پاڪستان جي باري ۾ لڪيل سچ۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏31 جولائي 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سنڌ سلامت واسيو، الله رب العزت جي مهربانين سان اسان جو پيارو ملڪ پاڪستان، معدني ذخائرن سان مالا مال پيو آهي، پر انهن کي ڪيئن ڪڍجي، ڪٿي استعمال ڪجي، انهي جي لاءِ اسان جي حڪومت جي ليڊرن وٽ ٽائيم ئي ناهي۔ رڳو انهن کي پنهنجا ٻاهرين ملڪن ۾ بينڪ اڪائونٽ ڀرڻ جي لڳي پئي اٿن۔
    پاڪستان هن وقت دنيا ۾ معدني ذخيرن تي هيٺين پوزيشن تي آهي۔

    دنيا جي ٻئي نمبر تي وڏي ۾ وڏي لوڻ جي کاڻ جنهن مان هر سال 4,66,000 ٽن لوڻ ڪڍيو ويندو آهي، پوءِ بي انهي جي مقدار ۾ اڄ تائين ڪائي گهٽتائي نه آئي آهي،
    http://www.youtube.com/watch?v=xozeJXDFbJo

    http://www.youtube.com/watch?v=sylaDr-F6UU
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پاڪستان جي باري ۾ لڪيل سچ۔

    ادا عبدالوهاب۔۔۔۔ يار ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪريو۔۔ سور کُٽڻ جا ناهن، ڪينجهر ڍنڍ، ٿر جو ڪوئلو، گيس جا ذخيرا، سمنڊ سان لڳل ڊگها ڪنارا، الائي جي ڪيتريون اهڙيون نعمتون پاڪستان کي مليل آهن جيڪي ٻين ملڪن جي نصيب ۾ نه آهن، پر وري هتي ليڊرشپ اهڙي آهي جو اصل سون به مٽي برابر ٿيو پوي۔۔
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: پاڪستان جي باري ۾ لڪيل سچ۔

    2۔ دنيا جي ڇهين نمبر تي وڏي ۾ وڏي سون ۽ تانبي جي کاڻ جيڪا بلوچستان صوبي (ريڪوڊيڪ) ۾ واقع آهي، جنهن ۾ هن وقت 9۔20 ملين اونس سون (تقريبن 592505.03331 ڪلوگرام ۽ 3۔12 ملين ٽن تانبي جا ذخائر موجود‌ آهن، جنهن جي ماليت 15 ارب ڊالر‌آهي، ۽ اهي ذخائر صرف هڪ ارب ڊالر خرچ ڪرڻ تي حاصل ڪري سگهجن ٿا، وڏي ۾ وڏي ڳالهه اِها آهي ته انهي کي اسان جي ڪرپٽ ( ٿورن لفظن ۾ ڪرائي جا دلال) حڪمرانن يهودين کي وڪڻي ڇڏيو آهي۔ انهي ذخائرن جي هوندي به اسان جي ملڪ جا ليڊر (اهڙن ماڻهن کي ليڊر چوڻ ليڊرن جي توهين ٿيندي) پنڻ لاءِ ٻاهر ويندا آهن، ته اسان وٽ ڪجهه به نه آهي،

    http://www.youtube.com/watch?v=7qfqplcr1ZI
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: پاڪستان جي باري ۾ لڪيل سچ۔

    3۔ دنيا جي پنجين نمبر تي وڏي ۾ وڏي ڪوئلي جا ذخائر سنڌ صوبي جي سون جهڙي ريگستان ٿر ۾ آهي، ٻين جاين تي ڪوئلي جون کاڻيون ٿينديون آهن پر هي دنيا جي واحد جڳهه آهي جتي ڪوئلو تهن جي شڪل ۾ آهي (هڪ ٻئي جي مٿان بند وانگر) آهي جيڪو 850 ٽرلين ڪيوبڪ فٽ تي مشتمل آهي، جنهن جي مالين 250 ٽرلين آمريڪي ڊالر‌آهي، ۽‌‌ٻيو ته اسان جي ملڪ ۾ ايندڙ سئو سالن تائين بجلي جو بحران کي قابو ۾ ڪري بجلي مفت فراهم ڪري سگهجي ٿي۔ پر حڪومت خاموش انهن جو ڪهڙو گهران ٿو وڃي جو اُهي انهي جي لاءِ ڪجهه قدم کڻن، انهن کي ته رڳو غريبن جو خون ئي چوسڻ ايندو آهي۔

    http://www.youtube.com/watch?v=WzoEknCrCGE

    http://www.youtube.com/watch?v=zjRb007x6Mk
    وڌيڪ تفصيل جي لاءِ جيو وارن جي هي رپورٽ ڏسو۔
    http://www.youtube.com/watch?v=OXYtUzQcG5I

    http://www.youtube.com/watch?v=Laai8pM1Rkw

    http://www.youtube.com/watch?v=ct6GwZRIvi4

    http://www.youtube.com/watch?v=D4WZJIUzMZQ

    http://www.youtube.com/watch?v=kS8QqPGbibE
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پاڪستان جي باري ۾ لڪيل سچ۔

    دوستو! ڀلا آءُ پاڳل يا ڪو چريو آهيان جو هميشه پاڪستان جي خلاف ڳالهائيندو آهيان، يا وري محترم جي ايم سائين ڪو اڻپڙهيل ۽ بي خبرو انسان هو جنهن پاڪستان کي سڃاڻي اهو چيو ته هن مئل ڍور مان ڪو فائدو ناهي، ان کان جان ڇڏائڻي پوندي ۔۔۔

