نثارابڙو
نائب منتظم
نوٽ؛ عمر ڪوٽ تي ادي جهانداد به هڪ ليک موڪليو هو جيڪو شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو لکيل هو؛ هيٺ لنڪ ڏنل آهي
http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=334
________________________________________
سنڌ جي تاريخ سان جيترو ظلم ڌارين ڪيو آهي ان کان به شايد وڌيڪ ظلم ۽ اک ٻوٽ اسان پاڻ سنڌين ڪئي آهي، اسين سنڌ واسي سنڌ جي تاريخ کي محفوظ رکڻ ۾ تمام بري نموني سان ناڪامياب ٿيا آهيون، اڄ به سنڌ جا بچيل سچيل تاريخي ماڳ مقام ختم ٿيندي نظر اچي رهيا آهن ۽ نالي ماتر موجود ادارا پنهنجون پگهارون پوريون ڪري آرام جي ننڊ ڪري رهيا آهن .... پر ڇا ڪجي اسين سنڌي ظلم برداشت ڪرڻ جا عادي ٿيندا وڃون ۽ هاڻ اسانجي مٿي تي جونءَ به نٿي چري ...
مغلن جي زماني جو ٺهيل عمر ڪوٽ يا امر ڪوٽ اڄ به تاريخ جا اهڃاڻ ظاهر ڪري رهيو آهي پر معمول جيئان اهو ڪوٽ يا قلعو پڻ اسانجي بي حسيءَ سبب ختم ٿيندو نظر اچي رهيو آهي ... قلعي جو گهڻو تڻو حصو ڀنڃ ڊاهه جو شڪار آهي، ڪيترن پاسن کان ديوارون ٽٽي ڦٽي ختم ٿي ويون آهن ... ۽ ڪيترن با اثر ماڻهن قلعي جي زمين تي قبضو پڻ ڪري ورتو آهي ...
عمر ڪوٽ عظيم ٿر جو دروازو آهي، ۽ هند سنڌ جي اوڀر واري پاسي کان هڪ اهم قلعو ۽ شهر آهي، هن وقت عمرڪوٽ جو شهر ضلعي جو مکيه هيڊ ڪوارٽر آهي. هي شهر سنڌو درياهه جي واهن ۽ ٿر جي وارياسن دڙن جي وچ ۾ هڪ انتهائي وڻندڙ جڳهه تي موجود آهي ...
تاريخ جي حوالي سان مغل بادشاه همايون جڏهن شير شاه سوريءَ کان شڪست کائي ڀڳو ته عمر ڪوٽ جي ڀر ۾ آيو جت کيس سنڌ جي هندو راجا کيس پناهه ڏني، همايون جي گهر ۾ هندستان جو مشهور ۽ وڏو بادشاه اڪبر پئدا ٿيو ۽ اڪبر بادشاه جي پئدائش واري جڳهه تي اڄ به ڳاڙهين سرن سان هڪ چبوترو يادگار طور ٺهيل آهي ...
اڄ به عمر ڪوٽ ۾ مغلن جي دور جون ڪجهه يادگار ميوزم ۾ رکيل ملن ٿيون جن ۾ سڪا، تلوارون، بندوقون، توبون، ڍالون ۽ ٻيون شيون اچي وڃن ٿيون ... جي به وقت سان گڏ چوري ۽ بي ايمانيءَ جي ور چڙهنديون رهن ٿيون ...
ڪڏهن اهڙو ڏينهن ايندو جو اسين سنڌي پنهنجي تاريخ کي محفوظ ۽ ڏسڻ جهڙو ٺاهي سگهنداسون ....؟؟؟؟ ڇا اهو سوال هميشه اسانجي ذهن ۾ رهندو...؟؟؟