Uploaded with ImageShack.us مان سنڌي گانو ڏسندي هي تصوير ملي اوهان ڏسو ۽ فيصلو ڪيو ته ڇا هي سنڌي لباس آهي۔۔۔۔؟
جواب: ڇا هي سنڌ جو لباس آ۔۔۔؟ بس ادا، اڄڪلهه جي فيشن سنڌ جي لباس ۽ تهذيب سڀ ڪجهه کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي۔
جواب: ڇا هي سنڌ جو لباس آ۔۔۔؟ ادا توهان رڳو ان جي ٿا ڳالهه ڪيو؟؟؟ ڳالهه وڃي الائي جي ڪاٿي پهتي آهي۔۔
جواب: ڇا هي سنڌ جو لباس آ۔۔۔؟ ادا هي صرف سنڌ جو حال نه آهي پوري دنيا ان طرف پئي وڃي الله رحم ڪري ڪنهن هڪ قوم کي تنقيد جو نشانو اهڙن معاملن ۾ نه بڻائبو آهي
جواب: ڇا هي سنڌ جو لباس آ۔۔۔؟ سنڌي الائي ڪهڙا ڪهڙا ويس وڳا ٿا پائين ادا اوهان ڪهڙي ملڪ ۾ ٿا رهو۔؟ ڇا اوهان جبلن ۾ غم آهيو۔۔۔؟
جواب: ڇا هي سنڌ جو لباس آ۔۔۔؟ هڪ ئي قوم ۾ مختلف وقتن تي ۽ مختلف ضرورتن مطابق ڪيترائي ويس وڳا اوڙهيا ويندا آهن، هي ڪنهن ثقافتي عام عورت جو ڦوٽو ناهي پر اڄڪلهه جي ڪنهن اسٽيج تي ڪم ڪندڙ عورت جو ڦوٽو آهي ۔۔۔ جنهنکي اسين سنڌ جي ثقافت چئي نٿا سگهون ۔۔۔ ها ثقافت عام ماڻهن جي رهڻي ڪرڻي مان ڏسبي ۽ پرکبي آهي ۔۔۔ انڪري ضروري ناهي ته هر فنڪار ثقافتي وڳا پائيندو هجي ۔۔۔ اڄڪلهه جي دور ۾ يورپي قومن ۽ برصغير جي ٻين قومن سان ميڊيا ذريعي رابطو ٿيڻ سبب ڪئي سٺيون ۽ خراب ڳالهيون پنهنجون ڪيون پيون وڃن، اسانکي هوشيار ۽ خبردار رهڻو پوندو ته جيئن حياء ۽ شرم واري ثقافت وڃائي نه ويهون ۔۔۔ سٺيون شيون حاصل ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي ۽ برين شين کان پاسو ڪري وڃڻ پڻ جهاد آهي ۔۔۔ اسانکي تمام گهڻو محتاط ٿيڻو پوندو ۔۔۔ مثال اسين پيار ئي پيار ۾ پنهنجي گهر جي ڪنهن نياڻي کي سلوار قميص جي جا تي ٽرائوزر ۽ مختصر ٽي شرٽ پائڻ جي اجازت ڏئي ويهندا آهيون ۔۔۔ جنهن سان اڳتي هلي خرابي ٿيندي، انڪري اسانکي پنهنجن گهرن ۾ اهڙين ڳالهين تي توجهه ڏيڻو پوندو ۔۔۔ سنڌ جي ثقافت حياء شرم واري ثقافت آهي ۔۔۔ جنهن ۾ عورت کي جسم اگهاڙو ڪرڻ يا انجي نمائش ڪرڻ عيب آهي ۔۔۔ اها ساڳي ثقافت اسلام جي به آهي ته جيتري قدر مونکي ڄاڻ آهي ته هندو مت جي به آهي ۔۔۔ هندومت ۾ پڻ اگهاڙپ جي ممانعت آهي ۔۔۔ پردي جو حڪم آهي ۔۔۔