نثارابڙو
نائب منتظم
سنڌ سلامت جا دوستو!
حق موجود ۽ جيئي سنڌ
جيئن ته هي ويب سائيٽ اڃان ٻاراڻي عمر ۾ آهي پر تنهن هوندي به مواد سان آهستي آهستي ڀرجندي پئي وڃي ۽ دوستن جي محنت سان بهتريءَ طرف قدم کڻي رهي آهي ... جنهن لاءِ دوستن خيرون لهڻيون ...
ذهن ۾ ڪجه خيال آهن جي دوستن سان ونڊ ڪرڻ مناسب سمجهانٿو ...
1. دراصل سائيٽ جو مقصد ڪي ڪچهريون ڪرڻ ته هوندو ناهي انڪري انکي سٺي ۽ معياري مواد سان ڀريو وڃي ...
2. شاباشون ڏيڻ پنهنجي جاءِ تي سٺي ڳالهه آهي پر ڪنهن مواد تي سٺي تنقيد ڪرڻ ان کان به بهتر هوندو آهي ...
3. مواد هميشه اهڙو هجڻ کپي جو نه فقط ڪارائتو، معلوماتي ۽ سماج سڌارڪ پڻ هجي ...
4. سنڌ کي ڪهڙي وقت ڪهڙي شئي جي ضرورت آهي ان وقت ۽ حالت کي سامهون رکندي مواد جي چونڊ ڪجي ته جيئن موقعي ۽ مناسبت سان ڳالهه ٿي وڃي ...
5. سائيٽ ۾ ڪجه موضوعن جي ڪمي لڳي ٿي جنهنکي پورو ڪجي ته شايد وڌيڪ ڪارائتي ٿيندي ... مثلن؛
أ. عورتن جو صفحو، جنهن ۾ حسن جا نقطا، لباس، ڀرت ۽ سلائيءَ جا نقطا، مهنديءَ جا نقطا ۽ سماج ۾ عورت جي اهميت جا نقطا وغيره
ب. سکيا جو صفحو؛ جنهن ۾ مختلف ڪمن جي باري ۾ معلومات ۽ هنري سکيا جا مضمون شامل ڪيا وڃن ته جيئن ان پاسي به ڪم ٿي سگهي جو انتهائي ضرور آهي ..
ت. مرض ۽ علاج جو صفحو؛ هي صفحو پڻ انتهائي اهم آهي جنهن ۾ مختلف بيمارين مطلق ڄاڻ ۽ انهن جي علاجن جا نسخا پوءِ اهي حڪيمي هجن يا يوناني هجن
ث. تعليمي صفحو؛ جنهن ۾ مختلف ڪورسن ۽ ڪاليجن مطلق ڄاڻ هجي ته جيئن ان پاسي واري رجحان ۾ فائدو ٿي سگهي ...
ج. ڪاروباري معلومات ۽ ڄاڻ وارو صفحو؛ هن صفحي ۾ سنڌ جي ڪاروباري ادارن جي ڄاڻ سان گڏ انهن ادارن جي مشهوري (قيمت به وٺي سگهجي ٿي) پڻ هجي ...
ح. حڪومتي ادارن ۾ نوڪرين حاصل ڪرڻ ۽ انهن ۾ موجود نوڪرين جي ڄاڻ وغيره
دوستو، هي ڪجه ضروري ڳالهيون هيون، شايد اوهانکي سٺيون لڳن يا بريون پر، دوستو اچو ته پاڻ ملهايون ۽ هڪ اهڙي سائيٽ جو جنم ٿئي جا مڪمل مسئلن تي ڪارائتي هجي ... صرف وقت پاس ڪرڻ وقت کي ضايع ڪرڻ جي برابر آهي ... اچو ته کس ڪم جهان پاڪ واري ترتيب ڏاهن وڌون ....