• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ذهانت شرط آهي۔۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
96778419.jpg

هن طرح چپلين جو مالڪ اهو خوب ڄاڻي ٿو ته انهن جون چپلين کي چورائجي ته سگهجي ٿو پر ان کي چورائڻ وارو چور انهن کي استعمال نه ٿو ڪري سگهي۔۔۔۔۔۔
اسان جي پاڙي واري ملڪ هندستان ۾ هرشهر ۾ مسجد، مندر يا وري گرجا گهر ته ملندو ئي ملندو جتي وڃڻ لاءِ چپل لاهڻي پوندي آهي۔۔۔۔ پر چپلين جي چوري ٿيڻ واري شڪايت وڌڻ کان پوءِ اتي هڪ نئون رواج وڌي رهيو آهي۔۔۔۔۔ جي ها مٿين تصوير مطابق چپل جي حفاظت لاءِ ٻنهي چپلين کي تالو لڳايو ويندو آهي جنهن سان ماڻهن کي لطف به ايندو آهي ۽ انهن چپلين کي ڪو چوري به نه ڪري سگهندو آهي۔۔۔۔۔
 
ادا رشيد ڪجه به هجي يار ڪا ته ضرور ٽڪ هوندي ان تالي کي کولڻ لاء ادا اه به ٻڌاء نه يار وسي يار 5 مهينا پهريان مهنجو خانپور ڪٽورا پنجاب وڃڻ ٿيو هو سو ريل مان لٿس ته صبح جي نماز جو ٽايم ٿي چڪو هو اسٽيشن کان ٻاهر نڪتس ته هڪ مسجد نظر آئي مان نماز پڙهڻ لاء چپل لاهي مسجد ۾ هليو ويس مون ان ئي ڏينهن بلڪل نئي چپل ورتي هئي مان جڏهن واپس آيس ته مون واري نئي چپل جي جاء تي هڪ مهنجي قد کان به وڏي چپل پئي هئي ادا ڏاڊو ڳولهيم پر ان ڏينهن چور جو ڀاڳ مٿي هيو سو چپ ڪري اها چپل پاتم ۽ دل ئي دل ۾ الله تعالي کي چيم ته مالڪ نماز پڙهڻ جي ڏاڍي ڀلي سزا ڏني اٿئي
پر جي اها ٽل مون کي به اچي هاته مهنجي چوري نه ٿئي ها ادا اڄ کان پوء مان به تالو وٺي ٿو ڇڏيان
مهرباني مٺا شيئرنگ جي پر يار اهڙي تاج چپل کي تالو هڻن بيڪار آهي مون جهڙيو اٻوجه سٽ ڏئي اصل ڪهي ئي ڪڍي وجهندو ۽ تالو ڪڍي وري ڪهي وجهي چڏيندو ها ها ها
 
محترم سائين، جيڪڏهن ادا علي علي جي علائقي وارن چورن کي اهڙي تالي واري جتي تي نظر پوين ته انهي مهل چپل جا نُڪا ڪڍي تالو الڳ ڪري، تالي کي کيسي ۾ وجهي، ٻيهر چپل جا نڪا لڳائي، ڀلي ته اصل انهي مالڪ جي سامهون اها ئي جتي پائي بيهن تڏهن به انهن کي ڌپو ئي ڪونه پوندو،
باقي ٻيو ته سائين انهي چور لاءِ ته اصل سوني تي سهاگا واري ڪم آهي تالو به ته جتي به۔۔۔۔۔۔۔۔
 
ادا لڳي ٿو ته تو به اهڙيون پنج ڇه جتيون ضرور کنيون هونديون باقي اسان جي علائقي وارا اهڙيون هلڪيون فلڪيون چوريون ڪن ئي ڪون پر يار مون کي هڪڙي چوري ڪرڻي آهي پوء ڪڏهن ٿو داء لڳي اهو نصيب تي آهي ته ادا مون کي رشيد وارو پنجن ڪلن وارو اهو بوٽ چورائڻو آهي ادا ساٿ ڏيندين نه مهنجو ؟؟
 
ادا لڳي ٿو ته تو به اهڙيون پنج ڇه جتيون ضرور کنيون هونديون باقي اسان جي علائقي وارا اهڙيون هلڪيون فلڪيون چوريون ڪن ئي ڪون پر يار مون کي هڪڙي چوري ڪرڻي آهي پوء ڪڏهن ٿو داء لڳي اهو نصيب تي آهي ته ادا مون کي رشيد وارو پنجن ڪلن وارو اهو بوٽ چورائڻو آهي ادا ساٿ ڏيندين نه مهنجو ؟؟

ڇو نه ادا ضرور يار، پر انهن پنجن ڪلن واري بوٽ جي لاٌءِ ڪو مزدور ڪرڻو پوندوءِ،
 
ڇو نه ادا ضرور يار، پر انهن پنجن ڪلن واري بوٽ جي لاٌءِ ڪو مزدور ڪرڻو پوندوءِ،

:D :D :D

shabashshabash
asul matt
asul matt
:D
:D
يار مون کي ته کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجي ويو آهي سچ چيو اٿئي يار پر مزدور به عام مزدور نه يار اهڙو کپي جيڪو ان بوٽ جي بوء به سهي سگهي ڪٿي دم نه گهٽجي وڃيس :D
 
Back
Top