• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موزون مواد جو ميزان

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ سلطان
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

سلطان

سينيئر رڪن

فورم تي مختلف پوسٽن تي، اهو لکيو ويو ته، هي مواد صحيح نه آهي يا متفرقه آهي، آئنده خيال رکيو وڃي۔ ان تي ڪجهه دوستن لکيو ته توهان کي علم ئي ڪونهي، اسان ته سڀ صحيح پيا لکون ۽ ڪجهه سمجهدار دوستن پنهنجي غلطي تسليم ڪندي معذرت ڪئي ۽ احساس ندامت جو اظهار ڪيو۔

مٿئين مسئلي تي، منتظمين کان منهنجو سوال هي آهي ته، فورم تي Moderator جون ذميواريون ڇا آهن۔ فورم کي کوليندي اسان کي کوڙ سارا جونيئر سنيئر ايڊيٽر، منتظم، موڊريٽر وغيره جهڙا ٽائيٽل نظر اچن ٿا۔ ڪنهن به پوسٽ ۾ غلطي جي صورت ۾ ان کي صحيح يا ختم ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ ۽ ان سان گڏ، ان ترميم جو سبب لکيو وڃي، جيئن آئنده دوست پوسٽ موڪلڻ وقت احتياط ڪن۔ بجاءِ ان جي ته ان پوسٽ تي ڪمينٽس لکجن ۽ بعد ۾ موڪليندڙ ندامت محسوس ڪندي معذرت ڪري۔

منهنجي خيال ۾ منتظمين کي پنهنجي ذميواري وڌائڻ گهرجي ۽ مواد موزون نه هجڻ جي صورت ۾ صحيح ڪيو وڃي۔ ڇو ته مواد لاءِ فورم جا قانون ۽ قاعدا ڪافي ناهن هوندا۔

ساٿ سلامت
 
ان جو سبب يا ته فورم جي قانونن جو واضح نه هجڻ آهي يا وري ايڊيٽر حضرات جي ذميداري گهڻي هجڻ آهي، ادا سلطان هڪ سٺي نقطي طرف اشارو ڪيو آهي
 

فورم تي مختلف پوسٽن تي، اهو لکيو ويو ته، هي مواد صحيح نه آهي يا متفرقه آهي، آئنده خيال رکيو وڃي۔ ان تي ڪجهه دوستن لکيو ته توهان کي علم ئي ڪونهي، اسان ته سڀ صحيح پيا لکون ۽ ڪجهه سمجهدار دوستن پنهنجي غلطي تسليم ڪندي معذرت ڪئي ۽ احساس ندامت جو اظهار ڪيو۔

بلڪل ادا انهن سمجهدارن جو اهو وڏو پن آهي جو هو پنهنجي غلطين کي تسليم ڪري رهيا آهن باقين کي اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي۔۔۔۔۔
مٿئين مسئلي تي، منتظمين کان منهنجو سوال هي آهي ته، فورم تي Moderator جون ذميواريون ڇا آهن۔ فورم کي کوليندي اسان کي کوڙ سارا جونيئر سنيئر ايڊيٽر، منتظم، موڊريٽر وغيره جهڙا ٽائيٽل نظر اچن ٿا۔۔۔۔۔
ادا سلطان فورم تي نئون ايندڙ رڪن ڊيفالٽ طور جونيئر ميمبر طور لاگ ان ٿيندو آهي فورم کي 30 تحريرون ڏيڻ کان پوءِ هو ميمبر ۽ 100 تحريرن کان پوءِ سينيئر ميمبر طور لاگ ان ٿيندو آهي۔۔۔۔۔ اهڙن سڀني رڪنن کي صرف رجسٽرڊ رڪنن جا اختيار حاصل هوندا آهن۔۔۔۔
پر موڊيريٽر (جنهن جي لفظن کي تبديل ڪري ايڊيٽر رکيو ويو آهي)، سينيئر ايڊيٽر، نائب منتظم ۽ منتظمِ اعلٰي انتظاميه جو حصو آهن جن کي فورم تي گهٽ يا وڌ اختيار حاصل آهن ۔۔۔۔
فورم دراصل هڪ ٽيم ورڪ سان هلندو آهي ۽ جيئن ته هر وقت هر رڪن نيٽ تي موجود نه هوندو آهي ان ڪري فورم لاءِ ميرٽ ڏسي ميمبرن جي هڪ اهڙي ٽيم جوڙي ويندي آهي جيڪي پنهنجي پنهنجي وقت تي فورم تي اچي نه صرف بحث مباحثي ۾ حصو وٺن پر فورم تي ايندڙ غير معياري تحريرن کي ختم يا ترميم ڪن۔۔۔
ڪنهن به پوسٽ ۾ غلطي جي صورت ۾ ان کي صحيح يا ختم ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ ۽ ان سان گڏ، ان ترميم جو سبب لکيو وڃي، جيئن آئنده دوست پوسٽ موڪلڻ وقت احتياط ڪن۔ بجاءِ ان جي ته ان پوسٽ تي ڪمينٽس لکجن ۽ بعد ۾ موڪليندڙ ندامت محسوس ڪندي معذرت ڪري۔

منهنجي خيال ۾ منتظمين کي پنهنجي ذميواري وڌائڻ گهرجي ۽ مواد موزون نه هجڻ جي صورت ۾ صحيح ڪيو وڃي۔ ڇو ته مواد لاءِ فورم جا قانون ۽ قاعدا ڪافي ناهن هوندا۔

ساٿ سلامت
ادا سلطان فورم تي موجود انتظاميه جا ميمبر پنهنجي فرضن کان بخوبي آگاهه آهن پر اهي ميمبرن جي تحريرن ۾ ڪوشش ڪري صرف پروفن جون غلطيون هٽائيندا آهن۔۔۔ اظهار جي آزادي جي ڳالهه ذهن ۾ رکندي انهن کي پنهنجي موقف جو پورو موقعو ڏيندا آهن۔۔۔۔
ان جي باوجود به ته فورم تي ڪجهه ناپسنديده تحريرون پڻ آيون ۽ ڪجهه اهڙيون به جن تي ڄاڻ نه هجڻ ڪري بحث ڪرڻ دوران انسان ڏوهي ٿيو پوي پر انهن تحريرن کي ختم ڪرڻ جي بجاءِ صرف بند ڪيو ويو تڏهن به ايندڙ رڪنن ان ڳالهه کي پاڻ تي وار سمجهي ٻيهر فورم تي اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو۔۔۔۔۔
ان جو سبب يا ته فورم جي قانونن جو واضح نه هجڻ آهي يا وري ايڊيٽر حضرات جي ذميداري گهڻي هجڻ آهي، ادا سلطان هڪ سٺي نقطي طرف اشارو ڪيو آهي
ادا وحيد فورم کي لانچ ٿيندي مهينو ۽ ڪجهه ڏينهن گذريا آهن۔۔۔۔ فورم جا قانون ان ڪري جلدي لاڳو نه ڪيا ويا آهن ته سموري ساٿ جي رخ کي ڏٺو پيو وڃي ته فورم تي ڪهڙي ڳالهه کي زياده پسند ڪيو پيو وڃي ته جيئين اهڙن موضوعن ۾ ڪجهه رعايت ڏئي سگهجي ۔۔۔۔۔ جيڪڏهن فورم جي اصولن کي آندو ويو ۽ انهن تي عمل ڪيو ويو ته ڪاٿي فورم تي ايندڙ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ساٿي به گهٽجي نه وڃن۔۔۔ منهنجي خيال موجب فورم تي مواد اڃان ايترو تيزي سان نه پيو اچي جو انتظاميه کي ڪم جي گهڻي هجڻ جو احساس ٿئي۔۔۔۔
دوستو ان ڳالهه جي باوجود ته اڃان فورم تي اهڙيون سخت قسم جون غلطيون نه آهن ٿيون پر جلد ئي فورم جي قانونن کي آڻي عارضي طور لڳائي چيڪ ڪيو ويندو ۽ بعد ۾ ان کي ترميم ڪري جامع قانون ٺاهي لڳايا ويندا۔۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
ادا سلطان، توهان جي وڏي مهرباني جو توهان اسان کي اهڙي پوائنٽ کان آگاهه ڪيو، مٺا پر مونکي اميد آهي ته توهان ادي رشيد جو جواب کان متفق ٿي ويا هوندا، پر مٺا انتظاميه پنهنجي طرفان پوري پوري ڪوشش ڪري رهي آهي ته مواد کي درست ۽ بهتر کان بهتر بڻايو وڃي،
 
ادا اوهان جي مفيد مشورن جي تمام گهڻي مهرباني ادا حقيقت هي آهي ته هي پبلڪ فورم آهي هتي هر قسم جي ذهنيت رکندڙ دوست ۽ اسان جا ڀائر اچن ٿا ڪنهن کي ڪهڙو مواد گهرجي ته ڪنهن جي ڪهڙي پسند آهي ان ڪري شايد جيڪو مواد هڪ رڪن جي نظر ۾ بيڪار آهي سو ٻئي جي نظر ۾ ٿي سگهي ٿو صحيح هجي ۽ ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن اهڙي پوسٽ نظر اچي جنهن ۾ ڪو عيب هجي ته ان پوسٽ جي سائيڊ ۾ لڳل بٽن تي ڪلڪ ڪري ان پوسٽ جي رپورٽ ضرور ڪريو ته جيئن انتظاميه ان متعلق فيصلو ڪري سگهي
باقي اڳتي هلي ٿي سگهي ٿو ته انتظاميه ٽيم اضافو ڪري تاڪه ان سڌاري جي عمل کي مضبوط ڪري سگهجي
ادا اوهان جي تما م گهڻي مهرباني اسان کي اوهان جي قيمتي مشورن جو انتظار رهندو
 
Back
Top