مست
سينيئر رڪن
دوستو! جيئن ته اسلام ۾ موسيقي جي ممانعت ٿيل آهي ۽ حرام قرار ڏنل آهي، پر مغربي ماڻهن مطابق ته موسيقي روح جي غذا آهي ۽ انسان کي ريجهائي ٿي۔۔۔
هاڻي مغرب جي پنهنجي تحقيق موجب موسيقي ٻڌڻ سان حافظي يعني ياد ڪرڻ جي سگهه متاثر ٿئي ٿي۔۔ خاص طور تي ڪم ڪرڻ مهل ۽ پڙهڻ مهل موسيقي ٻڌڻ ذهن لاءِ تمام خطرناڪ آهي۔۔ ان سان گڏوگڏ ڪنهن ڳالهه تي توجهه مرڪوز ڪرڻ واري قوت (قوت ارتڪاز)پڻ متاثر ٿئي ٿي۔۔
برطانيه جي يونيورسٽي (يونيورسٽي آف ويلز انسٽي ٽيوٽ) جي تحقيق مطابق ته جيڪڏهن پڙهائي دوران يا ڪم ڪار دوران موسيقي ٻڌي وڃي ٿي ته اها حافظي جي قوت کي مستقل طور تي نقصان پڄائي ٿي۔ انسٽيٽيوٽ جي ماهرن 18 کان 30 سالن جي عمر جي 25 مختلف ماڻهن کان ميوزڪ ٻڌڻ جي دوران مختف سوال ڪيا، جنهن مان سندن ياداشت جو امتحان ورتو ويو۔ تحقيق سان معلوم ٿيو ته انهن ماڻهن جڏهن موسيقي ٻڌڻ کان سواءِ سوالن جا جواب ڏنا ته انتهائي توجهه ۽ يڪسوئيءَ سان جواب ڏنا پر جڏهن موسيقي جي دوران انهن کان سوال ڪيا ته نتيجا انتهائي مايوس ڪندڙ نڪتا۔۔۔