهن ٿاريلا کيتر کيڙڻ وڃن، انهن جون پڻ انيڪ جهونگارون ۽ للڪاريون هونديون آهن. مينهن، مار ۽ ٿر فطرتي ۽ جمالياتي سونهن آهن. هن سونهن جا انيڪ رنگ آهن. انهن رنگن جي عجيب دنيا آهي. ڪيئي ڀٽڪندڙ روح انهن رنگن جي دنيا ۽ موسم لاءِ پنهنجي اندر جو جلوهه جلائيندا آهن. کن پل لاءِ کڙڪي کولي وڄ جي ورلاٽ ۽ ديدار لاءِ اداس هوندا آهن ۽ وري ٿري گيتن کي جهونگاري پنهنجي من کي ماٺ ڪرائيندا آهن. رم جهم بوندا پڙي سرامڻ لوٻيو جائي ايئي ري رتڙي روتو مينهن آيو ري اداسڻ هون روئي روئي مراڻ. اهڙي نموني ٿر جي حسناڪي، مڙهن، مٿارين، ڏهرن، اوڙن، ٽونڪن، جهولن، ريلن، گوچارن، اڪنن، لڪن، لانگهن، پڪڙن، پونڇانڊن، لانجهن، پاڇن، ڏرڙن ۽ ڏنگرن تي سانگيئڙن جي بانسري، چنگ جوري ۽ تڙ تي ماروئڙن جون تنوارون هونديون آهن. اهڙي سر ۽ ردم ۾ چوپايي مال، ٻڪرين، رڍن ۽ ڍڳين جي ڌڻن جي ٽوڪرين ۽ گهنڍين جا آواز حسناڪي کي سُر بخشيندا آهن ۽ چوپائي مال جي چرڻ لاءِ انيڪ گاهن جون گلزاريون هونديون آهن. جن ۾ مريئڙو، ڀرٽ، ڀنگري، جوڳيئڙو، جوٽي، وينل، سائوڙو، ملير مکڻي ۽ بي گاهه هوندا آهن، اهڙي ئي مهڪندڙ ماحول ۾ ٿاريلا وري اياز کي تنوارين ته ڪي وري باغي کي ڳائين، ڪي مهم چاءِ لوليون للڪارين، هڪ ڀٽ جي مٿاري کان پسي مٿاري تائين همرچن جا هوڪرا ۽ وراڻيون پنهنجي فطري سونهن سمجهن. صبح سوير ۽ ميرانجهڙي شام جو مورن جي ٽهوڪن ۽ تاڙن جي تنوارن ۽ ڌنارن جي جهونگارن سان فطرت جي اهڙي ماحول کي وڌيڪ حسناڪي بخشيو ڇڏين. اهڙي پڪارن ۾ سانگيئڙن جا سمورا ڏک ڏولا، سور ۽ سختيون ٿوري وقت لاءِ کانئن ڏور ٿيون وڃن. فطرت جي اهڙي حسناڪي کي ڀٽ ڌڻي پڻ هڪ عجيب ڪيفيت ۾ بيان ڪيو آهي: مينهان ۽ نينهان اکر ٻئي هيڪڙي جي وسڻ جا ويس ڪري ته ڪڪر ڪن ڪينهان، بادل ٿي بيهان، آگم، اچڻ جي ڪري. ڀٽائي پڻ هتي جي مينهن ۽ نينهن کي هڪ ئي واٽ تي ڏٺو. هتي جي ماڻهن جون محبتون، قربتون، قراريون ۽ ڪچهريون پڻ وسڻ جا ويس ڪندڙ ڪڪرن ۽ ڪيهان ڪندڙ ڪڪرن جهڙيون ئي هونديون هن. سچن موتين ۽ سونهن جي سندرتا جي هن ديس ۾ تل، ترائين، توڀن، ندين جو ڪهڙو ذڪر ڪجي، ڪارونجهر جي هنج مان نڪرندڙ ندين جي گهوگهاٽ هماليه ۽ هندو ڪش مان نڪرندڙ گليشرين کان گهٽ نه هونديون آهن. جڏهن ڀوڏيسر، راڻا سر، انچلا سر، ڳئون مکي، ڪجلاسر، رڙياسر، ڀڻاسر، پلر جي پالوٽ سان پلٽجن ٿيون. تڏهن کن پل لاءِ اکيون ڪينجهر جي ڪنارن ۽ سنڌو جي نظارن کي وساري ويهي رهنديون آهن ۽ ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ سنڌ ڌرتي جو اصل روح هن حسناڪ نظارن ۾ رهي رهيو آهي. انهن تل تراين جي ڪپرن تي جڏهن ٿر چايون ڪونجهن جي قارن وانگر سون جي ڏهه ڏهه تولن سان سينگاريل، سنگهاريون، سايون، گولايون ۽ ڳايون سڀ گڏ ٿينديون آهن تڏهن ماحول کي مدهوش ڪري ڇڏينديون آهن ۽ هي درد وندي جو ديس اصل جنت لڳندو آهي. http://www.youtube.com/watch?v=mChNuoa7xgI&feature=related
جواب: مينهن سان موٽي آيل ماروئڙن جون موجون ادا ماروئڙن جي ٿر جي هي وڊيو ڏسو http://www.youtube.com/watch?v=KoGwor5-omg
جواب: مينهن سان موٽي آيل ماروئڙن جون موجون ادا سنڌ يا پاڪستان ۾ جڏهن به الله جي رحمت وسي ٿي ته اسان جي حڪومت ۽ ادارن جي ڪارڪردگيءَ جي ڪري ان رحمت تي ٽٻڪو اچي وڃي ٿو ۽ اها ”زحمت“ بڻجيو وڃي۔۔
جواب: مينهن سان موٽي آيل ماروئڙن جون موجون ادا باران الاهي ڪٿي رحمت ته ڪٿي زحمت به ٿيندو آهي، ٿر ۾ ته هميشه رحمت ئي ٿيندي آهي پر وڏن شهرن ۾ زحمت ٿي پوندي آهي ۔۔۔ مينهن جي ضرورت اتي آهي جت پاڻي جي ضرورت آهي پر وڏن شهرن ۾ مينهن جي پاڻي جو ڪو ڪارج ناهي هوندو ۽ نه نڪاسي ايتري موثر هوندي آهي انڪري زحمت ٿيو پوي ۔۔۔ پو به رنگي جا رنگ آهن ڪٿي ڪهڙا ته ڪٿي ڪهڙا ۔۔۔ ساڳيو مينهن ڪٿي آ غم ته ڪٿي آ خوشي ۔۔۔