سنڌ سلامت جي فورم سٿ کي مون ناڇيز هوش محمد جو سلام، شال قبول پوي۔ ادا اڄ جيڪا مان اوهان لاءَ معلومات آڻي رهيو آهيان ، اها اسان جي پياري ڌرتي سنڌ جي سرموڻ شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي بابت آهي۔ اسان جي حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي کي قومي شاعر چئون ته شايد ڪو وڌاءُ نه ثيندو۔ هن شخصيت سنڌي ٻولي کي هٿي ڏيارڻ لاءَ جيڪي محنت ڪئي سا به ڪنهن کان لڪيل نه آهي۔ شال سندس جي دعا جي ڪري اسان جي پياري ڌرتي آباد ۽ خوشحال رهي۔ آمين ثم آمين۔ لطيف سرڪار جي سوانح عمري کي ڪافي ماڻهن پنهنجي وت آهر قلمبند ڪيو آهي جنهن ۾ سنڌ جي مشهور ادبي هستي شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ پڻ شامل آهي۔ مرزا قليچ بيگ تمام اعلي نموني سان حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي حياتي کي ڪتابي شڪل ۾ وڌو آهي۔ جيڪڏهن ڪو فورم جو ساٿي هن ڪتاب کي پڙهڻ گهري ٿو ته هن لاءَ هي لنڪ حاضرِ خدمت آهي۔ http://www.maktabah.org/index.php/b...42-life-sketch-of-shah-lateef-sindhi----.html ڪتاب پڙهي پنهنجي راءِ ضرور ڏجو۔ سنڌ سلامت ، ساٿ سلامت۔ سدائين گڏ۔ ><
جواب: شاه عبداللطيف ڀٽائي جي سوانح حيات ادا هوش محمد ۔۔۔ اوهانتي به سلامتي هجي ۔۔۔ اوهانجا لک ٿورا جو اهڙو ناياب ڪتاب اسان سان ونڊ ڪيو اٿوَ، ضرور پڙهبو ۽ پڙهي رايا وغيره به ڏبا ۔۔۔ باقي جنهنجو ليکڪ ئي شمس العلماء هجي ته ان تي اسان جهڙا سيکڙاٽ ڪهڙي ڇنڊڇاڻ ڪري سگهندا۔۔۔ اوهان جو نالو ته ڪيترن ڏينهن کان فورم تي نظر اچي ٿو پر اوهانجون تحريون ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون آهن ۔۔۔ پر پو به اوهانجي اصلوب ۽ اخلاق مان لڳي ٿو ته اسانجو دوست هوش محمد تمام سلڇڻو ۽ ڪچهرين جو ڪوڏيو آهي ۔۔۔ ادا سائين جيئن ته آ اوهان سان پهريون دفعو مخاطب آهيان انڪري اڱڻ تي ڀليڪار ضرور چوندس ۔۔۔ اوهان هن اوطاق جي دوستن کان ته واقف ٿي ويا هوندا ته سڀ جا سڀ دوست سنڌ سڄڻ آهن ۽ سنڌ جي خدمت جي جذبي سان سرشار آهن ۔۔۔اميد ته اوهانجو ساٿ به اسانجي همٿ افزائي ۽ منزل طرف وڌندڙ وکن کي وڌاري ڪرڻ ۾ هميشه گڏ هوندو ۔۔۔ اچو ته گڏجي سڏجي سنڌ جو مان اوچو ڪريون ۽ پاڻ ملهايون ۔۔۔ دعائن ۾ گڏ
جواب: شاه عبداللطيف ڀٽائي جي سوانح حيات السلام و عليڪم! فورم جي ساٿين کي هوش محمد پنهور جو سلام۔ ادا مهرباني توهان سڀني جي، جو توهان منهنجي هن شراڪت جي تعريف ڪئي آهي۔ ساٿيو اميد ته ايئن ئي منهنجي حوصلا افضائي ڪندا رهندئو۔ انشاالله۔ باقي فورم جي سپر ايڊيٽر جناب نثار ابڙو جي مهرباني جن منهنجي باري ۾ پنهنجي راءِ سان گڏوگڏ اهيا شڪايت به ڪئي آهي ته منهنجي لکڻيون گهٽ آهن۔ ايڊيٽر نثار ابڙا سائين، آئون اڳتي پنهنجي پوري ڪوشش ڪندس ته پنهنجي هيڻي حال آهر فورم جي ٻين ساٿين لاءِ سٺي کان سٺو مواد شامل ڪيان۔ دعائن ۾ ياد سدائين گڏ۔