يار مست اُترادي سنڌي اني کا ڇانهين نه پر هنداڻو چوندا آهن، مان ته پهريان پريشان ٿي ويس ته آخر اِها ڇانهين بلا ڪهڙي آهي، غور ڪرڻ تي خبر پئي ته اڙي اِهو مئو ماريو هنداڻو آهي۔ هل ڙي هنداڻا تنهنجا ڀاڳ۔
تمام بهترين مست
ادا مست توهان جي هر شيئرنگ ۾ هڪ نئي نواڻ هوندي آهي
توهان جي اهڙي ئي تحريرن جي ڪري ته مان رات به 3 بجي تائين فورم تي موجود هوندو آهيان
سدائين گڏ
ادا مست توهان جي هر شيئرنگ ۾ هڪ نئي نواڻ هوندي آهي
توهان جي اهڙي ئي تحريرن جي ڪري ته مان رات به 3 بجي تائين فورم تي موجود هوندو آهيان
سدائين گڏ
فقير ٻيلي ڏاهو ٿي، رات جو ٽي بجي تائين بس اسان کي اڌ ۾ ڇڏي ڪري ڀڳو هليو ٿو وڃين۔ وهاب ويچارو صبح جي نماز به فورم تي ئي پڙهندو آهي، اگر يقين نه ٿو اچئي ته پڇ پنهنجي مست کان، يار وري وڏي ايڊمن کان۔
ادا منهنجا۔۔۔۔ حيدرآباد ته اتر ۾ نه آهي۔۔۔۔ هتي ڀلا ڇو ٿا ان کي ڇانهين چون۔۔ مان ته نوشهروفيروز ۾ به ان کي ڇانهين جي نالي سان ٻڌو آهي ته حيدرآباد ۽ دادو ۾ به۔۔۔
نه ادا اسان وٽ انهي کي هنداڻو ئي چوندا آهن، ٻيلي انهي کي هنداڻو ڪري لکندو ڪر، مان وري انهي کي چانهه سمجهي ويٺو هوس۔ =)) =)) =))
ادا منهنجا۔۔۔۔ حيدرآباد ته اتر ۾ نه آهي۔۔۔۔ هتي ڀلا ڇو ٿا ان کي ڇانهين چون۔۔ مان ته نوشهروفيروز ۾ به ان کي ڇانهين جي نالي سان ٻڌو آهي ته حيدرآباد ۽ دادو ۾ به۔۔۔
فقير ٻيلي ڏاهو ٿي، رات جو ٽي بجي تائين بس اسان کي اڌ ۾ ڇڏي ڪري ڀڳو هليو ٿو وڃين۔ وهاب ويچارو صبح جي نماز به فورم تي ئي پڙهندو آهي، اگر يقين نه ٿو اچئي ته پڇ پنهنجي مست کان، يار وري وڏي ايڊمن کان۔
تمام بهترين شيئرنگ ادا۔ ڇانهين لفظ مان پهرين دفعا ٻڌو آهي ۔ هتي ملير ۾ هن کي هنداڻي چوندا آهن۔ سنڌ سلامت فورم آهي معلومات جو خزانو۔
ادا ڀاء توهان اگر هنداڻو ٿا چئو ته اهو به غلط نه آهي، ۽ ڇانهين به غلط نه آهي، بس علائقي جي حساب سان الفاظ مٽجندا رهندا آهن جيئن اسان جو اهوئي دوست ممتاز شيخ شڪارپور وارو جوتن کي ( چپلن ) کي ڇٻا چوندو هو جڏهن ته اسان ڇٻا وري ان کي چوندا آهيون جنهن ۾ ڀاڄي وغيره وٺي وجهبي هئي ۽ مارڪيٽ مان ڀاڄي کان علاوه ٻيو سامان به کڻي اچبو هو هاڻي ته شايد اهي ڇٻا به ڪونهن رهيا، ۽ انهن جي جڳهه وري شاپنگ بيگ ورتي آهي۔ يا وري اسان جنهن تي ماني رکي ڪري کائبي آهي ان کي دٻڪي چوندا آهيون پر اهو دوست وري ان کي وري شايد ڀينڊي چوندو هو
باقي ادا توهان کي اگر چانهن جي طلب ٿئي آهي ته توهان لاء هي چانهيون ئي چانهيون حاضر آهن
![]()
![]()
![]()