• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪوهستاني وڻن ۽ ٻوٽين جا نالا شاعريءَ ۾

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
ڪوهستاني وڻن ۽ ٻوٽين جا نالا شاعريءَ ۾​
امير بخش رند ڪوهستاني سُگهڙ

اول نالو الله جو مالڪ ڌڻي ملڪن

قادر جي قدرت جا عجب رنگ آهن

ارڙهن هزار مخلوق پيدا ڪيائين سڀئي پنهنجي چال چلن

صدقي سيد جي خلقيائين اعلى ذات انسانن

مؤمن جو شان ملائڪن کان مٿي آهي ناهي جاءِ جنن

شعر شغل مون ڇڏي ڏنا، ٿيس پوڙهو پيرسن

شابس هجي شيخ کي جنهن وري مست ڪيو منهنجو من

هاڻي محفل ٻڌايان ٿو ملوڪن کي سگهڙ مان سڻن

درخت ڳڻيان ڪوهستان جا واکاڻ ڪريان ٿو وڻن

ڪرڙ ڪنڊو ڪهيرو لئي لاڻو جهليا لال گل لوهيڙن

اڪ ٿوهر، ٿوج، کاري جتي کٻڙ پيا کلن

موئو کنور، گگر، جهليو ڀانڱو پائيڙن

ڳاڱو، ڳاڱي، ليهار، انجير، ڪڍيا ڳاٽ ڳارٽين

ٻٻر، پپر، ورينگڻ، ٽاڪار آهي ها ڪ گهڻون حاجوئڙن

آساندڙو، پهڻيرو عرف گولو ڪهولهو بڙ سهڻا پير سندا، پن

جور بهڻ شيش کيرول ويتر آهن ويکا لکين ليسوڙيون لهن

سرنيهه ٽالي، آمري، دپئي ، نم جهليا ڦل ڦوڳن

بيدمشڪ شيهڪ ، ڪرهل،ڪرهه لاٽ لکيوسين لاڻين

کجي، هر ، ٻٻري، هيرڻ جهليا گل گولاڙن

جهل شنهار کپ کيپو ٻيا ٻوٽا گهڻا ٻوهن

پنير زامر ڪڍيو ڪورڙ پٽ پون

گورگو نازبوءِ هاق گهڻو هَجَهن هجن

ڊنو ڊاماهو، ڏسو ڌنار ٻوٽي ابت ڪنڊڙي جو درسن

ڦيش پڙوال، ايريا، موريا منگها مٿي مينهن

ڌاتورو کرسڻ، ڪانڊيرو، پهاڙي وڻ ووڻن

ٻوڙا کڻينداسين، ٻئي واريءَ ۾مونکي سوين ٿا سجهن

جڙيون ٻوٽيون اسان جي جُوءِ ۾ لکين لڀن

عجيب جانور امير چئي هن راهيڙ ۾ رهن

جڏهن بارشون ٿيون برسن ته ٿئي ٿو مزو اسان جي ملڪ ۾

 
جواب: ڪوهستاني وڻن ۽ ٻوٽين جا نالا شاعريءَ ۾

جيو ممتاز جيو تمام بهترين ونڊ ڪيو آهي توهان، اصل سڄن ئي ٻوٽين جا نالا کڻي بيان ڪيا اٿس۔
 
Back
Top