دوستو! ۔۔۔۔ خير سان اسان واري سائين نثار ناز جي موڀي پٽ محمد علي سمون جي شاديءَ جي دعوت جو ڪارڊ مون کي ملي چڪو آهي۔۔۔ پيارو دوست عبدالغفور سمون، اڄ منجهند جو ٽاڪ گرميءَ ۾ ڪارڊ ڏيڻ سان گڏ پنهنجو ديدار به ڪرائي ويو، وليمو 7 آگسٽ تي ٽنڊو محمد خان ۾ رٿيل آهي۔۔ هاڻي ڏسون ته اوهان دوستن مان ڪير ڪير ٿو شريڪ ٿئي۔۔۔ جيڪو دعوت ۾ ايندو اهو ٻڌائيندو وڃي۔۔۔ عبدالغفور سمون کان سبب پڇيم ته سائين نثار پاڻ ڇو نه آيو ته ادي عبدالغفور ٻڌايو ته سائين نثار ناز کي ڪاڪي ڪانڊيري ڏاڍو تنگ ڪيو آهي۔۔ ان جي مانيءَجو بندوبست ڪري يا توهان کي دعوت ڏيڻ اچي۔۔۔ سو توهان به خيال ڪجو۔۔۔ ڪاڪو ڪانڊيرو اڳئي اُتي موجود آهي۔۔ ۔
جواب: ڪير ڪير ٿو اچي۔۔۔ ادا هي سنڌ سلامت جي سرپرست اعلى جي پُٽ جي شادي آهي۔۔ سمجهو ته گهر جي شادي آهي ان ۾ دعوت جي ڪهڙي ڳالهه آهي۔۔ ۔يار ڪمال ٿو ڪري عاشق۔۔۔ تون ته اونئين مجبور رهندين ڀلي ڪيڏو به ڪنڌار ۔۔۔
جواب: ڪير ڪير ٿو اچي۔۔۔ ادا شڪاپور ۾ ٻوڏ واري صورتحال به آهي موسم به ڪجهه ٺيڪ ناهي پر وري به پنهنجي پوري پوري ڪوشش ڪبي الله پاڪ سڻائي ڪندو سدائين گڏ
جواب: ڪير ڪير ٿو اچي۔۔۔ ادا وحيد۔۔۔۔۔ يار ڪاٿي ڪچي جو ته نه آهين۔۔۔ مطلب ته پاڪستان به ڪيڏي نه ترقي ڪئي آهي جو ڪچي ۾ به انٽرنيٽ پهچائي ڇڏي اٿن۔۔ فقيرن جو ڀلو ٿي ويو۔۔
جواب: ڪير ڪير ٿو اچي۔۔۔ اوهان سڀ دوست جڏهن شادي ۾ پهچو ته منهنجي پاران به سلام، مبارڪون ۽ نيڪ تمنائون پهتيون ڪجيو، سڪ ۽ محبت مان جيڪو جتان به پهچي ته ضرور پهچي، هي عام سڏ آهي، مستن، مولائن، فقيرن ۽ درويشن لئه خاص بندوبست آهي ۔۔۔ آ ته سڀ کان مجبور آهيان، “ پرديسي” سو منهنجي طرفان معذرت به ۔۔۔ باقي جڏهن ميلو ٿيندو ته ڀاڪر به پائبا ته مبارڪون به ڏبيون ۔۔۔ سڪ جو سڏ آهي ۔۔۔ ڪاڪو آچار ته اڳ ئي پهچي چڪو آهي بس اوطاقي ويندا ته ميلو لڳندو ۔۔۔
جواب: ڪير ڪير ٿو اچي۔۔۔ رڳو ڪوڙ پيو هڻجانءِ ٻيو ڪو ڪم ئي ڪونه اٿئي۔ ٻيلي ڪجهه ته خيال ڪر، ائين نه منهجي صلاح اٿئي، جي ٻڏين يا ترين پر سائين جي شاديءَ تي ضرور وڃجاڻءِ، اگر جي نه ته پوءِ ڀت برادري ختم، باقي ناشتو ڪرڻ ضرورو اچبو۔
جواب: ڪير ڪير ٿو اچي۔۔۔ دوستو هيئنر لاڙڪاڻي ۾ ويٺو آهيان ڏاڍو مينهن ٿو وسي دعا ڪريو الله خير ڪري باقي جيئن موقعو مليو ته ضرور حاضر ٿبو سائين جن مونکي زباني دعوت ڏني آهي
جواب: ڪير ڪير ٿو اچي۔۔۔ سائين جن سڄي سنگت جي نالي چيو آهي۔۔ جيڪو به سنڌ سلامت جو ميمبر هجي، اچي پهچي۔۔ ڏسان مان سڀاڻي ڪارڊ اسڪين ڪري اپلوڊ ڪري ڇڏيندس۔۔ پوءِ ته واقعي سڀني کي دعوت ملي ويندي۔۔
جواب: ڪير ڪير ٿو اچي۔۔۔ واهه۔۔ واهه مطلب ته جوڙ جو جوڙ اچي ويو۔۔ :-?? ڀلي ڳالهه ٿي وئي، ڪاڪي ڪانڊيري مان جان ڇٽي۔۔۔۔ 10 چڪين جو اٽو سندس هڪ ويلو مس ٿيندو هو۔۔