ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سليماني ٽوپي ۽ رشيد سمون صاحب
ادا رشيد سمون صاحب ( منتظمِ اعلى سنڌ سلامت ) توهان جا ڪهڙا حال آهن ۽ ڪهڙي دنيا ۾ گم آهيو، توهان سان هڪ ته اهيا شڪايت آهي ته توهان فورم تي تمام گهٽ ظاهر ٿا ٿيو هڪ ته توهان هاڻي اهڙو ڪو جادو ڪيو آهي جو توهان سنڌ سلامت تي لاگ ان ٿيڻ کان پوء به ظاهر ڪو نه ٿا ٿيو، ۽ اسان کي ( ميمبرن ) خبر به ڪا نه ٿي پوي، شايد توهان سليماني ٽوپي پاتي آهي جو توهان ته سڀني کي ڏسو ٿا ته ڪير آيو ۽ ڪير ويو، يا هيئر ڪير ڇا ڪري رهيو آهي، ۽ ڪهڙي تحرير پڙهي رهيو آهي وغيره وغيره پر اسان کي ته توهان جي حاضري جي به خبر نه ٿي پوي، جڏهن ته پهرين توهان جي لاگ ان ٿيڻ جي به خبر پوندي هئي پر هاڻ ته اصل ڪونه ٿي پوي، آخرڪار ڇو۔؟