ادا ٻروچ سائين! ڳالهه ته اوهانجي بلڪل سهي آهي، ۔۔۔ پر منهنجا ڀاءُ آءُ ته پاڪستان جي مخالفت ڪيان ئي نٿو، آءُ ته سچ ٿو چوان ۔۔۔
پاڪستان اسانجي وڏن ٺاهيو، کانئن غلطي ٿي وئي پر ۔۔۔ هل ڀلا ٺهي ويو آهي ۽ جي ان ۾ انصاف ميسر هجي، ڪنهن جا حقوق نه ماريا وڃن ۽ قومن کي پنهنجي حق خود اراديت ڏنو وڃي، حقيقي دين رائج ڪجي ۽ ترقيءَ جا ڪم ٿين ۽ قومن جا وسيلا ناجائز استعمال نه ڪيا وڃن، ايترو ورتو وڃي جيتري جي ضرورت هجي، قومن کي تعليم، صحت، روزگار ۽ وسائل ملن ته ڀلا پاڪستان سان ڪهڙي دشمني ۔۔۔!!!
ڪنهن به شئي سان وفاداري، پيار يا ان سان جان نثاريءَ واري جذبو ائين هروڀرو ته پئدا ناهي ٿيندو؟ پاڪسستان ته هڪ هٿرادو ٺاهيل ملڪ آهي ۽ ڪو قرآن يا حديث جي پئداوار ته ناهي جو چئجي ته يار! پاڪستان جي نظام خلاف ڳالهائينداسون ته ڪافر ٿي وينداسون ۔۔۔!!!
ادا سائين! ٻي ڳالهه ته چوڻ چوڻ جو انداز به الڳ الڳ هوندو آهي ۔۔۔ ساڳي ڳالهه ڪرخت لهجي ۾ به ڪري سگهجي ٿي جيڪا ڪنهن کي سمجهه ۾ نه ايندي ۽ ساڳي ڳالهه سمجهه واري انداز ۾ ڪبي ته ممڪن سمجهه ۾ به اچي ۽ دوست متفق به ٿين ۔۔۔
سچ چئو ۽ اهڙو چئو جيڪو چوڻ جهڙو هجي ته ان ۾ ڪو نقصان ناهي ۔۔۔ باقي جي اوهان منهنجي وات تي به ٺپو هڻي ڇڏيو ته اوهانجي مرضي، دوستن سان دوستي آهي ۔۔۔ حق سچ جي ڳالهه چئبي جيستائين چئي سگهياسون ۔۔۔
ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ پوءِ به نعرا نينهن جا ۔۔۔
رب اسانکي سمجهه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين