جواب: جسم ۾ لچڪ رکندڙ ماڻهو ۔ نه ادا ! ايتري لچڪ هجي ها ته پو هجون ها چائنا جي ڪنهن سرڪس ۾ ۔۔۔ مطلب ته ماڻهون به ڪمال جا آهن ۔۔۔ اهڙا اهڙا ڪم ڪنٿا جو ماڻهون جو وات پٽجيو وڃي مومن چاوڙي جيئان۔ خئير واه واه ۔۔۔
جواب: جسم ۾ لچڪ رکندڙ ماڻهو ۔ هل ته ڀيڻا جا ٻچا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هي ماڻهون آهي يا اسپرينگ۔۔ يَرَ سفا ڪمال ڪيو اٿس۔۔ تمام بهترين۔۔۔ قابلِ داد۔ تمام پياري ونڊ آهي۔
جواب: جسم ۾ لچڪ رکندڙ ماڻهو ۔ ادا ظاهر ۾ ته اهو نا ممڪن ٿو لڳي ليڪن ڪوشش سان سڀ ڪجهه ممڪن ٿيو پوي هي آهي محنت جو ڦل۔ چوندا آهن ته ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي آهي۔ لڳاتار پرڪٽس سان ائين به ڪري سگهجي ٿو۔ ليڪن ان ۾ تربيت جي به ضرورت آهي فقير سائين بغير استاد جي ائين پرڪٽس شروع نه ڪجو ورنه پوء ۔۔۔۔۔
جواب: جسم ۾ لچڪ رکندڙ ماڻهو ۔ ادا تمام سٺي ونڊ آهي، ڀاء اسان ۾ ته ايتري لچڪ ڪانهي، بلا توهان ٻڌايو ته توهان اسلام آباد مان چائنا ڪڏهن ٿا وڃو جو اهڙين وڊيوز ڏانهن ڌيان گهڻو پيا ڏيو
جواب: جسم ۾ لچڪ رکندڙ ماڻهو ۔ دراصل ڳالهه اها آهي جو هي ڪا وڏي هوندي جي پريڪٽس نه آهي۔۔ چائنا ۾ يا ٻين اهڙن ملڪن ۾ جتي مارشل آرٽ ۽ڪنگ فو سيکاريو وڃي ٿو اتي هڪڙي ڳالهه لازمي هوندي آهي۔۔۔ ته جيڪو به ٻار پيدا ٿيندو آهي ان کي ننڍي هوندي کان ئي ان شيءَجي پريڪٽس ڪرائي وڃي ٿي ۔ يعني اسان جون هڏيون هڪ ٻئي سان جن جوڙن جي ذريعي ڳنڍيل هونديون آهن، انهن جوڙن کي بلڪل اهڙي طرح لڳاتار پريڪٽس جي ذريعي لچڪدار بڻايو ويندو آهي جو اهي سختيءَ ۾ ته فولاد کان به وڌيڪ هوندا آهن پر جڏهن لچڪ ڏيکاري وڃي ته اهي فوم کان به وڌيڪ لچڪدار هوندا آهن۔۔ مطلب ته وڏي عمر ۾ ان جي پريڪٽس ڪرڻ جو ڪو فائدو نه آهي۔۔ توهان 50 سيڪڙو تائين نتيجا حاصل ڪري سگهندو پر جيڪڏهن توهان ننڍي هوندي کان ئي ان شي جي پريڪٽس ورتل هوندا ته 100 سيڪڙو تائين نتيجا حاصل ڪري سگهو ٿا مٿئين همراهه وانگر۔۔
جواب: جسم ۾ لچڪ رکندڙ ماڻهو ۔ ادا جيڪڏهن توهان دوستن جو دُعائون، سڄڻن جو ساٿ، ماروئڙن جو محبتون، پرين جو پيار، ائين ئي رهيو ته جلد ئي چائنه ويندا سين،