دوستو! ابراهيم منشيءَ جي وفات جي ڏهاڙي تي صنم مارئي سندس هي يادگار گيت ڳايو هو ۔۔۔ اوهان به ٻڌو http://www.youtube.com/watch?v=C_xr4p1I6GE
جواب: ابراهيم منشيءَ جو گيت ۔۔۔ صنم مارئيءَ جي آواز ادا ابڙا صاحب ابراهيم منشي صاحب جي شاعري جي ڇا ڳالهه ڪجي، سندس شاعري ۾ سنڌ محبت ته جرڪندي رهندي آهي، اهڙو پيارو ۽ اهڙو سنڌ دل وارو شاعر شايد ئي ڪو ٻيو هجي، دعا آهي ته رب پاڪ سندس اوڻايون معاف ڪري ۽ کيس جنت الفردوس ۾ جايون ڏئي، آمين۔ ابڙا صاحب توهان اهڙي ته ونڊ ڪئي آهي جو دل ۽ دماغ جهومي اٿيو آهي، جنهن لاء اوهان جي مهرباني ادا مون ڪجهه وقت پهرين منشي صاحب تي هڪ وڊيو رپورٽ ونڊ ڪئي هئي جنهن کي ڏسڻ لاء توهان هن عنوان تي ڪلڪ ڪريو۔ انقلابي شاعر محمد ابراهيم منشي جي سالگره رپورٽ
جواب: ابراهيم منشيءَ جو گيت ۔۔۔ صنم مارئيءَ جي آواز انتهائي لاجواب ٻول ۽ ڳائڻ جو انداز به بهترين ۔۔۔ سڀ کان اهم اهو جذبو هن گيت مان صاف نظر آيو جيڪو هر سنڌي کي پنهنجي ڌرتي ماتا لاءِ هجڻ گهرجي۔۔۔ اڄ سندن وفات ڏينهن کيس ياد ڪري توهان سنڌ سلامت جو حق ادا ڪري ڇڏيو۔۔۔۔ مون کي ياد آهي اهڙي ڀيٽا ڏيڻ جو سائين نثار ناز پڻ ذڪر ڪيو هو پر پٽ جي شادي ۾ سندس مصروفيت ڪري ڀيٽا ڏيڻ کان قاصر رهيا۔۔۔ اهڙي پيش ڪيش تي توهان جا لک لائق۔۔۔۔
جواب: ابراهيم منشيءَ جو گيت ۔۔۔ صنم مارئيءَ جي آواز اوهان دوستن جا وڙ جو اوهانکي هي گيت پسند آيو، هن گيت کي پسند ڪرڻ يا ٻڌي ڪجهه محسوس ڪرڻ اوهانجي اندر جي قومي جذبي جو ثبوت آهي ۔۔۔ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسين دوست پاڻکي سنڌ ۽ سنڌيت لا وقف ڪري ڪئي معرڪا فتح ڪري سگهونٿا ۔۔۔ هلبو ته منزل ويجهي ٿيندي ۔۔۔ شل سنڌ سدائين آباد هجي ۔۔۔ آمين