الله جو وٺي نانءُ خوشي اڄ ملهايون، سڄڻ ساري سنڌ مان اسين سڀ گهرايون
پتيون گل گلابي ڇٽائي ڇنن ۾، ائين ڪاج پنهنجو سمورو سجايون (نثارناز)
پتيون گل گلابي ڇٽائي ڇنن ۾، ائين ڪاج پنهنجو سمورو سجايون (نثارناز)
مانوارا سنڌ سلامت جا تمام مهربانو ۔۔۔ اسلام عليڪم۔۔
دوستو ۔۔! سائين نثار احمد ناز سنڌ سلامت فورم جو پڳدار پنهنجي دلبند فرزند جي شادي جي خوشي ۾ سمورين بشمول عام، انتظامي ۽ مهمان طور ايندڙ رڪنن کي دعوت وليمه جو ڪوٺ ڏئي ٿو۔۔۔
سائين نثار ناز جو وڏو ۽ پهريون پٽ ”محمد علي سمون“ گهوٽ بڻجڻ وارو آهي ۔۔۔ ٻين لفظن ۾ اهڙي ڏينهن جو انتظار پاڻ ورهين کان ڪيو هيائون۔۔۔ سندن خوشي ۾ هوئن ته سنڌ سلامت فورم جو پورو سَٿ شامل آهي ۔۔۔ پر اهي دوست جيڪي ڪاڄ ۾ شريڪ ٿي سگهن پاڻ انهن کي آڌر ڀاء ڪرڻ لاءِ رستن تي گلن جي ورکا نيڻ وڇائيندي ڪندا۔۔
ان سلسلي ۾ سندن دعوت جو ڪارڊ سمورن رڪنن لاءِ حاضر آهي۔۔۔

نوٽ؛ سائين نثار ناز هي ڪارڊ مون کي ڏيندي ڪاڪي آچار جي اوطاقين تائين دعوت نامون پهچائڻ جي خاص درخواست ڪئي هئي۔۔۔