السلام عليڪم۔۔۔ پنهنجي ڪمپيوٽر جي اندر جيڪڏهن توهان switch User جي آپشن کي بلاڪ ڪرڻ ٿا چاهيو ته پوءِ هيٺيان عمل ڪريو۔۔ ڪنٽرول پينل کوليو۔۔۔ يوزر اڪائونٽس جي سيٽنگ وارو حصو کوليو۔۔۔ Change the Way User Logon and Logoff تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ هاڻي هيٺ ڏنل تصوير جيان ونڊو کلي ايندي۔ هن ۾ ٻئين نمبر آپشن Use Fast User switching جي آپشن تان ٽڪ مارڪ هٽايو۔۔ اپلائي آپشن جو بٽڻ دٻايو۔۔۔ هاڻي نتيجا ڏسو
جواب: Switch User جو آپشن بلاڪ ڪريو۔۔ ادا مست جنهن به شاگرد سنڌ سلامت جوائن ڪئي اصل دعائون ڪندو۔ ڇوته بي حساب ۽ املهه علم ونڊيو وندو آهي۔ سنڌ سلامت جي دوستن جي سمجهاڻي شاگردن جي ڪمپيوٽر سينٽر جا پئسا بچائي وڌا آهن۔ اهڙي ٽيڪنيڪل معلومات ٻيلي هر دفعي ونڊجان ته مون جهڙا سيکڙاٽ جلدي سکي پون۔