جواب: تعارف سنڌ سلامت جي سڀني ميمبرن طرفان ۔۔۔ وعليڪم السلام ۽ ڀليڪار، ادا ڪلمتي صاحب ڀلي ڪري آيا ۔۔۔ جي آيا ۔۔۔ سنڌ جي هن اوطاق تي اوهان جي اچڻ سان ڄڻ ته ڏيئا ٻري پيا هجن، پر دوست اوهين پنهنجي تعرف ۾ صرف سلام ڪيو آهي تعرف ته نه ڪرايو آهي ۔۔۔ هوند تعرف ٿي وڃي ته دوستن کي دوستي رکڻ ۾ آساني ٿئي ۽ حالي احوالي ٿيڻ پڻ سولو ٿي پوندو ۔۔۔ ادا سائين اسان هن اوطاق تي سنڌ ۽ سنڌي مسئلن ۽ ٻولي جي خدمت ۾ پاڻ پتوڙي رهيا اهيون، اميد ته اوهان به اسان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلندا ته سفر سڻائو ٿيندو ۔۔۔ دعائن ۾ گڏ