• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

يو، آر، ايل لنڪ کي ڪنهن به اميج ۾ شامل ڪرڻ !!!!

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت فورم جا دوستو السلام عليڪم
سنڌ سلامت فورم تي حسب روايت سکيا ڏيڻ جي عمل کي اڳتي وڌائيندي مان اڄ توهان کي يور، آر، ايل ۾ ڪا به تصوير شامل ڪرڻ بابت سيکاريندس سو اچو ته باقائده سبق اسٽارٽ ڪريو
يو آر ايل ۾ تصوير شامل ڪرڻ مطلب ته يو آر ايل ظاهر نه ٿئي جنهن تصوير ۾ يو آر ايل شامل ڪجي ان تصوير ته ڪلڪ ڪرڻ سان ان سائيٽ يا ڊائونلوڊنگ جي لنڪ تي پهچي وڄجي
سڀ کان پهريائين هڪ عدد اميج جي تصوير هٿ ڪريو پو۽ ان تصوير کي ڪنهن به سائيٽ تي اپ لوڊ ڪريو مان ته هيمشه اميج شيڪ تي تصويرون يا اميج اپ لوڊ ڪندو آهيان
www.imageshack.us
اميج اپ لوڊ ڪرڻ کان پو۽ ان جي لنڪ نوٽ پيڊ تي سيو ڪري ڇڏيو اهو انهي لا۽ ته توهان جڏهن به وري ٻيهر اهو اميج شامل ڪرڻ چاهيو ته ساڳئي ئي اميج يو آر ايل توهان جي ڪم اچي
هاڻي وري توهان ان سائيٽ يا ڊائونلوڊ لنڪ جنهن جي يو آر ايل اميج ۾ شامل ڪرڻ ٿا چاهيو ان کي ڪاپي ڪري تصوير ۾ ڏيکاريل جڳهه تي پيسٽ ڪري اوڪي جو بٽن دٻايو
17588678.jpg

هاڻي وري توهان جيڪو اميج توهان اپ لوڊ ڪيو آهي ان اميج جي يو آر ايل هن تصوير ۾ ڏيکاريل جڳهه تي پيسٽ ڪريو
65312251.jpg
ساڳئي ئي نموني سان ان بٽن کي به اوڪي ڪري ڇڏيو ان صورتحال کان پو۽ توهان کي هن طرح جي لوڪيشن ڏسڻ ۾ ايندي

yyyu.jpg

پو۽ وري توهان ان کي سينٽر تي رکڻ ٿا چاهيو ته ان کي سينٽر تي رکڻ لا۽ ان سڄي ڪوڊ کي سليڪٽ ڪري مٿي
ڄاڻيل بٽن (اکرن کي وچ تي رکو ) تي ڪلڪ ڪري ڇڏيو هاڻي توهان جي لنڪ تيار آهي هاڻي ڏيکاريل تصوير تي ڪلڪ ڪرڻ سان ڪو به ميمبر ان متعلقه سائيٽ تي پهچي ويندو
ڏسو هي رزلٽ

(نوٽ) ڪڏهن ڪڏهن هتي يا وري مختلف فورمس تي پهريائين اميج يو آر ايل ڏيبو آهي بعد ۾ وري سائيٽ يو آر ايل )

دوستو مون جي ٿريڊ توهان کي ڪيئن لڳو پنهنجا قيمتي رايا ضرور ڏيندا

سدائين گڏ

دعا ۾ ياد
 
جواب: يو، آر، ايل لنڪ کي ڪنهن به اميج ۾ شامل ڪرڻ !!!!

واهه جو ڪم ڪيو اٿئي ۔۔۔ ڪجهه ڏينهن اوهان مونکي ساڳي ڳالهه سمجهائي هئي پر وقت گذرڻ سان هڪ نالائق شاگرد جيئان وسري وئي هئي ۔۔۔ پر اڄ وري ياد اچي وئي آهي ۔۔۔ لک ٿورا
 
سائين توهان جي قرب جو توهان مون فقير جي ٿريڊ ۾ ريپلائي ڪيو

سنگت جي ڪافي اسرار تي ئي هي ٿريڊ لکيو آهي

پسند ڪرڻ جي مهرباني سائين

سدائين گڏ
 
جواب: يو، آر، ايل لنڪ کي ڪنهن به اميج ۾ شامل ڪرڻ !!!!

فقير سائين اوهان جي مهرباني تمام بهترين سمجهاڻي آهي الله تعالى توهان کي خوش رکي. سدا آباد هجو شال.
 
جواب: يو، آر، ايل لنڪ کي ڪنهن به اميج ۾ شامل ڪرڻ !!!!

واه واه ڏاڏو سٺو آهي توهان جو ٿريد
 
جواب: يو، آر، ايل لنڪ کي ڪنهن به اميج ۾ شامل ڪرڻ !!!!

سائين توهان جي قرب جو توهان مون فقير جي ٿريڊ ۾ ريپلائي ڪيو

سنگت جي ڪافي اسرار تي ئي هي ٿريڊ لکيو آهي

پسند ڪرڻ جي مهرباني سائين

سدائين گڏ

بس سائين اوهين وڏا ماڻهو آهيو۔۔ ايئن ئي ته ڪو ڪم نه ڪندو نه۔۔۔
 
جواب: يو، آر، ايل لنڪ کي ڪنهن به اميج ۾ شامل ڪرڻ !!!!

فقير سائين اوهان جي مهرباني تمام بهترين سمجهاڻي آهي الله تعالى توهان کي خوش رکي. سدا آباد هجو شال.

سائين ،

اهي توهان جون دعائون ئي آهن ته مان ايترو لکي رهيو آهيان باقي فقير کي ايتري طاقت ئي ناهي جو ڪجهه لکي سگهي

سدائين گڏ
 
جواب: يو، آر، ايل لنڪ کي ڪنهن به اميج ۾ شامل ڪرڻ !!!!

مهرباني فقير سائين، سٺي سمجهاڻي آهي. جزاڪ الله
 
جواب: يو، آر، ايل لنڪ کي ڪنهن به اميج ۾ شامل ڪرڻ !!!!

مهرباني فقير سائين، سٺي سمجهاڻي آهي. جزاڪ الله

اصل ۾ مون کي مهرباني ته توهان کي چوڻ کپي جو توهان فورم کي اهڙو بهترين ٽيمپليٽ پارائڻ ۾ مدد ڪئي آهي ۽ هر دفعي سان توهان جو فورم کي اپ ڊيٽ ڪرڻ ۾ مکيه ڪردار رهيو آهي ان محنت تي توهان جي جيتري به ساراه ڪجي سا گهٽ ٿيندي

سدائين گڏ
 
Back
Top