السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته ڪلڪ سافٽويئر ايراني ڪمپني ”سينا“ جو تيار ڪيل آهي، جنهن ۾ اسلامي دنيا جي مشهور ڪاتبن جي خطاطي کي گڏ ڪيو ويو آهي. 2010 ۾ پهرين سڀني خطن کي گڏ ڪيو ويو آهي. ڪلڪ 2000 ۾ نسخ، نستعليق، ثلث ۽ طاهري خط شامل هيا. بعد ۾ جڏهن ڪلڪ 2002، 2003، 2004، 2005 ۽ 2007 رليز ٿيا ته ڪجهه خطن ۽ لگيچرز جو به اضافو ڪيو ويو. ڪلڪ 2007 ۾ بغدادي ۽ ديواني خطن جو اضافو ڪيو ويو. ڪلڪ 2010 ۾ وري لاهوري ۽ ڪوفي خط جو اضافو ڪيو ويو آهي. ڪلڪ 2000 اڳ ۾ شيئر ڪري چڪو آهيان. اڄ الحمدلله ڪلڪ 2010 شيئر ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. ڪلڪ 2000 جا نمونا ڪلڪ 2002 جا ڪجهه نمونا ڪلڪ 2003 جا نمونا
جواب: ڪلڪ 2010 خط بغدادي جا ڪجهه نمونا (ڪلڪ 2007) خط ديواني جا ڪجهه نمونا (ڪلڪ 2007) ۽ آخر ۾ ڪلڪ 2010 خط لاهوري جا سيمپل ”مولا“ نالي هڪڙي نئين خط جو پڻ اضافو ڪيو ويو آهي
جواب: ڪلڪ 2010 ڪلڪ 2010 کي چئن حصن ۾ اپ لوڊ ڪيو ويو آهي، پهريون ۽ ٻيون حصو 40-40 ايم بي تي مشتمل آهي، ٽيون حصو 10 ايم بي تي ۽ آخري فائل انهيءَ جو پيچ آهي. هتان ڊائونلوڊ ڪريو ڪلڪ 2010 جي ويڊيو ٽريننگ هتان ڊائونلوڊ ڪريو ا
جواب: ڪلڪ 2010 ادا ابو زين، مان پنهنجي زندگي ۾ هن سافٽويئر کي پهريون دفعو استعمال ڪري ڏسندس، ۽ اهو سڄو ڪريڊٽ توهان ڏانهن ئي وڃي ٿو، دُعا ڪجو ته اسان اٻوجهن کي هلائڻ اچي، نه ته پوءِ اسان جي خبر اٿئو نه۔
جواب: ڪلڪ 2010 سائين ابو زين پيارا اوهان جي وڏي مهرباني جو اهڙو هزارين روپين تي به نه ملڻ وارو سافٽوئير فري ۾ توهان دوستن سان شيئر ڪيو آهي واقعي اوهان جس لهڻو نه فقط جس پر جيڪو يوز ڪندو يقينا ان جي دل خوش ٿيندي ۽ نتيجي ۾ دعائون اوهان جي دفتر ۾ جمع ٿينديون الله تعالى اوهان جي جواني کي صحت سلامتي سان پنهنجي امان ۾ رکي اوهان جي ذهن کي اڃا وڌيڪ قوت بخشي جو پنهنجي قوم جي خدمت ڪندا رهو۔