سنڌ سلامت واسيو السلام عليڪم،
ڪالهه ڪمپيوٽر تي مزي سان ويٺو هوس ته اسان جو محترم سائين رحيم بخش صاحب سهڪندو آيو، اچي فليش ڊرائيو منهنجي سامهون رکي ڪري ڪاوڙ ۾ چيائين ته ادا هن ۾ ڪالهه مون هڪ فولڊر ڪاپي ڪيو هو سو هاڻي نه فولڊر آهي ۽ نه ئي ڪجهه ٻيون فائلون مان ته پريشان ٿيو آهيان. بس مونکي پنهنجون فائلون واپس آڻي ڏي چاهي ڇا به ٿي پوي. مون چيو ته فائل گم ٿي وئي هوندي. اڙي ادا مون وٽ فولڊر آپشن ئي ڪم نه ٿو ڪري هاڻي انهي جو ڇا ڪجي. بس ڪجهه ڪر نه ته فليش ڊرائيو کي ڀِت ۾ ٿو هڻانس. حسبِ روايت مسڪرائيندي چيو مانس ته سائين پريشان ٿيڻ جي ضرورت ئي ناهي.
ساٿيو، اسان سان اڪثر ايئن ٿيندو آهي جو، اسان جي فليش ڊرائيو ۾ فائيل ۽ فولڊر موجود هوندي به اسان کي نظر نه ايندا آهن، ۽ اسان کي لڳندو آهي ته اسان جي فائيلون ڊليٽ ٿيل هونديون آهن پر جڏهن فليش ڊرائيو جي پراپرٽيز کي چيڪ ڪندا آهيون ته اُها اسان کي ڀريل نظر ايندي آهي.
اهو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن اسان فليش ڊرائيو تي ڪو وائرس حملو ڪندو آهي انهي جو حل ونڊوز جي طاقتور ڪمانڊ ٽول (ڊاس) ۾ موجود آهي.
1. سڀ کان پهريان ڊاس ڪمانڊ پرامپٽ کوليو وڌيڪ هي تصوير ڏسو.
يا وري اسٽارٽ مينيو تي ڪلڪ ڪري رن ۾ وڃي ڪري cmd لکي ڪري انٽر ڪريو ته توهان جي سامهون هيٺين اسڪرين ظاهر ٿيندي.
هاڻي توهان ڪمانڊ پرامپٽ ۾ هيٺين ڪمانڊ لکو ۽ انٽر ڪريو
ATTRIB: .ڊاس جي هن پاورفل ڪمانڊ جي ذريعي توهان پنهنجي فائيلن ۽ فولڊرن کي لڪائي ۽ ڏسي سگهو ٿا.
هتي H: منهنجي فليش ڊرائيو آهي ٿي سگهي ٿو توهان وٽ مختلف هجي، سو انهي ڊرائيو جي نالي کي پنهنجي سسٽم جي حساب سان تبديل ڪندا رهو، نه ته ٻي صورت ۾ ڪمانڊ ڪم نه ڪندي.
توهان جي اسڪرين ٿوري دير لاءِ ڪرسر ٽمڪندو (بلنڪ) ڪندو رهندو ۽ اُن کان پوءِ پهرين واري حالت ۾ واپس اچي ويندو

Attrib -h -r -s h:\*.* /s /d