    اسين پاڻکي پاڪستاني سمجهڻ وارا، بيوقوفن جي جنت جا رهواسي آهيون ۔۔۔ اچو ته اصليت ڏانهن موٽ کائي پنهنجي سنڌ کي ڌاڙيلن ۽ چورن کان بچائي وٺون ۔۔۔

    الله اسانکي سمجهه ۽ سگهه عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
  6. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: پاڪستان جي باري ۾ لڪيل سچ۔

    سائين، پاڪستاني فقير ناراض ٿي ويندا۔ هن فورم تي اڪثريت مُحبِ وطن پاڪستاني سڏرائڻ تي فخر ڪرڻ وارن جي آهي۔ ڪجهه ئي ڏينهن ۾هن فورم تي پاڪستان جي آزادي جون مبارڪون ئي مبارڪون هونديون۔۔ شال توهان جي هن جملي جوڪو مثبت اثر ٿئي۔۔ ڏسون ٿا۔۔
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پاڪستان جي باري ۾ لڪيل سچ۔

    مٺا ٻروچ لک ٿورا جو اوهان لب ڪشائي ڪئي، دوست ڀل پنهنجي پنهنجي ڪن پر اسين به حق سچ جي ڳالهه کي چوندا رهنداسون ۔۔۔ ان وقت تائين جيستائين دم ۾ دم آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ دفعو سچ سمجهه ۾ اچي وڃي ته انکي ڪوڙ چوڻ انڌي ماڻهونءَ جو ڪم آهي ۔۔۔

    هڪ دفعي محترم جي ايم سائينءَ کي ڪنهن اچي چيو ته سائين اوهان ڪهڙي سنڌ جي ڳالهه ٿا ڪريو؟ ۔۔۔ ۽ هُنَ شخص سنڌي ماڻهن جون هزارين خاميون ڳڻايون ۔۔۔ محترم جيئيم سائين ان ماڻهونءَ کي ڏسندو رهيو ۽ مسڪرائيندو رهيو، جڏهن ان ماڻهونءَ پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي ته جيئيم سائينءَ وڏو ساه ڀري هي بيت چيو؛

    جيهـــــــا ڪـــــــي تيهــــا مـــــون مـــــارون مڃيـــــــا،
    مــــــون جيڏيــــــون ملـــير ۾ چــــــونڊن موڪ مهـا،
    منهنجي آهه اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي۔
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: پاڪستان جي باري ۾ لڪيل سچ۔

    4۔ دنيا جو ٽين نمبر تي وڏي ۾ وڏو ڊيم تربيلا ڊيم، جيڪو پاڪستان جي زراعت ۽ بجلي جو مکيه ڪردار آهي۔ جيڪو هريپور (خيبر پختونخواه) ۾‌واقع 1976 ۾ ٺهي راس ٿيو، هن جي اوچائي 469 فٽ ۽ ويڪر 8997 فٽ آهي ۽‌ ان جو مقدار 138,600,000 ڪيوبڪ يارڊ آهي، ۽ وقت پاڪستان ۾ ننڍا وڏا ڪل 13 ڊيم آهن۔ دنيا جي ترقي يافته ملڪن پنهنجي زراعت کي بچائڻ جي لاءِ روز بروز نوان ڊيم ٺاهي رهيو آهن، ۽ اسان جي سياستدان ۽ ملڪ جي عوام صرف ڪالاباغ کي اشو بڻايون ڪري ٻين ڊيمن ٺاهڻ کان قسم کڻي ڇڏيو آهي، ڇو آخر ڇو،
    صوبي سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي مقام آهن جن تي ڊيم ٺاهي سگهجن ٿا، جن مان منڇر هڪ آهي، صوبي بلوچستان ۾ هزارين نيون وهن ٿيون ۽ هر سال انهن جو پاڻي زيان ٿيو وڃي، ڇا اُهو پاڻي ڊيم ٺاهڻ جهڙو نه آهي؟ ڇا اُنهي پاڻي ۾ بجلي نه ٿي ٺهي سگهي؟
    http://www.youtube.com/watch?v=yScp13FqrUs

    http://www.youtube.com/watch?v=7_dYVsT3Xf8

    http://www.youtube.com/watch?v=pcOrciTLoB0

    پاڪستان ۾ موجود ڊيمن جي هڪ جهلڪ
    http://www.youtube.com/watch?v=hrU5gRmTiMM
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: پاڪستان جي باري ۾ لڪيل سچ۔

    سائين منهنجا سنڌ سڳوري ۾ جو الله ئي آهي، باقي اڄڪلهه جي ڪامورن جا حال پورا سارا آهن،
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: پاڪستان جي باري ۾ لڪيل سچ۔

    ادا اهڙي بهترين معلومات فراهم ڪرڻ تي توهان جي مهرباني ان معلومات کي ڏسي ڇا قوم ۾ ڪا سجاڳي ايندي ؟ سجاڳي اچي ته بهتر ورنه اهائي ڪاري رات رهندي۔
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: پاڪستان جي باري ۾ لڪيل سچ۔

    سائين اسان جو ڪم آهي ته دوستن کي سجاڳي ڏيڻ، وڌيڪ سائين چواڻي،" واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو"
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو