جهازن جي ڪرتب ڏيکارڻ جو هڪ انٽرنيشنل مقابلو ٿي رهيو هو، هر هڪ ملڪ جي پائيليٽن پنهنجي جهاز جا ڪرتب ڏيکاري داد وصول ڪئي۔۔۔ اچانڪ هڪ جهاز اڏام ڪئي۔۔۔ مختلف ۽ حيرت انگيز ڪرتب ڏيکاري هن جهاز واري سڀني کي واهه واهه چوڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو۔۔ ڪڏهن اسپيڊ سان پاسو پئي مٽايائين ته ڪيڏي مهل پاسي سان اڏندڙن جهازن کي پرتي وڃڻ تي مجبور پئي ڪيائين۔۔۔۔ ته ڪيڏي مهل اسپيڊ ۾ صفا زمين سان لڳ پرواز پئي ڪيائين۔۔ ويٺل حاضرين سڀ پريشان ٿي ويا۔۔۔ غور سان ڏسڻ تي خبر پيو ته هي جهاز ته پاڪستان جو آهي۔۔۔ ڪرتب ڏيکارڻ کان پوءِ پائيليٽ کي اسٽيج تي گهرايو ويو۔۔ کيس تقريب ۾کٽيندڙ جو انعام مليو۔۔۔ ان کان بعد جڏهن سندس هنن ڪرتب ڏيکارڻ جي حيرت انگيز صلاحيت جو پڇيو ويو ته جواب ڏنائين هي ته منهنجو ننڍپڻ جو کيل آهي۔۔۔ ؟ ڇا توهان بچپن کان ئي جهاز پيا هلايو۔۔۔ جواب آيو۔۔۔؛ نه ۔۔ دراصل مان پهرين ڪراچيءَ ۾ مني بس هلائيندو رهيو آهيان۔۔۔۔
جواب: پهرين ڇا ڪندو هئين۔؟ هائو ادا مست ڊرائيور ۾ ور ته هوندا آهن جو انهن کي ظاهر ڪندو ته ماڻهو حيران ٿيندا۔
جواب: پهرين ڇا ڪندو هئين۔؟ هائو ادا اهي مني بس وارا اٿئي واقعي به ڪرتب باز ، اهڙي ٿا گاڏي هلائين ڄڻ هوا ۾ پيا هلن الله ڪا سمجهه ڏين باقي آهي ته ڏاڍو مشڪل سدائين گڏ
جواب: پهرين ڇا ڪندو هئين۔؟ اڙي ادا فقير، تون به پٺاڻڻ لئه سمجهه جي دعا پيو ڪرين ۔۔۔ مون ته ٻڌو آهي ته هڪ پٺاڻ مري ويو ته رشتيدارن خوشي ٿي ڪئي، ماڻهن کانئن پڇيو ته همراه مري ويو آهي ۽ اوهان خوشيون پيا ڪيو۔۔؟ رشتيدارن جواب ڏنو ته ڪوچا خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو ”دماغي بيماريءَ“ ۾ مئو آهي، مطلب ته هن وٽ دماغ هو ۔۔۔ “ دنيا جي سڀني ملڪن ۾ ٽرانسپورٽ هلندي آهي پر اسان وٽ ٽرانسپورٽ اڏرندي آهي ۔۔۔ قانون جي حۡڪمراني آهي ۔۔۔ بابلا سمجهي وڃو ۔۔۔۔
جواب: پهرين ڇا ڪندو هئين۔؟ ظاهر ڳالهه آهي جي توهان جهڙا فقير مارڪيٽ ۾ جام ٿيندا ته بسون هوا ۾ ئي اڏرنديون۔ ^^ ^^
جواب: پهرين ڇا ڪندو هئين۔؟ ادا واقعي ايئن ئي هوندو۔۔۔ رات جي وقت جڏهن مان گلستان ڪوچ ۾ چڙهندو آهيان ته ۔۔۔۔۔۔۔۔ هڪ ٻئي سان ريس لڳائيندي بسون اسل ڪلفٽل جي جهولي ڏيک ڏين مسافر ويچارا ڪڏهن اتر ڪڏهن اولهه ٽڪر لڳائيندا آهن۔ ۽ڊرائيور وري سڪون سان ويٺو گاڏي کي نچائيندو آ۔۔
جواب: پهرين ڇا ڪندو هئين۔؟ مهرباني دوستو۔۔۔! اسان وٽ اهي ته اهڙا ڊرائيور آهن جيڪي جگاڙ ٿيل گاڏين کي به اڏاريندا آهن۔۔
جواب: پهرين ڇا ڪندو هئين۔؟ ادا جڏهن اُها گاڏي اسٽارٽ ٿيندي آهي ته مسافر ڪلمه ۽ آيتون پڙهن شروع ڪنا آهن ۽ انهن جي لاءِ هڪ الڳ موٽرسائيڪل ته ٻهه ماڻهو تيار ٿيل هوندا آهن جيڪي پويان نٽ ۽ بُلٽ ميڙيندا ايندا آهن۔
جواب: پهرين ڇا ڪندو هئين۔؟ ادا توهان جي ئي ڪنهن سڃاڻون کان گاڏي اڏائڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي۔۔ باقي عام ماڻهن ۾ته ايتري وت نه آهي۔۔ ها ها ها